ڪوالالمپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

Cityscape[سنواريو]

The view of Kuala Lumpur from Titiwangsa Lake Garden

ڪوالالمپور (انگريزي ٻولي: Kuala Lumpur) ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ آهي. وڏو ۽ مکيه شهر آهي. سبانگ نالي بين القوامي هوائي اڏو توڙي پورٽ ڪلانگ نالي بندرگاهه اٿس. منجهس ڪيتريون ئي يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا آهن. ڌارين ملڪن جا سفارتخانا توڙي هوائي ڪمپنين جون آفيسون ۽ ڪيتريون ئي وڏيون هوٽلون پڻ ڪوالالمپور شهر ۾ آهن، ۽ ڪوالالمپور شهر هوائي اڏي ۽ سامونڊي رستي دنيا جي ملڪن سان ڳنڍيل آهي. ان کان سواءِ ڪوالالمپور جو شهر ريل گاڏي ۽ بسن ذريعي نه رڳو ملائيشيا جي مختلف شهرن سان ڳنڍيل آهي. ڀر وارن ملڪن: سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي ڪيترن ئي شهرن سان پڻ ڳنڍيو پيو آهي. ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن تي ۽ پودورايا واري بس اسٽاپ تي سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جي شهرن: حاديا، سونگ ڪلا، پٽايا ۽ بئنڪاڪ لاءِ بس هلن ٿيون. ڪوالالمپور ۾ رهائش لاءِ هر قسم جون هوٽلون موجود آهن. سياسي ۽ سماجي حالتون پڻ بهتر ۽ سڌريل آهن. ان ڪري پَري پَري کان ماڻهو ڪولالمپور اچن ٿا. ڪوالالمپور واري پاسي رٻڙ جي وڻ جا باغ جام آهن. تنهنڪري اُتي صبح سوير عورتون وڻن جي ٿڙ کي چيهڪ ڏينديون آهن ۽ کير ٽيپو ٽيپو ٿي هيٺ ٽنگيل وٽيءَ ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ پوءِ اهي سڀ وٽيون هڪ وڏي ڊرم ۾ وجهي ان مان رٻڙ جون اڇيون چادرون ٺاهيون وڃن ٿيون، جيڪي پوءِ رٻڙ جي مختلف شين ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿيون.

ڪوالالمپور ۾ گهمڻ جا هنڌ[سنواريو]

ساڳي طرح ڪوالالمپور شهر کان ٿورو پري سطح سمنڊ کان ڇهه هزار فوٽ کن مٿي جبلن جي چوٽيءَ تي Genting Highland نالي هڪ جڳهه آهي، گهڻو مٿي هجڻ ڪري هتي تمام گهڻو سيءُ رهي ٿو. جيتوڻيڪ هيٺ سڄي ملائيشيا ۾ سڄي سال ۾ ڪو هڪ اڌ ڏينهن به ٿڌڪار نه ٿي ٿئي. هيءَ جڳهه ايڏو مٿي آهي جو عمارتن جي چوڌاري ڪڪر ترندا رهن ٿا. (ان ڪري اتي ٺهيل هڪ جوا جي اڏي کي (Casino in Cloud) “ڪڪرن ۾ جوا خانو” سڏجي ٿو. گنتنگ هاءِ لئنڊس تي مٿي هڪ ننڍڙي ڍنڍ ۽ باغيچو پڻ آهي. ملائيشيا جا ماڻهو هتي گهڻو ڪري پڪنڪ لاءِ اچن ٿا. يا وري ٻارن جي وندر لاءِ جو اتي ٻارن جون ڪيتريون ئي رانديون آهن. ويندي ٻارن جي چڙهڻ لاءِ مني ٽرين ۽ هلائڻ لاءِ ڪارون پڻ آهن.

