فضل الله انڍڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسڪوارڊن ليڊر فضل -الله- -انڍڙ- 1942ع ڌاري ۾ ڳوٺ ابراهيم -انڍڙ- ۾ ڄائو. عصري ۽ ديني -تعليم- -ٺيڙهي-، ملتان ۽ گهوٽڪيءَ مان حاصل ڪيائين. ’ترجمان -اسلام-‘ رسالي جو نائب -ايڊيٽر- رهيو، ڪجهه عرصو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي ۽ حيدرآباد ۾ عربي -استاد- ٿي رهيو، وڪالت به ڪيائين. نيوي ۾ ترجمان ٿي رهيو، سکر مان ماهوار ’شريعت‘ جو اجراءُ ڪيائين، جيڪو پوءِ لڳاتار مفتي عبدالوهاب چاچڙ جي ادارت ۾ نڪرندو پيو اچي. فضل -الله- -انڍڙ- بعد ۾ ايئرفورس ۾ وارنٽ آفيسر ٿيو، جتان 1992ع ۾ اسڪوارڊن ليڊر طور رٽائر ڪيائين. 2003ع ۾ وفات ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’-تفسير- آريات رضوان‘ ۽ (2) ’الترغيب و ترميب‘ (ترجمو) شامل آهن، سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا ادبي ۽ ديني رسالن ۾ شايع ٿيل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]