تفسير

'تفسير (عربي: تفسير, romanized: tafsīr؛ لفظي معنيٰ: وضاحت يا تشريح) قرآن مجيد جي شرح، تشريح يا تفسير کي چيو ويندو آهي. تفسير لکندڙ کي 'مفسر (عربي: مفسّر؛ جمع: مفسّرون, mufassirūn) چيو وڃي ٿو. قرآني تفسير جو مقصد اسلام ۾ الله جي مراد کي چٽي نموني سمجهائڻ لاءِ تعليم، وضاحت، تشريح، پسمنظر ۽ تبصرو مهيا ڪرڻ آهي. قرآن جي تفسير جو تصور خود قرآن ۾ به ملي ٿو، جتي ڪجهه آيتون واضح ۽ ڪجهه متشابهه هجڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.[1]
بنيادي طور تفسير ۾ عربي ٻولي، اسلامي فقھ ۽ اسلامي علم ڪلام سان لاڳاپيل مسئلن تي بحث ڪيو ويندو آهي. طريقيڪار ۽ نقطۂ نظر جي لحاظ کان تفسير کي عام طور ٻن وڏن قسمن ۾ ورهايو ويندو آهي: تفسير بالمأثور، جيڪو رسول الله ﷺ، صحابه ۽ ابتدائي اسلامي دور کان منقول روايتن تي ٻڌل هوندو آهي، ۽ تفسير بالرأي، جيڪو ذاتي غور، فڪر ۽ اجتهاد جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي. مختلف اسلامي مسلڪن، جهڙوڪ سني اسلام، شيعہ اسلام ۽ تصوف، جون پنهنجون تفسيري روايتون ۽ خصوصيتون آهن. اهڙيءَ طرح اسلامي عالمن جي تشڪيل واري دور ۾ مرتب ٿيل روايتي تفسيرن ۽ جديد تفسيرن ۾ پڻ فرق موجود آهي، ڇاڪاڻتہ جديد تفسير عام پڙهندڙن کي به مخاطب بڻائيندي همعصر مسئلن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
تفسير (Explanation)، اهو بيان جو پوري سمجهاڻيءَ سان هجي، جنھن کي تشريح بہ چيو ويندو آھي. قرآن شريف جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي. هيءُ لفظ علم ۽ فلسفي جي ڪتابن جي شرح لاءِ ڪتب ۾ آندو ويندو آهي. اسلامي اصطلاح ۾ هن لفظ جي مراد ئي ”علم تفسير“ آهي، يعني علم جي اها شاخ، جنهن کي ”علم القرآن“ ۽ تفسير چوندا آهن. هي ”علم حديث“ جي هڪ خاص ۽ اهم شاخ آهي.عظيم مورخ طبري (1310ھ/1892ع) جي فن تفسير بابت هڪ تصنيف موجود آهي، جنهن ۾ حديثن جو وڏو تعداد شامل آهي. اهڙي طرح زمخشري (متوفي 550ھ/1155ع) معلم الاخلاق ۽ فقھہ ۽ لغت جو ڪامل ماهر ٿي گذريو آهي. ”تفسير الڪشاف“ کي به اسلامي دنيا ۾ قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي. البيضاوي (م685هه/1286ع) جو تفسير سڀ کان گهڻو مقبول رهيو آهي. هن فن جو اهو ئي ڪتاب آهي جيڪو اڪثر مدرسن ۾ پڙهايو ويندو آهي. ٻين تفسيرن مان فخر الدين رازي جو تفسير (606ھ/1209ع) به اهم آهي، جنهن کي ”تفسير الڪبير“ چوندا آهن. مسلمانن پهرينءَ صدي هجريءَ ۾، سنڌ، ملتان ۾ پهچي اسلامي عقيدن جي تبليغ لاءِ مقامي ٻوليون استعمال ڪيون ۽ هر علائقي ۾ اتان جي مقامي ٻوليءَ ۾ اسلامي عقيدن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. تفسير جي مصنف کي مفسر چوندا آھن.تفسير جي دائري ۾ خصوصن ڪلاسيڪي عربي، اصول قانون ۽ دينيات جا معاملا اچن ٿا.[2]
