مواد ڏانھن هلو

تخلص

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قلمي نالو يا تخلص (Pen name) عربي جي لفظ ”خلاصة“ مان نڪتو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي، مختصر يا ننڍو. اصطلاحي معنيٰ موجب، ”تخلص“ (Takhalus) شاعر جو ننڍو نالو هوندو آهي، جيڪو هو سڃاڻپ لاءِ شعر يا نظم جي آخري بند يا آخري سٽ ۾ ڪم آڻيندو آهي.[1] مطلب تہ ”تخلص“ هڪ شاعراڻو نالو آهي، جيڪو شعر جي پڇاڙيءَ ۾ ڪتب آندو ويندو آهي. سنڌي اديب ۽ شاعر پنهنجي لکڻين ۾ تخلص ڪتب آڻيندا آهن. مثال طور شيخ اياز (مبارڪ علي شيخ)، استاد بخاري (احمد شاھ بخاري)، تنوير عباسي (نور نبي)، امر جليل (قاضي عبدالجليل)، تاجل بيوس (تاج محمد سمون) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. [2]

قلمي نالو ڪجهہ اديب پنھنجو اصلي نالي بجاءِ تخلص استعمال ڪندا آهن ۽ ادبي نالو اختيار ڪندا آهن، ان کي قلمي نالو چيو ويندو آهي، جيئن سنڌي ۾ تنوير عباسي جو اصل نالو نور نبي هو. استاد بخاريءَ جو اصل نالو احمد شاھ بخاري هو وغيره.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  3. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.