انور منصور مڱريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد انور علي ولد محمد پريل ” بيدار “ مڱريي جو ادبي نالو ” -انور منصور مڱريو- “ آهي ، سندس -جنم- 19 -جنوري- 1973ع تي ڳوٺ سنگرار تعلقي روهڙي ، ضلعي سکر ۾ ٿيو . سندس -تعليم- B . E -اليڪٽرانڪس- ۽ ايم . اي سنڌي ادب آهي . سندس شاعري ۽ تحقيقي مقالا سنڌ جي مختلف علمي ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا . ” شيخ -اياز- جي بيتن جو فني ۽ فڪري اڀياس “ جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ ايم . فل ڪري رهيو آهي . بردي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪر بابت ” توکي ساهه سنڀاري “ نالي هڪ ڪتاب ڇپائي جي مرحلن ۾ اٿس . سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسيئيشن ضلعي نوابشاهه جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو آهي . هن وقت سپلا حيدرآباد ريجن جي ايڊيشنل سيڪريٽري طور ڪم ڪري پيو . پنهنجي والد محمد پريل ” بيدار “ مڱريي جي نالي سان نوابشاهه ۾ ادبي فورم به قائم ڪيو اٿس . -ان- پليٽ فارم -تان- ڪجهه ادبي پروگرام به ڪرايل اٿس . هن وقت نوابشاهه جي ڊگري ڪاليج ۾ ليڪچرر طور پنهنجون خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]