اشتقاق
[سنواريو]لفظ تفسير عربي ٻوليءَ جي ٽن حرفي پاڙ ف-س-ر (فسر) مان نڪتل آهي. لغوي معنيٰ موجب ان جو مطلب آهي: تشريح ڪرڻ، بيان ڪرڻ، وضاحت ڪرڻ يا ظاهر ڪرڻ.[3] اسلامي اصطلاح ۾ تفسير مان مراد عربي ٻوليءَ ۽ اسلامي علم جي مدد سان قرآن جي متن ۾ بيان ڪيل الله جي مراد کي سمجهڻ ۽ ظاهر ڪرڻ آهي.[4]
تعداد
[سنواريو]آمريڪي محقق سموئيل راس جي مطابق، قرآن جي تفسيرن جا لڳ ڀڳ 2,700 قلمي نسخا موجود آهن، جڏهنتہ لڳ ڀڳ 300 تفسير ڇپجي چڪا آهن. سندس خيال موجب عربي قلمي نسخن مان لڳ ڀڳ 96 سيڪڙو اڃا تائين علمي تحقيق کان ٻاهر آهن، تنهنڪري امڪان آهي ته هزارين ٻيا تفسير اڃا به دريافت ٿيڻا باقي آهن.[5]
تاريخ
[سنواريو]اسلامي روايت موجب قرآن جي تفسير جي شروعات خود محمد ﷺ کان ٿي. رسول الله ﷺ جي وفات کان پوءِ اها ذميواري صحابه تي آئي، ڇاڪاڻتہ اهي قرآن جي ٻولي، نزول جي سماجي پسمنظر ۽ رسول الله ﷺ جي طرزِ فڪر کان چڱيءَ ريت واقف هئا.[6][7] ان دور ۾ تفسير مختصر ۽ چونڊيل هوندي هئي، جنهن ۾ صرف ڪجهه لفظن، جملن يا آيتن جي وضاحت ڪئي ويندي هئي. قرآن تي باقاعدي لکيل تفسيرن جي روايت بعد ۾ شروع ٿي. ڪجهه روايتن موجب سڀ کان پهرين تفسير مجاهد بن جبر (وفات: 722ع) لکيو، پر ڪيترن محققن موجب سندس نالي سان منسوب تفسير بعد جي دور ۾ مرتب ۽ تدوين ڪيو ويو هو.[8][9]
اڄ تائين محفوظ رهندڙ قديم ترين مڪمل تفسير مقاتل بن سليمان (وفات: 767ع) جو آهي، جيڪو اٺين صديءَ جي وچ ڌاري مرتب ٿيو. ان دور ۾ تفسيرن ۾ شعر، قراءتن جي اختلافن ۽ اسناد جي استعمال کي گهڻي اهميت حاصل نه هئي. مقاتل جي تفسير جو وڏو حصو مختصر وضاحتن تي مشتمل آهي، جن ۾ قرآن جي آيتن جي معنيٰ بيان ڪئي وئي آهي، بجاءِ ان جي ته ڊگها قصا يا روايتون پيش ڪيون وڃن. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته هي پهريون تفسير هو جنهن سڄي قرآن جي تشريح ڪئي.[11] صحابه کان پوءِ تابعين جي دور ۾ تفسير جي ميدان ۾ نمايان واڌارو ٿيو. هن دور جا عالم تفسير لاءِ مختلف ذريعا استعمال ڪرڻ لڳا، قرآن جي سمورين آيتن جي تشريح ڪئي وئي، ۽ روايتن کي تفسير کان الڳ ڪتابن ۾ مرتب ڪيو ويو. انهن تفسيرن ۾ صرف لغوي ۽ نحوي وضاحتون ئي نه، پر تاريخي معلومات، ذاتي اجتهاد ۽ مختلف علمي رايا پڻ شامل ٿيڻ لڳا. ان دور ۾ مڪو، مدينو ۽ عراق تفسير جا اهم علمي مرڪز بڻيا. خاص طور عراقي مدرسن ۾ ذاتي راءِ ۽ اجتهاد تي وڌيڪ ڀروسو ڪيو ويندو هو، جڏهنتہ يهودي روايتن (اسرائيليات) مان پڻ ڪجهه مواد استعمال ڪيو ويندو هو.[7][6] ابتدائي دور ۾ تفسير الڳ علم طور مدون نه هئي، پر محدث پنهنجي حديث جي مجموعن ۾ باب التفسير هيٺ تفسيري روايتون گڏ ڪندا هئا.[12] وقت سان گڏ تفسير جو دائرو وسيع ٿيو، مفسرن جو هڪ الڳ طبقو وجود ۾ آيو، ۽ تفسير اسلامي علمن جي هڪ مستقل شاخ بڻجي وئي.
