عبدالوهاب چاچڙ
عبدالوهاب چاچڙ | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
مقام ڄم | قادرپور، گهوٽڪي، سنڌ |
رهائش | روھڙي |
قوميت | پاڪستاني |
ڌرم | اسلام |
جماعت | جميعت علماء اسلام (ف) |
عملي زندگي | |
مادر علمي | مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي |
پيشو | مذهبي عالم، اديب |
ترميم |
مفتي عبدالوهاب چاچڙ | |
---|---|
پيدائش | قادرپور، گهوٽڪي، سنڌ |
رھائش | روهڙي، سکر |
قوميت | پاڪستاني |
مادر علمي | مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي، دارالهدي ٺيڙهي |
شھرت جو ڪارڻ | ماهوار شريعت سکر |
لقب | فقيه السند |
سياسي جماعت | جميعت علماء اسلام (ف) پاڪستان |
مذھب | اسلام |
ٻار ٻچا | پروفيسر (مولانا) ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ (جمال عبدالناصر)
مولانا عبدالحق 'حقاني' چاچڙ مولانا مفتي عبدالواحد چاچڙ پروفيسر حافظ عبدالرزاق چاچڙ (شاهه فيصل سنڌي) مولانا مفتي شاهه محمد چاچڙ |
فقيه السند مفتي عبدالوهاب چاچڙ (عربي: مفتی عبدالوهاب جاجر السندی، انگريزي: Mufti Abdul Wahab Chachar): سنڌ جا مايه ناز اديب، محقق، فتوي جا امام، لاجواب مفسر، مفتي اعظم سنڌ، شيخ الحديث، استاد العلماء علامه عبدالوهاب ولد مولانا عبدالقادرچاچڙ 26 مارچ 1942ع تي ڳوٺ ڪنڊي چاچڙ، تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيا. پاڻ بلند پائي جا فقيه ۽ اسلام جا عالم دين آهي.[1][2]
تعليم
[سنواريو]ھو پنجن سالن جا هئا ته والد مربي وفات ڪري ويا. پنهنجي چاچي مولوي محمد يوسف جي سرپرستيءَ ۾ تعليم پرايائون. 1956ع ڌاري هن کيس گهوٽڪيءَ جي مدرسه قاسم العلوم ۾ داخل ڪرايو. جتان ابتدائي تعليم وٺي پوءِ مدرسه مدينة العلوم، پني عاقل ۾ مولانا عبدالهادي ميمڻ وٽ اچي پڙهيا، جتي کين وقت جي وڏي عالم حماد الله هاليجوي رح سان ملاقات جو موقعو مليو. هن بزرگ جو سندس وڏڙن سان ويجهو تعلق رهيو هو. ان کانپوءِ مدرسه قاسم العلوم مان ’شرح جامي ۽ قطبي‘ پڙهيا ۽ 1967ع ۾ سندس دستاربندي ٿي.[1]
تدريس
[سنواريو]مولانا عبدالوهاب تعليم مڪمل ڪري هڪ سال مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪيءَ ۾ بنا معاوضي جي پڙهايو. ڪجهه وقت دارالـعـلــوم حـمـاديـه، هـاليـجي شـريـف ۾ فيض ڏنائين. 1970ع کان پـوءِ هـن مظهرالعلوم، منزل گاهه سکر ۾ به ڪافي سال تدريس ڏني. 1981ع ۾ روهڙيءَ ۾ اچي مدرسو جامعه عربيه دارالعلوم الشرعيه (باني ۽ وقتي مهتمم : مرحوم الحاج مير صبح صادق خان کوسو-سابق وفاقي وزير صحت) قائم ڪيائين، جتي اڄ تائين پڙهائيندو رهي ٿو.[1][3]
خاص شاگرد
[سنواريو]مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ تدريس علوم اسلامي لاء پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي. سندن شاگردن جو تعداد وسيع آهي. منجهان ڪي سياست جا سر موڙ، ڪي ادب جا ستارا ته ڪي علم جا جوهر آهن.