ڪوالالمپور جي گنتنگ هاءِ لئنڊس کان پوءِ ٻئي نمبر تي هتي Batu-Caves (باتو غارن) آهن. هي غارَ ڪوالالمپور کان ڏهه ڪلوميٽر کن ٻاهر جهنگل جي وچ ۾ آهن. سڀ کان وڏي غار ۾ هندن جي ديوتا سبرانيم جو مندر آهي. هتي هر سال هندن جي مذهبي ڏينهن، ٿائيپوسام تي وڏو ميلو لڳندو آهي. جنهن ۾ هندو پوڄاري پنهنجيون مرادون پوريون ٿيڻ تي لوهي تارون ۽ ڪوڪا جسم ۾ چڀي ديوتائن کي ڀيٽ ڏيڻ لاءِ مٿي تي مختلف سامانن جا ٿالهه رکي پيرين پنڌ سڄي شهر جي سرگس ڪري هنن غارن ۾ پهچندا آهن. ان کان سواءِ ڪوالالمپور جو قومي ميوزيم (ميوزيم نگارا) به ڏسڻ وٽان آهي.

رهائش لاءِ پڻ ڪوالالمپور ۾ شيراز، امبسي هوٽل، ميڪسيڪو هوٽل ۽ ريلوي اسٽيشن جي هوٽل کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي سستيون جايون آهن. خاص ڪري شاگردن ۽ گهٽ پئسي وارن لاءِ برڪ فيلڊ واري روڊ تي واءِ ايم سي اي YMCA پڻ آهي. ينگ مين ڪرسچن ائسوسيئيشن جو ههڙيون ڪلب نما هوٽلون دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن: يوڪاهاما، هانگ ڪانگ کان وٺي ڪراچي ڪوالالمپور تائين. پوءِ ڪن ملڪن ۾ منجهن رهائش جو معيار سٺو آهي.

ڪوالالمپور جي مختصر تاريخ[سنواريو]

ڪوالالمپور ڪو ايڏو گهڻو پراڻو شهر ناهي. اڄ کان ڇهه سئو سال کن اڳ پرميشوارا نالي سماترا جي هڪ شهزادي ملاڪا تي قبضو ڪري، سڄي ملايا کي پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. ان کان پوءِ 1511ع ۾ پورچوگالين ملاڪا تي حملو ڪري ملاڪا ۾ حڪومت قائم ڪئي. ساڳي طرح ڊچن ۽ ٻين ڌارين حاڪمن ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور شهر جو ته ڪو وجود ئي نه هو. بلڪ نشانيءَ خاطر ڪا سر به رکيل نه هئي. ڪوالالمپور شهر جي شروعات ئي گذريل ڏيڍ سئو کن سال اڳ کان ٿي آهي. ڪوالالمپور جو شهر صحيح معنيٰ ۾ 1857ع کان ٽين (Tin) جون کاڻيون ملڻ ڪري، اڏجڻ ۽ وڌڻ شروع ٿي ويو هو. ڪوالالمپور لفظ جي معنيٰ آهي “گپ واري نديءَ جو منهن” لمپور معنيٰ گپ، ۽ ڪئالا معنيٰ نديءَ جو منهن. ڏيڍ سئو سال کن اڳ ڪوالالمپور اهو ئي ڪجهه هو. پوءِ به پهرين چار گهرڙا ۽ جهونپڙيون ٺهيون، انهن مان ڳوٺ ۽ پوءِ شهر، ڪلانگ ندي ۽ گئمباڪ نديءَ جي ڳانڍاپي وٽ هي شهر آهي.