تاريخ بندي
[سنواريو]حديث وانگر اسلامي تفسيري ادب ۾ موجود ڪيترين ئي روايتن کي اهڙين شخصيتن ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي، جيڪي باقاعده تحرير ٿيل تفسيرن کان اڳ جي دور سان تعلق رکن ٿيون. انهيءَ ڪري مؤرخن لاءِ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته قرآني تفسيرن ۾ موجود انفرادي راين جي اصل زماني جو تعين ڪيئن ڪيو وڃي. جرمن محقق اينڊرياس گورڪي جو خيال آهي ته ابتدائي تفسيرن جي تاريخ بندي هر هڪ روايت جي الڳ الڳ جائزي جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، نه ڪي سڄن تفسيري مجموعن کي گڏيل طور معتبر يا غير معتبر قرار ڏئي. سندس مطابق، ممڪن آهي ته پهرين هجري صديءَ جون ڪيتريون ئي تفسيري روايتون رسمي ڪتابي صورت اختيار ڪرڻ کان اڳ زباني روايتن يا تدريسي نوٽن جي صورت ۾ گردش ۾ رهيون هجن، تنهنڪري تاريخ بندي جو آغاز انهن انفرادي روايتن کان ڪرڻ گهرجي جيڪي ابتدائي شخصيتن ڏانهن منسوب آهن.[13]
گورڪي جو هي موقف ٻن انتهاپسند نظرين کان مختلف آهي: هڪ اهو روايتي موقف، جيڪو ابتدائي نسبتّن کي وڏي حد تائين معتبر سمجهي ٿو، ۽ ٻيو شڪي موقف، جيڪو اسناد ۽ ابتدائي نسبتّن کي گهڻي ڀاڱي بعد جي ادبي تعميرات قرار ڏئي ٿو.[14]
گورڪي موجب ڪنهن تفسيري روايت جي اعتبار لاءِ ڪيترائي گڏيل معيار اهم آهن. جيڪڏهن ڪا روايت ڪيترن ئي قديم يا هڪ ٻئي کان آزاد ذريعن ۾ ملي ٿي، منسوب شخص جي ٻين راين سان اندروني هم آهنگي رکي ٿي، پنهنجي نوعيت ۾ منفرد آهي ۽ بعد وارا عالم اختلاف هوندي به ان کي محفوظ رکندا آهن، ته ان جي اصليت جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.[15] سندس خيال ۾ اسناد پڻ مددگار ٿي سگهن ٿا، پر صرف ثانوي حيثيت سان؛ اهي متن ۽ تاريخي شاهدي جي تائيد ڪن، نه ته رڳو انهن جي بنياد تي تاريخ مقرر ڪئي وڃي.[16] ٻين نشانين، جهڙوڪ اصطلاحن جي تاريخ، تاريخي حوالن ۽ تدويني مداخلتن مان پڻ مدد ملي سگهي ٿي، پر مختصر روايتن ۾ اهي اشارا اڪثر ناياب يا مبهم هوندا آهن. گورڪي جي راءِ ۾ پهرين هجري صديءَ جي تفسيرن ۾ فقهي استدلال، قصن جي توسيع، بائبلي روايتن، علم ڪلام، مختلف قراءتن ۽ قرآن جي آيتن کي هڪ ٻئي جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ جهڙا عنصر اڳ ئي موجود هئا.[17]
علمِ تفسير
[سنواريو]تفسير جو مؤلف مفسر (عربي: مُفسّر؛ جمع: مفسّرون, mufassirūn) سڏبو آهي. روايتي اسلامي نظرئي موجب، قرآن جي مستند تفسير ڪرڻ لاءِ مفسر لاءِ ڪيترن ئي علمن ۾ مهارت ضروري سمجهي ويندي آهي، جهڙوڪ لسانيات، بلاغت، اسلامي علم ڪلام ۽ اسلامي فقھ. [18]
قرآن جي تفسير لاءِ مفسر کي عام طور هيٺين علمن ۽ صلاحيتن ۾ مهارت حاصل هئڻ گهرجي:
- عربي ٻولي ۽ بلاغت (علم البلاغة) – قرآن جي نحو، صرف، اسلوب، محاورن، استعاري ۽ ٻوليءَ جي لطيف معنائن کي سمجهڻ لاءِ عربي ٻوليءَ تي مڪمل عبور ضروري آهي.[18][19]