- مولانا عبدالغفور حيدري: سابق ڊپٽي چيئرمين سينيٽ پاڪستان، مرڪزي جنرل سيڪريٽري جميعت علماء اسلام پاڪستان، سابق وفاقي وزير
- پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: پرنسپال گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج گهوٽڪي
- پروفيسر مولانا حافظ عبدالسميع لکڻ: سابق پروفيسر مڪه يونيورسٽي، خادم الحرمين الشريفين شاه عبدالعزيز ابن آل سعود جو ذاتي پيش امام، مفتي اعظم السعوديه عبدالعزيز ابن باز جو شاگرد
قلمي خدمات
[سنواريو]مفتي صاحب رسالن ۽ اخبارن ۾، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي مشوري سان لکڻ شروع ڪيو، جيڪو ان وقت گهوٽڪي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. قاسمي صاحب جي مشوري سان ٽه ماهي ’الرحيم‘ ۾ ڪيترا مضمون لکيا. ان کانسواءِ ملير ڊائجسٽ، روزاني هلال پاڪستان ۽ انقلاب وغيره ۾ به لاڳيتو لکندو رهيو.
مفتي عبدالوهاب چاچڙ کي ادبي حلقن ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي, جنهن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ سندن رسالو ماهوار شريعت آهي. سندن تفسير سڄي سنڌ ۾ مقبول آهي. سندن فتويٰ اتر سنڌ ۾ حرف آخر آهي. سندن سڃاڻ هڪ سنڌ پرست عالم طور ٿيندي آهي.
هو بهترين مقرر ۽ خطيب پڻ آهن، ۽ سندن تقريرون ماهوار شريعت سکر ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. سندن ملفوظات خالص علمي ۽ ڏاهپ سان سرشار هوندا آهن.سندن تقريرون ريڊيو پاڪستان خيرپور تان نشر ٿينديون رهيون.
مفتي عبدالوهاب چاچڙ سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
سنڌي ڪتاب:
- تفسير سهل البيان
- فتاويٰ شرعيه ( ٽي جلد)
- مرد ڪامل : امام العصر مولانا عبدالڪريم ٻيروي رح جي زندگي تي جامع ڪتاب
- قرباني ۽ عقيقي جا مسئلا
- زڪوات جا مسئلا
- پيغمبر عليه السلام ۽ نيشلنزم
- حرمين جو سفر
- من جي مالا
- ترجمو فتح القوي في نسب النبي صلي الله عليه وسلم (مخدوم محممد هاشم ٺٺوي)
- عشر آرڊيسنس جو جائزو
- چوڏهين صدي جا برک عالم
اردو ڪتاب :
- عورت کی وزارت عظمیٰ اور شريعت مصطفي
- عورت کی وزارت عظمیٰ جائز ہے
- کالا باغ ڊيم منصوبه قرآن و سنت کے خلاف
- عشر آرڊينس کا علمي جائزه
- سندھ کا کيس
- رویت ہلال کے مسائل
ان کان سواءِ کلوننگ کی شرعی حيثيت'‘ ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهي.
عربي تصنيفن ۾:
- تحقيق تحفت المحببين شرح الاربعين النوويه الشيخ محمد حيات
- منار الحسنات في حيات الشيخ محمد حيات
- انتخاب علمي نڪات تفسير ڪبير
- تحفة الڪرام بذڪر العشر الحرام
- الباب في ابواب الحساب
فارسيءَ ۾ اڻڇپيل ڪتاب:
- رهنماء صوفيان (سوال وجواب)
- زهره ياسمين تفسير سورت ياسين [3]
سندن ڪئي ڪتاب زير اشاعت آهن.
