نڪاح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

عربن ۾ آڳاٽي زماني کان نڪاح جا مختلف طريقا هلندڙ هئا. قرآن جي سورہ النساء جي آيت 3 ۾ نڪاحن جي حد چئن تائين مقرر ڪئي وئي.

وَإِنْ خِفْتُمْ أَلَّا تُقْسِطُوا فِي الْيَتَامَىٰ فَانْكِحُوا مَا طَابَ لَكُمْ مِنَ النِّسَاءِ مَثْنَىٰ وَثُلَاثَ وَرُبَاعَ ۖ فَإِنْ خِفْتُمْ أَلَّا تَعْدِلُوا فَوَاحِدَةً أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ ۚ ذَٰلِكَ أَدْنَىٰ أَلَّا تَعُولُوا
ترجمو:۽ جيڪڏھن ڊڄو تہ يتيم ڇوڪرين (جي نڪاح ڪرڻ) ۾ عدل نہ ڪندؤ تہ (ٻـين) زالن مان جيڪي اوھان کي وڻن سي ٻہ ٻہ ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پرڻجو، پوءِ جيڪڏھن ڊڄو ٿا تہ اوھان کان انصاف ٿي نہ سگھندو تہ ھڪ (پرڻجو) يا اوھان جا ھٿ جن (ٻانھين) جا مالڪ ٿيا (سي رکو) اِھو ھن کي ويجھو آھي تہ ڏاڍائي نہ ڪريو

— النساء:3

ابن عباس ۽ ان جي شاگرد عڪرمہ مطابق اسلام جي آمد کان اڳ عربستان ۾ نڪاح جي ڪابه حد ڪانہ ھئي. ھڪ شخص ڏھ ڏھ زالون رکي سگھندو ھو ۽ جڏھن گھڻين زالن جي ڪري خرچ وڌي ويندا ھئا تہ مجبور ٿي پنھنجي يتيم عزيزن، ڀائٽن ، ڀانيجن جون ملڪيتون ڦٻائڻ شروع ڪندا ھئا جنھن ڪري خدا نڪاح جي لاءِ چئن زالن جي حد مقرر ڪري ڇڏي[1]. ان ڳالھ تي امت جي فقيھن جو اجماع آهي تہ سورہ النساء جي آيت نمبر 3 ۾ نڪاح جي تعداد کي محدود ڪيو ويو آهي ۽ ھڪ ئي وقت چار کان وڌيڪَ زالن رکڻ جي منع ڪئي وئي آهي[1]. حديث جي روايتن ۾ بہ ان ڳالھ جي تصديق ٿئي ٿي. ھڪ حديث مطابق طائف جو ھڪ رئيس غيلان[2] جڏھن مسلمان ٿيو تہ ان جون 9 زالون ھيون. نبي ﷺ ان کي حڪم ڏنو ته چار رکي باقي ڇڏي ڏئي[1]. ھڪ ٻئي شخص نوفل بن معاويه کي پنج زالون ھيون ۽ نبي ﷺ کيس حڪم ڏنو ته ھڪ ڇڏي ڏي. زالن جي تعداد کي زالن ۾ عدل جي شرط سان مشروط ڪيو ويو[1].

1. ھاڻوڪو اسلامي طريقو[سنواريو]

نڪاح جو هاڻوڪو طريقو قريش قبيلي ۾ اسلام کان الڳ لاڳو هيو، جيڪو اسلام جي اچڻ کان پوءِ اسلامي طريقو مڃيو ويو.

2.نڪاح الا ستبضاع[سنواريو]

هڪڙو شخص پنهنجي زال کي چوندو هو ته جيئن تون پنهنجي حيض کان پاڪ ٿين ته فلاڻي سان وڃي هم بستري ڪجان، جيئن ان مان تو کي پيٽ ٿئي، ايستائين مڙس زال کان الڳ رهندو هئو، جيستائين ان کي يقين ٿي ويندو هيس ته ان مان هن کي پيٽ ٿي ويو آهي. نڪاح جي هن طريقي کي عربي ۾ نڪاح الا ستبضاع چوندا هئا.