- قرآن جو جامع علم – مفسر لاءِ ضروري آهي ته هو سڄي قرآن جي موضوعن، اسلوب ۽ آيتن جي باهمي لاڳاپن کان واقف هجي، ڇاڪاڻتہ قرآن جي ڪيترين آيتن جي وضاحت ٻين آيتن مان ملي ٿي.[20]
- نزول جي حالتن ۽ تاريخي پسمنظر جي ڄاڻ – آيتن جي صحيح تشريح لاءِ اسباب النزول ۽ نزول جي تاريخي ۽ سماجي حالتن کان واقفيت ضروري سمجهي وڃي ٿي.[21]
- قرآن ۽ سنت مان تفسير – روايتي طريقي موجب قرآن جي تفسير پهرين قرآن سان، پوءِ سنت، حديث، صحابه ۽ تابعين جي منقول روايتن جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي، جنهن کي تفسير بالمأثور چيو ويندو آهي.[22][23]
- اجتهاد ۽ عقلي استدلال – روايتي ماخذن کان علاوه مفسر پنهنجي علم، فڪر ۽ اجتهاد جي مدد سان پڻ آيتن جي معنيٰ بيان ڪري سگهي ٿو، جنهن کي تفسير بالرأي چيو ويندو آهي.[24]
- فقھ ۽ اصول فقھ – قرآن ۾ موجود شرعي حڪمن جي صحيح سمجهه، قانوني استنباط، نسخ ۽ فقهي اختلافن کي سمجهڻ لاءِ اسلامي فقھ ۽ اصول فقھ جو علم ضروري آهي.[25][18][26]
طريقا
[سنواريو]روايتي تفسيرن ۾ قرآن جي تشريح جو طريقو عام طور ٻن بنيادي قسمن ۾ ورهايو ويندو آهي: پهريون، اهو تفسير جيڪو قرآن جي آيتن جي مفهوم کي سمجهڻ لاءِ منقول روايتن ۽ روايتي ماخذن تي ڀاڙيندو آهي، جنهن کي تفسير بالمأثور (منقول تفسير) يا تفسير بالرواية چيو ويندو آهي؛ ۽ ٻيو، اهو تفسير جيڪو مفسر جي اجتهاد، عقلي استدلال ۽ ذاتي فڪر جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي، جنهن کي تفسير بالرأي (راءِ تي ٻڌل تفسير) يا تفسير بالدراية چيو ويندو آهي.
تفسير بالمأثور
[سنواريو]تفسير بالمأثور مان مراد اهڙو تفسير آهي، جيڪو قرآن جي تشريح لاءِ معتبر اسلامي روايتن کي بنياد بڻائي ٿو. هن طريقي ۾ سڀ کان پهرين قرآن جي آيتن جي وضاحت قرآن جي ٻين آيتن سان ڪئي ويندي آهي، ان کان پوءِ سنت، حديث، صحابه ۽ تابعين جي روايتن کان مدد ورتي ويندي آهي. اسلامي روايت موجب هي تفسير جو سڀ کان وڌيڪ معتبر طريقو سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻتہ اهو ابتدائي اسلامي ذريعن تي ٻڌل هوندو آهي.
هن طرز جي مشهور تفسيرن ۾ جامع البيان (الطبري)، تفسير ابن كثير ۽ الدر المنثور شامل آهن.
تفسير بالرأي
[سنواريو]تفسير بالرأي مان مراد اهو تفسير آهي، جيڪو مفسر جي علم، اجتهاد، لساني مهارت ۽ عقلي استدلال جي بنياد تي مرتب ڪيو ويندو آهي. هن طريقي ۾ قرآن جي لغوي، نحوي، بلاغي، فقهي ۽ عقلي پهلوئن جو جائزو وٺي آيتن جي تشريح ڪئي ويندي آهي، البته اها تشريح قرآن، سنت ۽ اسلامي عقيدي جي بنيادي اصولن سان هم آهنگ هجڻ گهرجي.
اسلامي عالمن جي اڪثريت جو خيال آهي ته جيڪڏهن تفسير بالرأي صحيح علمي اصولن، عربي ٻوليءَ جي ڄاڻ، شرعي دليلن ۽ معتبر اسلامي ماخذن جي بنياد تي ڪئي وڃي ته اها قابل قبول آهي، پر جيڪڏهن اها صرف ذاتي خواهشن يا بي بنياد راين تي ٻڌل هجي ته ان کي قبول نٿو ڪيو وڃي.