1830ع ۾ سلانغور (Selangor) رياست جي راجا سلطان محمود هن علائقي جي کوٽائي شروع ڪئي، پر ناڪام رهيو. پر ان ناڪاميابيءَ هوندي به افواهه جاري رهيا ته ان علائقي ۾ ٽين تمام گهڻو آهي. 1857ع ۾ انهيءَ راجا جي ڀائٽي راجا جمعت پنهنجن ٽن ساٿين سان گڏ ٽين جي کاڻين جي ڳولا وري شروع ڪرائي. راجا جمعت کان اڳ به اتراهن علائقن ۾ ٽين جي کوٽائي ۽ ڪاروبار مان چڱي ڪمائي ۽ تجربو حاصل ڪري چڪو هو. هن پنهنجي ساٿين ۾ هڪ ته پنهنجو ڀاءُ راجا عبدالله شامل ڪيو ۽ وڌيڪ ناڻي ۽ خرچ پکي جي مدد لاءِ ملاڪا جا ٻه چيني واپاري: چي يم چئان ۽ لم سي هو شامل ڪيا. انهن ڏينهن ۾ هي سڄو علائقو جهنگل هو ۽ جهنگل به اهڙو گهاٽو جنهن مان ماڻهو هلي سگهي. هنن کاڻين جي ڳولا ۽ کوٽائيءَ لاءِ هنن ستاسي چيني مزور هٿ ڪيا. جهنگ مان رستو ٺاهي اڳتي وڌڻ ته مشڪل ڪم هو، سو هو ٻيڙين رستي ڪلانگ نديءَ مان اڳتي وڌي ان هنڌ تي پهتا، جتي اڄ جو ڪوالالمپور آهي، جتي ڪلانگ نديءَ سان گمباڪ ندي ملي ٿي. اتي پهچي هي همراه ٻيڙين مان لٿا ۽ ٽين جي ڳولا ۾ گهاٽن جهنگلن ۽ ٻيلن ۾ گهڙي پيا. آخر ڪار هنن هڪ هنڌ ٽين جا تمام وڏا ذخيرا ڳولي ورتا. اهو هنڌ ڪوالالمپور جو اڄ وارو ائمپنگ علائقو هو. ٽين ملڻ جي خوشي ته تمام گهڻي ٿي. پر اها يڪدم مايوسيءَ ۾ بدلجي ويئي. تن ڏينهن ۾ ملائيشيا جي جهنگلن ۾ ايڏا زهريلا مڇر هئا جو مهيني اندر سواءِ ويهارو کن ماڻهن جي باقي مزور هڪ هڪ ٿي مليريا وگهي مري ويا. راجا عبدالله دل نه لاٿي ۽ ڏيڍ سئو مزورن جو ٻيو جٿو وٺي ساڳي هنڌ تي ٽين جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪرايو ۽ پوءِ ڪجهه عرصي جي کوٽائيءَ بعد ٽين جي لڳاتار سپلاءِ کاڻين کان درياهه جي ڪناري تائين ۽ پوءِ ٻيڙين جي رستي واپاري اڏن تي پهچڻ شروع ٿي ويئي.

1859ع ۾ ٽين جي خريداري ۽ وڪري لاءِ اتر کان ٻه وڏا چيني واپاري: هيو سيو ۽ آهه ذي ڪيليڊڪ هتي آيا. هيو سيو (Hiu-siew) ته تمام هوشيار حرفتي هو ۽ راجا عبدالله سان ايڏي دوستي ٿي ويس جو هن کيس ان وقت جي هن ننڍڙي ڳوٺڙي ڪوالالمپور جو وڏيرو مقر ڪيو ۽ “ڪئپٽن چينا” لقب ڏنو. هن جي رهبري ۽ راڄ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. 1862ع ۾ ڪئپٽن چينا جي مرڻ تي سندس جاءِ هڪ ٻئي چيني ليو نگم ڪانگ والاري ۽ ان کان پوءِ يپ آهه ٿيو. يپ آهه جي ڪئپٽن چينا ٿيڻ تي ڪافي مخالفت ٿي، جو هي ٻين چينين جي مقابلي ۾ ڌاريون هو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ چين کان ملاڪا آيو هو ۽ 1854ع ۾ جڏنهن ملاڪا پهتو ته بنا پئسي ڪوڏيءَ جي سترهن سالن جو ڇوڪرو هو پر پوءِ حرفتن، اٽڪلن ۽ ڏاهپ جي ڪري چوڏنهن سالن اندر هڪ طاقتور عهديدار ٿي ويو هو.

ڪوالالمپور جي تواريخ ۾ سال 1890ع يادگار سال چيو وڃي ٿو, جنهن ۾ سيام (ٿائلنڊ) جي بادشاهه ڪوالالمپور جو دورو ڪيو ۽ پهريون انگريزي اسڪول کليو. هن ئي سال سنيٽري بورڊ پڻ قائم ڪيو ويو, جنهن جو ڪم شهر جي وڌندڙ حالتن کي ڌيان ۾ رکي ان موجب, صفائي، سٺائي ۽ روشنيءَ ڏي خيال ڏنو ويو. 1893ع ۾ سڀ کان وڏو انگريزي اسڪول Victoria institution کليو ۽ 1896ع ۾ ملايا جي ٻين رياستن جي گاديءَ جو هنڌ پڻ ڪوالالمپور ڪيو ويو. انهيءَ سال اپريل ۾ ائمپنگ ۾ پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪي ٺاهي ويئي، جنهن مان پائيپن رستي ڪوالالمپور شهر جي گهرن کي پاڻي پهچائڻ جو ڪم شروع ٿيو. ڪوالالمپور شهر جي وچ ۾ جيڪو پودو جيل آهي، اهو پڻ ان سال ٺهي راس ٿيو هو. ان جي ٺهڻ تي انهن ڏينهن ۾ سوا ٽي لک ڊالر خرچ آيو هو ۽ ان ۾ پنج سئو ويهه قيدين جي رهائش رکي ويئي. ملائيشيا جي انگريزي اخبار ملئي ميل (Malay Mail) پهرين روزاني اخبار هئي، جيڪا 1896ع ۾ ڪوالالمپور مان جاري ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي. هن اخبار جو شروعات ۾ رڳو ٻه سئو ڪاپيون روز نڪرنديون هيون.

ڪوالالمپور ۾ ريلوي اسٽيشن ٺهڻ بعد سگهو ئي ريڊيو اسٽيشن به ٺهي ۽ 1929ع کان ريڊيو ڪم شروع ڪيو. ٻي وڏي لڙائيءَ جو اثر هن شهر تي، 1941ع ۾، ڪرسمس وارن ڏينهن ۾ ٿيو. بمباري بعد جنوري 1942ع ڌاري جپانين سڄي شهر تي قبضو ڪري ورتو. جپانين جي ملائيشيا تي چار سال کن حڪومت رهي. ان بعد تيرهين سيپٽمبر 1945ع تي جپانين انگريزن اڳيان آڻ مڃي.

ڪوالالمپور ۾ هڪ وڏي باهه 1956ع ۾ گومباڪ ندي ۽ باتو روڊ (هاڻوڪو جالان تنڪو عبدرالرحمان) جي وچ ۾ لڳي هئي جنهن ۾ هزارين بي گهر ٿي ويا هئا.

1956ع ۾ ڊيوڪ آف ايڊنبرو مليا (ملائيشيا) گهمڻ دوران ٻه ڏينهن ڪوالالمپور ۾ پڻ رهيو. 31_آگسٽ 1957ع تي ملايا کي انگريزن طرفان آزادي ڏني ويئي ۽ ان جو جشن پڻ ڪوالالمپور جي مرديڪا اسٽيڊيم ۾ چاليهه ملڪن جي نمائندگي اڳيان ٿيو. تنڪو عبدرالحمان پهريون پرائيم منسٽر مقرر ڪيو ويو. ساڳي سال کان ڪوالالمپور ۾ “ملايا يونيورسٽي” پڻ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهڙي طرح سئو سال کن اڳ جو ننڍڙو ڪچو ڳوٺ اڄ دنيا جي ماڊرن ۽ سهڻين شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. منجهس ڪيترن ذاتين، قومن، مذهبن، زبانن۽ رنگن جا ماڻهو پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي رهن ٿا.[1]

[1]

[2]

  1. ڪتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ليکڪ: الطاف شيخ
  2. Kuala Lumpur - Wikipedia