مواد ڏانھن هلو

لهڻو خان جمالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لهڻو خان جمالي
ڄم لهڻو خان جمالي
ڊسمبر 20 1975(1975-12-20)

ڳوٺ سيوو جمالي، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 24 جون 2014 (عمر 38 سال)

دادو شھر
قلمي نالو سارنگ
ڌنڌو ليکڪ، سياستدان
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم اي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
صنف مضمون، شاعري

لهڻو خان جمالي (انگريزي:Lahno Khan Jamali) سنڌي ٻولي جو شاعر، نثر نویس ۽ سماجي اڳواڻ هو.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

لهڻو خان جمالي اديب، شاعر هجڻ سان گڏوگڏ سياسي سماجي سرگرم ڪارڪن هو.لهڻو خان جمالي جو قلمي نالو يا تخلص سارنگ هو. لهڻو خان 20 ڊسمبر 1975ع تي سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي جي ڳوٺ محمد علي جمالي لڳ ڳوٺ سيوو جمالي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي. هن ڪيترائي مضمون ۽ شعر لکيا. سنڌي ادبي سنگت کان علاوه ٻين ڪيترين ئي ادبي سماجي تنظيمن جي پليٽ فارم تان سرگرم رهيو. هن صوبائي اليڪشن 2013ع ۾ جوهي تڪ تان ايم پي اي طور چونڊ لڙيو پر ڪامياب نه ٿيو. سندس سياسي وابستگي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان رهي. هن پنهنجي حياتي ادبي، سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ وقف ڪري ڇڏي. هن پاڻ کي سٺي شاعر طور پڻ مڃايو. لهڻو خان 24 جون 2014ع تي لاڏاڻو ڪري ويو[1][2][3][4][5][6][7]

وفات

[سنواريو]

لهڻو خان جمالي 24 جون 2014ع تي وفات ڪري ويو.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. Pathan, Dr dur Muhammad (08 مئي 2016), "KNOW MY SINDH: NAME-WISE BIRTH DATES. RESEARCH BY DR> PATHAN", KNOW MY SINDH, حاصل ڪيل 21 ڊسمبر 2019۔
  2. 1 2 "قومپرست ۽ سماجي اڳواڻ جو وڇوڙو – Daily Kalyan | روزاني ڪلياڻ" (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 21 ڊسمبر 2019۔
  3. "ڪل سنڌ بسنت مشاعرو", SindhSalamat, حاصل ڪيل 21 ڊسمبر 2019۔
  4. "Lahno Khan Jamali - Profile, Political Career & Election History", UrduPoint (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 21 ڊسمبر 2019۔
  5. "Consumption of rain water causes disease in Kachho", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), 15 جولاءِ 2003, حاصل ڪيل 21 ڊسمبر 2019۔
  6. "DADU: Tribute paid to Ustad Bukhari", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), 17 جنوري 2009, حاصل ڪيل 21 ڊسمبر 2019۔
  7. "Poets and writers", Aziz Kingrani (ٻولي ۾ انگريزي), 17 ڊسمبر 2014, حاصل ڪيل 22 ڊسمبر 2019۔