ٻين طريقن
[سنواريو]تفسير جي تاريخ ۾ مختلف اسلامي علمي روايتن تحت ٻيا به ڪيترائي اسلوب وجود ۾ آيا، جن مان ڪجهه هي آهن:
- لغوي تفسير – جنهن ۾ لفظن جي لغوي، نحوي ۽ بلاغي معنائن تي زور ڏنو ويندو آهي.
- فقهي تفسير – جنهن ۾ قرآن مان شرعي احڪام ۽ قانوني مسئلا اخذ ڪيا ويندا آهن.
- ڪلامي تفسير – جنهن جو مرڪز عقيدي ۽ علم ڪلام جا مسئلا هوندا آهن.
- اشاري يا صوفي تفسير – جنهن ۾ آيتن مان روحاني ۽ باطني معنائون بيان ڪيون وينديون آهن.
- ادبي ۽ سماجي تفسير – جديد دور جو اهو رجحان، جنهن ۾ قرآن جي ادبي اسلوب، سماجي پيغام ۽ معاصر مسئلن تي ان جي هدايت کي نمايان ڪيو ويندو آهي.
تفسير جي انهن مختلف طريقن اسلامي فڪر جي ارتقا سان گڏ ترقي ڪئي آهي، ۽ هر هڪ طريقي جو مقصد قرآن جي معنيٰ کي مختلف علمي ۽ فڪري زاوين کان واضح ڪرڻ آهي.
اسلامي مسلڪن موجب تفسير
[سنواريو]اسلامي علمِ ڪلام ۾ ڪيترائي اسلامي مسلڪ ۽ فڪري روايتون موجود آهن، ۽ هر هڪ پنهنجي عقيدي، اصولن ۽ علمي منهج موجب قرآن جي تفسير پيش ڪري ٿي.
سني
[سنواريو]
محمد بن جرير الطبري جي دور کي تفسير جي ڪلاسيڪي دور جي شروعات سمجهيو ويندو آهي، جنهن دوران ڪيترائي اهم سني تفسير لکيا ويا، جن ۾ تفسير الطبري ۽ تفسير الثعلبي نمايان آهن. تفسير الطبري کي سني اسلام ۾ سڀ کان اهم تفسيرن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.[28] هن تفسير ۾ قرآن جي هر آيت جي تشريح سان گڏ مختلف روايتون ۽ متضاد رايا به بيان ڪيا ويا آهن، جن مان طبري ڪڏهن موافقت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ڪڏهن پنهنجي نظر ۾ وڌيڪ صحيح راءِ کي ترجيح ڏئي ٿو. هن مختلف قرائتن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي ۽ لسانياتي توڙي علمِ ڪلام جا موضوع به بحث هيٺ آندا آهن.[29]
ابن تيميه کي ڪلاسيڪي ۽ بعد واري دور جي تفسير جي وچ ۾ هڪ اهم منتقليءَ جو نمائندو سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻتہ هن تفسير لاءِ هڪ نئون هرمينيوٽڪ (تشريحي) منهج پيش ڪيو. سندس خيال موجب قرآن جي تفسير بنيادي طور قرآن سان ۽ سنت سان ٿيڻ گهرجي.
سندس شاگرد ابن ڪثير هن منهج کي عملي صورت ڏني. سندس تفسير اڳين تفسيرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چونڊيل ۽ تنقيدي آهي، جنهن ۾ ذاتي راين جو استعمال محدود رکيو ويو آهي. ابن تيميه کان مختلف، ابن كثير اڳين مفسرن جي روايتي مواد جو تنقيدي جائزو پڻ ورتو. بهرحال، قبل از جديد دور ۾ ابن تيميه ۽ ابن كثير جا تفسير گهڻي پيماني تي رائج نه هئا.
جلال الدين سيوطي (1445–1505ع) جو تفسير الدر المنثور پڻ ساڳئي منهج تي ٻڌل آهي. ابن ڪثير جيان هن پڻ چونڊيل روايتون بيان ڪيون، پر پنهنجي تفسير ۾ ذاتي تبصرا شامل نه ڪيا. ان جي باوجود، هن ابن تيميه ۽ ابن كثير جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تعداد ۾ حديثون شامل ڪيون عثماني سلطنت جي اعليٰ مدرسن ۾ هن تفسير کي وڏي اهميت حاصل هئي.
اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري جديد تفسير جو دور شروع ٿيو. جديد تفسير جي نمايان خصوصيتن ۾ اسلامي علمي ورثي تي تنقيدي نظر، سلف صالحين جي منهج ڏانهن رجوع، امت جي اتحاد تي زور، ۽ قرآن جي جديد دنيا سان لاڳاپيل تشريح شامل آهن. جديد مفسرن قرآن جي پيغام کي جديد سائنس، عقليت، ادبي تنقيد ۽ سماجي ضرورتن سان هم آهنگ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي.
سترهين صديءَ جي عثماني اصلاحي تحريڪ قادي زادلي ۾ به اهڙا رجحان موجود هئا. اهڙيءَ طرح الشوڪاني (1759–1834ع) کي به ڪيترن محققن جديد سلفي رجحانن جو اڳواڻ قرار ڏنو آهي.
اوڻيهين صديءَ ۾ سر سيد احمد خان ۽ محمد عبده جهڙن مفڪرن عقلي تفسير کي فروغ ڏنو، جنهن جو مقصد اهو ثابت ڪرڻ هو ته قرآن ۽ جديد سائنس ۾ ڪو تضاد موجود ناهي.[30] هن رجحان کي تفسير علمي پڻ چيو وڃي ٿو، جنهن موجب قرآن ۾ ڪيترن سائنسي حقيقتن ڏانهن اڳواٽ اشارا موجود آهن. جيتوڻيڪ اهڙو رجحان اڳين دورن ۾ به ملي ٿو، پر ان جي مقبوليت جديد زماني ۾ وڌي ان هوندي به، ڪيترن مسلمان عالمن هن طريقي تي تنقيد پڻ ڪئي آهي.
ٻئي طرف امين الخولي جهڙن عالمن قرآن جي ادبي ۽ لساني پهلوئن تي زور ڏنو. سندن خيال موجب تفسير جو مقصد جديد سائنسي يا تاريخي حقيقتون ثابت ڪرڻ نه، پر اهو سمجهڻ آهي ته قرآن پنهنجي پهرئين مخاطبن تي ڪهڙو اثر پيدا ڪيو.
هڪ ٻئي فڪري رجحان موجب قرآن کي رڳو پهرين مسلمانن وانگر سمجهڻ ئي نه، پر انهن وانگر عملي زندگيءَ ۾ نافذ ڪرڻ پڻ ضروري آهي. هن رجحان جا مشهور نمائندا سيد قطب ۽ ابوالاعليٰ مودودي آهن، جن اسلامي معاشري ۽ رياست جي قيام تي زور ڏنو
سني تفسير جا ڪيترائي اهم ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪا آهن، جن ۾ تفسير ابن ڪثير ۽ تفسير الطبري نمايان آهن.
شيعا
[سنواريو]شيعا مفسرن جا تفسير به لسانيات، فقھ ۽ علمِ ڪلام جهڙن موضوعن تي بحث ڪن ٿا ۽ ڪيترين ئي صورتن ۾ سني مفسرن جهڙا علمي طريقا اختيار ڪن ٿا. بهرحال، شيعا تفسيرن جي خاص خصوصيت اها آهي ته انهن ۾ امامت جي عقيدي کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. اهڙين آيتن تي خاص زور ڏنو ويندو آهي، جيڪي شيعا روايت موجب حضرت عليؑ ۽ اهلِ بيت جي جانشيني سان لاڳاپيل سمجهيون وڃن ٿيون.
شيعا تفسير ۾ قرآن جي ظاهري (ظاهر) ۽ باطني (باطن) معنيٰ ۾ فرق ڪيو ويندو آهي، ۽ ڪيترين حالتن ۾ ائمه اهلِ بيت سان منسوب باطني تشريح کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي. ڪجهه شيعا تفسير معتزله جي فڪري اثر هيٺ به لکيا ويا آهن، خاص طور علمِ ڪلام جي معاملن ۾.
شيعا تفسيرن جا مشهور مثال هي آهن:
ٻئي طرف زيديه، جيڪي شيعا فرقن مان سني فقهي روايت جي سڀ کان ويجهو سمجهيا وڃن ٿا، انهن جا تفسير گهڻي حد تائين سني تفسيرن سان مشابهت رکن ٿا. زيدي تفسيرن مان ڪجهه سني عالمن وٽ پڻ مقبول رهيا آهن.[31]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ قرآن مجيد 3:7
- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.