3 گھڻ مڙسي شادي[سنواريو]

ڏهن کان گھٽ ماڻهو صلاح ڪري گڏجي ڪنهن عورت سان، سندس رضا سان هم بستري ڪندا هئا، جنهن ۾ عورت ۽ مردن جو گڏيل راضپو هوندو هيو، جڏهن اهڙي عمل مان ٻار پيدا ٿيندو هيو ته، انهن ماڻهن کي گھرائيندي هئي، انهن مان جنهن کي پسند ڪندي هئي ان کي چوندي هئي ته هي ٻار تنهنجو آهي ۽ اهو ان کي قبو ليندو هو.

4.قياف شناس[سنواريو]

عربن ۾ اهڙيون عورتون هونديون هيو جيڪي، حيض کان پاڪ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي گھرن تي جھندا هڻي ڇڏينديون هيون، ڪيترائي ماڻهو گڏجي ان عورت جي گھر وڃي ان عورت سان هم بستري ڪندا هئا، انهن مان هوءَ پيٽ سان ٿي ويندي هئي، جڏهن ٻار ٿيندو هيس ته ،انهن ماڻهن ۽ قياف شناس يعني چهرا شناس کي گھرايو ويندو پوءِ اهو ڇوندو هو ته هن ٻار جا مهانڊا هن سان ملن ٿا پوءِ اهو ان ٻار جو پيءُ سمجھيو ويندو هو.

5.نڪاح مته[سنواريو]

هڪ مدت مقرر لاءِ هڪ عورت شادي ڪندا هئا ،مدي گزرڻ کان پوءِ اهي الڳ ٿي ويندا هئا، جنهن کي متو چوندا هئا.

6.البدل نڪاح[سنواريو]

هڪڙو شخص ٻئي کي چوندو هيو، تون منهنجي حق ۾ پنهنجي زال تان هٿ کڻ مان تنهنجي حق ۾ ٿيان ٿو، البدل نڪاح چوندا هئا.

7.نڪاح کي الشغار[سنواريو]

هڪ شخص پنهنجي عيوض ۾ پنهنجي ڌيءُ ڌئي زال وٺندو هيو جنهنجو حق مهر ڪونه ٿيندو هيو، جنهن نڪاح کي الشغار چوندا هئا .

8.نڪاح مقت[سنواريو]

پيءُ جي مري وڃڻ يا طلاق ڏيڻ جي صورت ۾ ان جي زال سان وڏو پٽ نڪاح وجھندو هيو، اهڙي نڪاح کي، نڪاح مقت چوندا هئا. [3] [4]

نڪاح جي حرمت[سنواريو]

قرآن جي سوره النساء جي آيت نمبر 22، 23 ۽ 24 ۾ نڪاح جي حرمت جي باري ۾ ھيٺين طرح فرمايو ويو آهي:

