عبدالوهاب چاچڙ
مفتي عبدالوهاب چاچڙ | |
---|---|
![]() مفتي عبدالوهاب چاچڙ | |
پيدائش | مارچ 1942 قادرپور، گهوٽڪي، سنڌ |
رھائش | روهڙي، سکر |
قوميت | پاڪستاني |
مادر علمي | مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي، دارالهدي ٺيڙهي |
پيشو | مذهبي عالم، ليکڪ، محقق |
شھرت جو ڪارڻ | ماهوار شريعت سکر |
سياسي جماعت | جميعت علماء اسلام (ف) پاڪستان |
مذھب | اسلام |
مفتي عبدالوهاب چاچڙ (اردو: "مفتی عبدالوہاب چاچڑ"، انگريزي: Mufti Abdul Wahab Chachar) هڪ پاڪستاني اسلامي عالم، محقق ۽ ليکڪ هو، جيڪو خاص طور تي ديني تعليم ۽ اسلامي فقہ ۾ پنهنجي خدمتن جي ڪري سڃاتو ويندو آهي.
ابتدائي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]عبدالوهاب چاچڙ 26 مارچ 1942ع تي گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ ڪنڊي چاچڙ ۾ پيدا ٿيو. هو ننڍپڻ ۾ والد جي وفات کان پوءِ پنهنجي چاچي مولوي محمد يوسف جي سرپرستيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳو. 1956ع ۾ گهوٽڪي جي مدرسه قاسم العلوم ۾ داخلا ورتائين، جتان ابتدائي ديني تعليم مڪمل ڪيائين. بعد ۾ مدرسه مدينة العلوم، پنو عاقل ۾ مولانا عبدالهادي ميمڻ وٽ پڙهيو. 1967ع ۾ سندس ديني تعليم جي تڪميل ٿي، ۽ دستاربندي ڪئي وئي.[1]
تدريس
[سنواريو]تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مولانا چاچڙ تدريس سان وابسته ٿيو. هن مدرسه قاسم العلوم، دارالعلوم حماديه هاليجي شريف، ۽ مظهرالعلوم منزل گاهه سکر ۾ پڙهايو. 1981ع ۾ روهڙيءَ ۾ جامعه عربيه دارالعلوم الشرعيه قائم ڪيائين، جتي درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيو.[1]
شاگرد
[سنواريو]مولانا چاچڙ جا شاگرد مختلف شعبن ۾ پنهنجو مڃرايو، جن ۾ ڪجهه سياستدان، اديب، ۽ ديني اسڪالر شامل آهن:
- مولانا عبدالغفور حيدري - اڳوڻو ڊپٽي چيئرمين سينيٽ پاڪستان، اڳوڻو وفاقي وزير
- پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ - پرنسپال، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج، گهوٽڪي
- مولانا حافظ عبدالسميع لکڻ - اڳوڻو پروفيسر مڪه يونيورسٽي، مفتي اعظم سعودي عرب شيخ عبدالعزيز ابن باز جو شاگرد
- مولانا عبدالله جروار - مناظر ۽ ديني اسڪالر
ادبي خدمتون
[سنواريو]مولانا چاچڙ ديني، فقهي، ۽ تاريخي موضوعن تي لکڻ جي شروعات علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي مشوري سان ڪئي. هو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکندو رهيو، جن ۾ الرحيم، ملير ڊائجسٽ، هلال پاڪستان، ۽ انقلاب شامل آهن.[2]
تصنيفون
[سنواريو]مولانا چاچڙ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه مشهور هيٺ ڏجن ٿا:
سنڌي ڪتاب
- تفسير سهل البيان
- فتاويٰ شرعيه (ٽي جلد)
- مرد ڪامل - امام عبدالڪريم ٻيروي جي سوانح
- زڪوات جا مسئلا
- چوڏهين صدي جا برک عالم[3]
اردو ڪتاب
- عورت کی وزارت عظمیٰ اور شريعت
- کالا باغ ڊيم منصوبه - قرآن و سنت جي روشنيءَ ۾
- سندھ کا کيس
- رویت ہلال کے مسائل
عربي ڪتاب
- تحقيق تحفت المحببين
- تحفة الڪرام بذڪر العشر الحرام
ماهوار شريعت سکر
[سنواريو]1973ع ۾ شريعت پبليڪيشن جو بنياد وڌائين، جنهن هيٺ ماهوار شريعت نالي ديني، فقهي، ۽ قومي معاملن تي رسالو جاري ڪيائين. هي رسالو پنجاهه سالن کان مٿي عرصي تائين شايع ٿيندو رهيو. ان ۾ مختلف خاص نمبر پڻ شايع ڪيا ويا، جن ۾:
- فتوي نمبر
- حج نمبر
- ڪالاباغ ڊيم نمبر
- سوانح حيات نمبر
- شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو نمبر
سياست
[سنواريو]مولانا چاچڙ جو لاڳاپو جميعت علماء اسلام (ف) سان رهيو. هو مفتي محمود جا ويجها ساٿي هئا ۽ فضل الرحمان پڻ کيس "مولانا شريعت خان" سڏيندو هو. 1987ع ۽ 2002ع ۾ گهوٽڪيءَ مان صوبائي چونڊن ۾ حصو ورتائين، پر ڪامياب نه ٿيو.[4]
ڪالاباغ ڊيم خلاف هن جو موقف اهم رهيو، ۽ هن ان کي غير شرعي قرار ڏيندي، تفصيلي ڪتاب لکيو، جيڪو مختلف ديني حلقن ۾ پڙهيو ويو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 "چاچڙ عبدالوهاب مفتي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-02-15.
- ↑ "علامه غلام مصطفيٰ قاسمي – سنڌي ادبي بورڊ". حاصل ڪيل 2025-02-24.
- ↑ "Books - Library". www.lib.sindh.org. حاصل ڪيل 2025-02-24.
- ↑ "PS-6 Ghotki Detail Election Result 2002 Full Information". www.electionpakistani.com. حاصل ڪيل 2025-02-24.