- ↑ "Interpreting The Text". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2017-06-27 تي محفوظ ڪيل. 2010-11-11 تي حاصل ڪيل.
- ↑ الذهبي، التفسير والمفسرون.
- ↑ Samuel J. Ross, "What Were the Most Popular tafsīrs in Islamic History? Part 1: An Assessment of the Manuscript Record and the State of tafsīr Studies", Journal of Qur'anic Studies, Volume 25 Issue 3.
- 1 2 Saeed, Abdullah (2006). Interpreting the Qurʼān: towards a contemporary approach. Routledge. ص. 9–11.
- 1 2 McAuliffe, Jane Dammen (1991). Qur'anic Christians: An Analysis of Classical and Modern Exegesis. Cambridge University Press.
- ↑ Leemhuis 1988, p. 19–22.
- ↑ Berg 2003, p. 269, 277.
- ↑ Sinai 2014.
- ↑ [10]
- ↑ Muhsin Demirci, Tefsir Usulü, p.120.
- ↑ Gorke 2020, p. 281–282.
- ↑ Gorke 2020, p. 276–280.
- ↑ Gorke 2020, p. 285–290.
- ↑ Gorke 2020, p. 290–291.
- ↑ Gorke 2020, p. 316–328.
- 1 2 3 Allama Jalaludin, Suyuti (2008). الاتقان في علوم القرآن. Darul Ishat.
- ↑ Goldziher, Ignaz (1920). Die Richtungen der islamischen Koranauslegung.
- ↑ Mir, Mustansir (1986). Coherence in the Qurʾān.
- ↑ Wāḥidī, Abu al-Hasan Ali (2008). Al-Wāḥidī's Asbāb al-Nuzūl.
- ↑ Kathir, Ibn (2000). Tafsir Ibn Kathir.
- ↑ Suyūṭī, Jalāl al-Dīn (2011). Al-Itqān fī ʿUlūm al-Qurʾān.
- ↑ Taymiyyah, Ibn. Muqaddimah fi Usul al-Tafsir.
- ↑ Kamali, Mohammad Hashim (2011). Principles of Islamic Jurisprudence.
- ↑ As-Suyuti, Imam Jalaludin (2015). Al-Itqan fi Ulum al-Qur'an.
- ↑ Jackson, Sherman A. (2003). On the Boundaries of Theological Tolerance in Islam.
- ↑ C.E. Bosworth. Encyclopedia of Islam, 2nd ed.
- ↑ Herbert Berg, The Development of Exegesis in Early Islam.
- ↑ Görke & Pink, p. 32.
- ↑ "Quran Tafseer".
{{cite web}}: Missing or empty|url=(مدد)
ذريعا
[سنواريو]- Berg, Herbert (2003). "Competing Paradigms in Islamic Origins: Qurʾān 15:89–91 and the Value of Isnāds". ۾ Berg, Herbert (مرتب). Method and Theory in the Study of Islamic Origins. Brill. ص. 259–290.
- Cook, Michael (2000). The Koran; A Very Short Introduction. Oxford University Press. ISBN 978-0-19-285344-8. 24 September 2019 تي حاصل ڪيل.
- Gorke, Andreas (2020). "Criteria for dating early tafsir traditions: the exegetical traditions and variant readings of Abu Mijlaz Lahiq b. Humayd". Jerusalem Studies in Arabic and Islam 49: 275–337. https://www.academia.edu/52320012.
- Leemhuis, Fred (1988). "Origins and Early Development of the tafsir Tradition". ۾ Rippin, Andrew (مرتب). Approaches to the History of the Interpretation of the Qur'ān. De Gruyter. ص. 13–30.
- Meri, Josef W., مرتب (2006). Medieval Islamic Civilization. جلد 2 L-Z, index. Taylor & Francis. ISBN 978-0-415-96692-4.
- سانچو:Harvc
- Sinai, Nicolai (2014). "The Qur'anic Commentary of Muqātil b. Sulaymān and the Evolution of Early Tafsīr Literature". ۾ Gorke, Andreas; Pink, Johanna (مرتب). Tafsīr and Islamic Intellectual History: Exploring the Boundaries of a Genre. Oxford University Press. ص. 113–143.
| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Explanation. |