وَلَا تَنْكِحُوا مَا نَكَحَ آبَاؤُكُمْ مِنَ النِّسَاءِ إِلَّا مَا قَدْ سَلَفَ ۚ إِنَّهُ كَانَ فَاحِشَةً وَمَقْتًا وَسَاءَ سَبِيلًا 22
حُرِّمَتْ عَلَيْكُمْ أُمَّهَاتُكُمْ وَبَنَاتُكُمْ وَأَخَوَاتُكُمْ وَعَمَّاتُكُمْ وَخَالَاتُكُمْ وَبَنَاتُ الْأَخِ وَبَنَاتُ الْأُخْتِ وَأُمَّهَاتُكُمُ اللَّاتِي أَرْضَعْنَكُمْ وَأَخَوَاتُكُمْ مِنَ الرَّضَاعَةِ وَأُمَّهَاتُ نِسَائِكُمْ وَرَبَائِبُكُمُ اللَّاتِي فِي حُجُورِكُمْ مِنْ نِسَائِكُمُ اللَّاتِي دَخَلْتُمْ بِهِنَّ فَإِنْ لَمْ تَكُونُوا دَخَلْتُمْ بِهِنَّ فَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ وَحَلَائِلُ أَبْنَائِكُمُ الَّذِينَ مِنْ أَصْلَابِكُمْ وَأَنْ تَجْمَعُوا بَيْنَ الْأُخْتَيْنِ إِلَّا مَا قَدْ سَلَفَ ۗ إِنَّ اللَّهَ كَانَ غَفُورًا رَحِيمًا 23
وَالْمُحْصَنَاتُ مِنَ النِّسَاءِ إِلَّا مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ ۖ كِتَابَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ ۚ وَأُحِلَّ لَكُمْ مَا وَرَاءَ ذَٰلِكُمْ أَنْ تَبْتَغُوا بِأَمْوَالِكُمْ مُحْصِنِينَ غَيْرَ مُسَافِحِينَ ۚ فَمَا اسْتَمْتَعْتُمْ بِهِ مِنْهُنَّ فَآتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ فَرِيضَةً ۚ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ فِيمَا تَرَاضَيْتُمْ بِهِ مِنْ بَعْدِ الْفَرِيضَةِ ۚ إِنَّ اللَّهَ كَانَ عَلِيمًا حَكِيمًا 24
ترجمو:۽ جيڪي زالون اوھان جي پيئرن پرڻيون سي اوھين نہ پرڻجو پر جيڪي اڳي گذريو (سو گذريو) ڇو تہ اُھا بي حيائي ۽ گناھ آھي، ۽ اُھا بُڇڙي واٽ آھي 22
(اي مسلمانؤ!) اوھان تي اوھان جون مائر ۽ اوھانجون ڌيئر ۽ اوھانجون ڀينر ۽ اوھانجون پڦيون ۽ اوھانجون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اُھي اوھان جون مائر جن اوھان کي ٿڃ پياري ۽ اوھان جون رضاعي (ٿڃ گڏ پيتل) ڀينر ۽ اوھان جي زالن جون مائر (يعني سَسون) ۽ اُھي اوھانجون اڳ ڄايون جيڪي اوھانجي ھنجن ۾ پليون (۽) اوھان جي اُنھن زالن مان ھجن جن کي اوھين ويجھا ويا آھيو پر جيڪڏھن اوھين اُنھن (سندن مائرن) کي ويجھا نہ ويا آھيو تہ اوھان تي گناھ نہ آھي، ۽ اوھان جي اُنھن پُٽن جون زالون جيڪي (پٽ) اوھانجي پٺين مان (پيدا ٿيل) آھن ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ پرڻجڻ حرام ڪيو ويو آھي پر جيڪي اڳ گذريو آھي (سو گذريو) ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي23
۽ پرڻيل عورتون (بہ حرام آھن) پر اوھان جا ھٿ جن (ٻانھين) جا مالڪ ٿيا آھن (سي حرام نہ آھن)، اِھو حڪم الله اوھان تي لکيو آھي، ۽ انھن (حرام ڪيلن) کانسواءِ (ٻيون سڀ عورتون) اوھان لاءِ حلال آھن جڏھن پنھنجن مالن سان (کين) پرڻيندڙ، نہ زنا جو ارادو ڪندڙ ھجو، اھو مال جنھن جي عوض انھن (زالن) کان (پرڻجڻ جو) فائدو ورتوَ تن کي سندن ڪابين مُقرر ڪيل ڏيو، ۽ ڪابين مقرر ڪرڻ کان پوءِ جيتري (ڪابين) ۾ اوھين پاڻ ۾ راضي ٿيو تہ اوھان تي گناھ نہ آھي، ڇو تہ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي24

— سوره النساء:22,23,24

ابن ماجه ابن عباس جي روايت نقل آھي جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته حضور اڪرم ﷺ فرمايو تہ:

من وقع على ذات محرم فاقتلوه
ترجمو: جيڪو شخص محرمات مان ڪنھن سان زنا ڪري ان کي قتل ڪري ڇڏيو

— ابن ماجه[1]