ماهوار شريعت سکر
[سنواريو]1973ع ڌاري ’شريعت پبليڪيشن‘ جو بنياد وڌائين، جنهن اداري طرفان ماهوار رسالو شريعت ۽ ٻيا ديني ۽ اصلاحي ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيائين. پهريان ٽي سال رسالو مولانا فضل الله انڍڙ جي ادارت ۾ نڪرندو رهيو، ان کان پوءِ ان جو انتظام ۽ ادارت مفتي عبدالوهاب چاچڙ حوالي ٿي، جنهن رسالي ۾ اهم مذهبي ۽ قومي معاملن تي ڪارائتا مضمون ۽ ٻيا سلسلا پيش ڪيا. لنواري ۾ حج جي مسئلي، ضيا جي آمريت ۽ لال مسجد آپريشن خلاف لکڻ جي ڏوه ۾ کين تڪليفون پڻ ڏنيون ويون.شريعت'‘ رسالي کي پنجاه سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.
شريعت سوانح حيات نمبر لاء معلومات حاصل ڪرڻ واسطي هو مهينن جا مهينا مختلف ضلعن ۾ ڪاهي پيا هئا ۽ ان جي ڇپائڻ لاء کين زمين جو ٽڪرو وڪڻڻو پيو هو. اهو پنهنجي دور جو انوکو مثال هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کانئن سوانح حيات نمبر وٺڻ لاء مدرسي آيو هو.
هالا اڪيڊمي مخدوم جميل الزمان جي معرفت شريعت سوانح حيات نمبر کي ڪتابي شڪل ڏئي ڇپرايو ويو آهي.
شريعت رسالي کي علامه غلام مصطفي قاسمي جو سندن حياتي ۾ هڪ جامع نمبر شايع ڪرڻ جو به اعزاز حاصل آهي.جنهن کي ٻيهر سندن وفات کان بعد (واڌاري سان) شايع ڪيو ويو.
شريعت رسالي ذريعي هيٺيان خاص نمبر شايع ڪيا ويا آهن:
- فتوي نمبر
- حج نمبر
- ڪالاباغ ڊيم نمبر (ٻه دفعا)
- سوانح حيات نمبر
- علامه عبدالڪريم قريشي ٻيروي رح نمبر
- علامه غلام مصطفي قاسمي نمبر (ٻه دفعا- هڪ سندن حياتي ۾ ۽ ٻيو وفات کان پوء)
- مير صبح صادق کوسو نمبر
- لال مسجد نمبر
- شريعت چاليهه ساله نمبر
- شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو نمبر
- شريعت پنجاهه ساله نمبر
- مولانا عبدالصمد هاليجوي نمبر
سياست
[سنواريو]مولانا عبدالوھاب شاگردي واري زماني کاڻ سياست ۾ سرگرم رھيا. مفتي صاحب جون سياسي وابستگيون جميعت علماء اسلام(ف) سان رهيون آهن. سندن شمار مفتي محمود جي ويجھن ساٿين ۾ ٿيندو ھو. ڪراچي ۾ مفتي محمود جي وفات وقت ھو وٽن موجود ھئا. سندن موقف رھيو آھي تہ مفتي محمود جو موت غير طبعي ھو. مولانا محمد مراد ھاليجوي بہ موقعي تي موجود ھيا.کين مولانا فضل الرحمان "مولانا شريعت خان" سڏيندا آهن.
ھو ايم آر ڊي جو اسير به رھي چڪو آھي. ٻه دفعا جيل ياترا ڪري چڪا آھن. پاڻ ٻه دفعه (1987 ۽2002) ۾ صوبائي اسيمبلي سنڌ جي اليڪشن ۾ ناڪام ٿيا. مرحوم سردار علي محمد خان مهر کانئن ئي اليڪشن کٽي 2002ع ۾ سنڌ جو وڏو وزير ٿيو هو.
2008ع ۾ جميعت علماء اسلام (ف) جي ق ليگ سان الحاق خلاف زباني فتوي ڏيڻ تان کين ڪجهه عرصو پارٽي کان بيدخل ڪيو ويو. 2011ع ۾ کين ٻيهر جميعت علماء اسلام(ف) ۾ آندو ويو. بعد ۾ ھو سياست کان پاسيرا ٿي ويا. سندن سڃاڻ پارٽي اندر قومپرست عالم طور ٿيندي آهي.
سنڌ لاء سندن قومي خدمتن کي قومپرست اڳواڻ ۽ اديب عبدالواحد آريسر ساراهيو هو.
