معشوق برهماڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
معشوق برهماڻي

معشوق برهماڻي (انگريزي:Mashooque Brahmani) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ سماج سڌارڪ آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

معشوق برهماڻي جو پورو نالو معشوق علي پٽ علي بخش برهماڻي آهي. سندس جنم 21 آگسٽ 1970ع ۾ دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو جي علائقي جه تاريخي شهر واهي پانڌي ڀرسان ڳوٺ دودو برهماڻي ۾ ٿيو.[1]

تعليم[سنواريو]

هن پرائيمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ جو امتحان 1996ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان 1996ع ۾ پاس ڪيائين. انٽر 1998ع ۾ گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين. هن بي. ايڊ جي ڊگري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي.[1]

شاعري جي ابتدا[سنواريو]

معشوق ننڍپڻ ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن لکڻ جي شروعات 1992ع کان ڪئي. هيءُ احساساتي شاعر آهي. سندس شاعري روزاني جاڳو ڪراچي، روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني عبرت حيدرآباد اخبارن ۽ نئين زندگي حيدرآباد ۽ هزار داستان رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. هن عوامي سڄاڳي لاءِ ڪيترائي انٽر ايڪٽو ٿيٽر پڻ لکيا آهن ۽ انهن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي آهي.[1]

عملي زندگي[سنواريو]

معشوق برهماڻي عملي زندگيءَ ۾ هڪ پرائيمري استاد آهي ۽ سماج سڌارڪ پڻ رهيو آهي. هن علم خدمتن سان گڏ سماجي خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون آهن.[2] انٽر ايڪٽو تيٽر جي سلسلي ۾ هن سنڌ ۽ پاڪستان کان علاوه ڪوالالمپور ملائشيا، هندستان ۽ برطانيا، خاص طور لنڊن ۾ منعقد پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي آهي جتي هن ڪاڇي جي جي پٺتي پيل علائقي جي صوفي فنڪارن ۽ اداڪارن کي متعارف ڪرايو.[1][3][4]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-05-13. 
  2. "جوهي۾عورت تي تشدد ۽ تذليل جو ڪيس داخل،3 جوابدار گرفتار" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-05-13. 
  3. onlineindus.com https://onlineindus.com/sindhi/38675. حاصل ڪيل 2020-05-13.  Missing or empty |title= (مدد)
  4. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/July/25-07-2016/Page11/P11-23.htm. حاصل ڪيل 2020-05-13.  Missing or empty |title= (مدد)