فقيھن ۾ ان مسئلي تي اختلاف آھن. امام احمد ان ڳالهه جو قائل ھيو تہ ان شخص کي قاتل ڪري ان جو مال ضبط ڪيو وڃي[1]. امام حنيفه، امام مالڪ ۽ امام شافعي مطابق جيڪڏهن ڪو محرم عورت سان زنا ڪري ٿو ته ان تي زنا جي حد جاري ٿيندي ۽ جيڪڏهن نڪاح ڪري ٿو تہ ان کي سخت عبرتناڪ سزا ڏني ويندي[1].ان ڳالھ تي شريعت ۾ اتفاق آهي تہ ڇوڪرن ۽ ڇوڪريون جيڪڏهن ڪنھن عورت جو کير پيتو آهي انھن لاء کير پياريندڙ عورت ماء جي برابر آهي ۽ ان جو مڙس سندن پيءُ جي برابر آهي ۽ انھن سان ڳنڍيل سڀيئي رشتا رضائي ماء ۽ رضائي پيءُ جي تعلق ۾ ايئن حرام آھن جيئن سڳي ماءُ پيءُ جي تعلق ۾ حرام ھوندا آھن[1]. حرمت رضاعت جي مقدار تي فقيھن ۾ اختلاف آھن. امام ابو حنيفه ۽ امام مالڪ مطابق جيتري کير جي مقدار سان روزيدار جو روزو ٽٽي سگھي ٿو اوتري مقدار ۾ ٻار ڪنھن جو کير پيئي ته حرمت ثابت ٿي ويندي آهي[1]. پر امام احمد مطابق ٽي دفعا کير پيئڻ سان ۽ امام شافعي مطابق پنج دفعا کير پيئڻ سان حرمت ثابت ٿيندي آهي. کير پيئندڙ ٻار جي عمر تي اختلاف آھن[1]. ام سلمه ، ابن عباس ۽ حضرت علي مطابق اعتبار رڳو ان زماني ۾ کير پيئڻ تي آھي جڏھن ٻار جو کير ڇڏايو نہ ويو ھجي ۽ ٻار جو مدار اڃان رڳو کير پيئڻ تي ھجي. کير ڇڏائڻ کان پوء ڪنھن عورت جو کير پيئڻ ايئن آھي جيئن پاڻي پيئڻ. ، زھري، حسن بصري، قتادہ، عڪرمه ۽ اوزاعي ان روايت جا قائل آھن[1]. حضرت عمر، ابن مسعود، ابوھريرہ ۽ ابن عمر مطابق ٻن سالن جي عمر جي اندر جيڪو کير پيتو ويو ھجي ان سان حرمت رضاعت ثابت ٿيندي. امام شافعي، امام احمد، امام ابو يوسف، امام محمد، امام سفيان ثوري ان راء کي قبول ڪيو[1]. امام ابو حنيفه، امام مالڪ پڻ ان راء جا حامي ھيا پر انھن مطابق اھا حرمت ٻہ سال کان ٻہ مھينا زائد عمر تائين کير پيڻ واري تي بہ آھي[1]. امام زفر ۽ امام ابو حنيفه جو مشھور قول مطابق رضاعت جو زمانو اڍائي سال جي عمر تائين آھي[1]. حضرت عائشه ۽ حضرت علي جي صحيح تر روايت مطابق ڪنھن بہ عمر ۾ کير پيئڻ سان حرمت ثابت ٿي ويندي يعني اصل اعتبار عمر جو نہ پر کير جو آھي، ۽ پيئڻ وارو جيڪڏهن پوڙھو بہ آھي تہ ان جو حڪم اھو ئي ٿيندو جيڪو کير پياڪ ٻار جو آھي. فقيھن ۾ عروہ بن زبير، عطاء، ليث بن سعد ۽ ابن حزم ان راء جا حامي آهن[1]. نبي ﷺ جي ھدايت آھي تہ ماسي ۽ ڀاڻيجي، پڦي ۽ ڀائٽي کي ھڪ ئي وقت نڪاح ۾ رکڻ حرام آھي. ان معاملي تي اھو اصول سمجھڻ کپي تہ تہ اھڙين ٻن عورتن کي نڪاح ۾ جمع ڪرڻ حرام آهي جن ۾ جيڪڏهن ھڪ مرد ھجي ھا تہ ان جو نڪاح ٻئي سان حرام ھجي ھا[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :320-321-335,336
  2. (غ تي زبر)
  3. پڙهو ڪتاب؛ بلوغ الارب، مترجم ڊاڪٽر پير محمد حسن، پي .ايڇ ڊي . صفحو نمبر 372
  4. ڪتاب؛ پڙهو بلوغ الارب