سنڌ سان وفاق جي ويساگهاتين، پنجاب جي بالادستي، ڪوٽا سسٽم، عشر سسٽم، سنڌ اندر ڌاري آبادڪاري، سنڌو درياه جي مسئلن ۽ ڪالاباغ ڊئم بابت سندن موقف واضح، مدلل ۽ انتهائي اهم رهيو آهي. مولانا قومي توڙي مذهبي تحريڪن ۾ صف اول جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڪالاباغ ڊئم جي حوالي سان ڊاڪٽر اسرار احمد مرحوم سان سندن مناظرو به ٿي چڪو آهي جنهن ۾ هن پنجاب جي وڏن وڏن مفتين ۽ عالمن کي لاجواب شڪست ڏني هئي.
سگا باني ڊاڪٽر سليمان شيخ جي چوڻ تي پاڻ ڪالاباغ ڊئم جي غير شرعي هجڻ تي هڪ جامع ۽ مدلل ڪتاب لکي پاڪستان جي تمام مفتيان ڪرام ڏانهن موڪليو هو، جنهن جو رد ڪٿان به نه آيو.
ڪالاباغ ڊئم بابت سندن موقف اهم رهيو آهي
"ڪالاباغ هڪ فني نه پر شرعي مسئلو آهي، ۽ شريعت محمدي جي روشني ۾ درياه جا مالڪ هيٺيان وارا آهن ۽ پاڻي تي سڀ کان وڌيڪ حق انهن جو آهي."
روحاني فيض
[سنواريو]مفتي صاحب جو خانداني مرشد قادريه سلسلي جو پنهنجي دور جو سنڌ ۾ روح روان حضرت مولانا حمادالله هاليجوي رح هو جيڪو سندن والده جو به مرشد هو. سندن ڏاڏي مولانا نور محمد ڪنڊوي رح امام انقلاب مولانا تاج محمود امروٽي رح کان فيض حاصل ڪيو.
مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب شاگردي جي زماني ۾ هاليجوي بزرگن ميان حمادالله جي هٿ تي بيعت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيو. سائين وڏن جي وفات بعد سندن جانشين حافظ محمود اسعد رح سان ساڳو سلسلو جاري رکيائون. سندن رحلت بعد نقشبنديه سلسلي جي امام پير ذوالفقار احمد نقشبندي کان فيض ورتائون. سندن شمار پير صاحب جي وڏن خليفن ۾ ٿئي ٿو.
منصب
[سنواريو]* چيف ايڊيٽر ماهوار شريعت سکر
* چيئرمين شريعت پبليڪشن سکر
* سرپرست حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ ڪراچي
* ميمبر امن ڪاميٽي ضلعو سکر
* سابق ميمبر سيڊيڪيٽ و سينٽ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
* سابق ميمبر سيڊيڪيٽ و سينٽ مهراڻ انجنيرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ڄامشورو
* سرپرست اعليٰ تنظيم نظر و فڪر سکر
* مهتمم جامعه عربيه دارالعلوم الشرعيه روهڙي ضلع سکر
* رئيس دارالافتاءِ جامعه عربيه دارالعلوم الشرعيه روهڙي ضلع سکر
* شيخ الحديث جامعه عربيه دارالعلوم الشرعيه روهڙي ضلع سکر
* ممبر فقهي ڪائونسل جميعت علماء اسلام (ف) پاڪستان [3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 "چاچڙ عبدالوهاب مفتي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-02-15.
- ↑ "فيقه السنڌ مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ". www.facebook.com. حاصل ڪيل 2021-03-30.
- ↑ 3.0 3.1 3.2 "مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ هڪ مڃيل محقق". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2021-02-21.
هي به ڏسو
[سنواريو]- چاچڙ
- امام شيخ محمد حيات چاچڙ سنڌي
- مولانا محمد پريل "بيدار" مڱريو
- مولانا فضل الله انڍڙ
- پروفيسر انور منصور مڱريو
خارجي ڳانڍاڻا
[سنواريو]سانچو:سنڌي ماڻهو سانچو:سنڌي سانچو:عالم سانچو:سياستدان