انقلاب
انقلاب __(Revolution):
مڪمل حڪومتي تبديلي، نظام جي تبديلي، نئون سرشتو آڻڻ لاءِ سرڪار يا سماجي نظام جو زوريءَ خاتمو ڪرڻ وغيره. انقلاب جي زمري ۾ اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ڪيترائي انقلاب آيا آهن، مثال طور فرانسي انقلاب، روسي ڪميونسٽ انقلاب، چيني انقلاب ، زرعي انقلاب، وغيره وغيره . سياسي انقلابن ۾ اديبن جو به اهم ڪردار رهيو آهي. روسو جي لکڻين جي ڪري فرانسي انقلاب جي راهه هموار ٿي. چارلس ڊڪنس جي ناول “A Tale of two Cities”۾ فرانسي انقلاب جو ذڪر آهي. ڪارل مارڪس جي لکڻين سڄي دنيا ۾ سياسي ۽ اقتصادي ۽ ڪميونسٽ انقلاب آندو. [1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي