مواد ڏانھن هلو

سبڪتگين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سبڪتگين
ناصرالدين وعد دولا
غزنوي سلطنت
تاريخ20 اپريل977 کان 5آگسٽ 997 تائين
پيشرو ابو اسحاق ابراهيم
جانشين محمود غزنوي
ريجنٽ ساماني ايمپائر
جيون ساٿي الپتگين جي نياڻي
نسل اسماعيل، محمود غزنوي،ابوالمظفر ياسر، ھورائي ڪالجي
پورو نالو
ابو منصور سبڪتگين
گهراڻو سبڪتگين جو خاندان
شاھي گھراڻو غزنوي گھراڻو
پيءُ ڪارا باجڪم
جنم 942
بارسغان، موجوده ڪرغزستان
لاڏاڻو تاريخ 5 آگسٽ 997 ۾ 55 سالن جي عمر ۾.
بلخ موجوده افغانستان
مذھب اسلام
سبڪتگين جي دور جا سڪا

سبڪتگين: الپتگين جو غلام ھو جنھن جي بعد ۾ شادي پنھنجي مالڪ جي نياڻي سان ٿي.367ھ ۾ الپتگين گذاري ويو ۽ غزني جي گادي تي سندس پٽ اسحاق ويٺو پر نااهل ثابت ٿيو ۽ فوجي سردارن کيس لاهي ڪري ان جي جاءِ تي سبڪتگين جيڪو الپتگين جو ڄاٽو ۽ سپهه سالار هو، کي غزني جو امير بڻايو.

تفصيلي احوال

[سنواريو]

سبڪتگين لاءِ چيو ويندو آهي ته هو الپتگين جو غلام هو. سندس نسب جو سلسلو ايران جي بادشاهه يزدجرد سان ملي ٿو، ڪن مؤرخن کيس پيءُ طرفان ترڪ ۽ ماءُ طرفان ايراني ٻڌايو آهي. سلطان سبڪتگين تقريباً ويهه سال غزني تي حڪومت ڪئي ۽ غزني کان ڪيترا سؤ ميل پري اڏيل شهر يست ۽ قصدار کي به فتح ڪيو. ابو صالح منصور جي وفات کان پوءِ ان جو پٽ ابوالقاسم نوح بن منصور ثاني ساساني تخت تي ويٺو. ان وقت نيشاپور ۽ هرات جا عامل باغي ٿي ويا، نيشاپور جي عامل ابو علي وري هرات جي عامل فائق کي هارائي اتان تڙي ڪڍيو ۽ پاڻ سڄي خراسان تي قبضو ڪري الڳ حڪومت قائم ڪري ويٺو. فائق شڪست ملڻ کان پوءِ ديلمين وٽ ڀڄي ويو ۽ فخرالدوله ديلمي کيس لشڪر ڏئي ڪري وري بخارا تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ موڪليو، جيڪو سامانين جو تخت گاهه هو. هوڏانهن ترڪستان جو حاڪم بغرا خان به بخارا تي حملي ڪرڻ لاءِ آيو، اهڙيءَ طرح نوح بن منصور ٽن پاسن کان گهيري ۾ وڪوڙجي ويو ۽ آخر مجبور ٿي ڪري سبڪتگين کي مدد لاءِ خط لکيائين، پر هو ته اڳ ۾ ئي نوح کان ڊنو ويٺو هو ته ڪٿي اچي غزني تي حملو نه ڪري، تنهن ڪري فوج وٺي بخارا ڏانهن وڌيو. اڃا سبڪتگين رستي ۾ ئي هو ته ترڪستان جو شاهه بغرا خان گذاري ويو ۽ سندس لشڪر واپس موٽي ويو. سبڪتگين هرات ۾ نوح بن منصور سان ملي ڪري ابو علي، فائق، ۽ فخر الدوله کي شڪست ڏني. ان جنگ ۾ ابو علي مارجي ويو ۽ فائق ترڪستان جي نئين بادشاهه ابلڪ خان وٽ هليو ويو. انهيءَ ويڙهه ۾ سبڪتگين سان سندس پٽ محمود غزنوي به ساڻ هو. نوح بن منصور انهيءَ سوڀ کان پوءِ سبڪتگين کي ناصر الدين ۽ پٽس محمود کي سيف الدوله جو خطاب ڏئي ڪري غزني سان گڏ خراسان به انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو. هي اهو وقت هو جڏهن قرامطي تمام گهڻو زور وٺي ويا هئا ۽ سبڪتگين انهن جو تدارڪ ڪرڻ جي فڪر ۾ هو. ملتان جو امير ان وقت شيخ حميد هو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. 368ھ (79 ــ 978ع) ۾ سلطان سبڪتگين ڪابل فتح ڪري هندستان جي سرحد وٽ سخت حفاظتي انتظام ڪيا، ڇاڪاڻ ته غزني ۽ ڪابل جي سرحد لاهور ۽ ملتان سان مليل هئي. لاهور جي راجا جئپال بن ستپال طاقت جي نشي ۾ هڪ وڏو فوجي ڪٽڪ وٺي پشاور ۽ جمرود کان ٿيندو اچي غزني جي سرحد تي حملو ڪيو. ان وقت سبڪتگين پنهنجي پٽ محمود جي مدد لاءِ نيشاپور ويل هو، جتي ديلمي ۽ ٻيا باغي اڪيلو سمجهي مٿس حملو ڪيائون. سبڪتگين طوس ويجهو جنگ ۾ مصروف هو ته غزني تي جئپال جي حملي جي خبر پيس، جنگ جو پاسو پلٽي جلدي اچي غزني پهتو ۽ جئپال تي بجليءَ وانگر ڪڙڪي پيو، جئپال حملي جي سٽ نه سهي مجبور ٿي ڪري سبڪتگين اڳيان اطاعت جو ڪنڌ جهڪايو ۽ واعدو ڪيائين ته پنجاب پهچي ڏنڊ ۾ جهجو سون ۽ چاندي موڪليندس. اها جنگ غزني جي هڪ ڍنڍ ڀرسان ٿي. راجا جئپال مهراڻ ٽپي واعدي خلافي ڪري ڇڏي ۽ هندستان جي ٻين راجائ381 هه تي جئپال ۽ سبڪتگين جي وچ ۾ ٻي جنگ ٿي. ان وقت ملتان جو حاڪم شيخ حميد هو جيڪو اسماعيلي هجڻ ڪري فاطمي حڪومت جو فرمانبردار هو. ان وقت فاطمي ۽ عباسي حڪومت جي اثر هجڻ ڪري چئي سگهجي ٿو ته شيخ حميد هندو راجائن جو ساٿ ڏنو هوندو يا وري احتياط طور غير جانبدار رهيو هوندو. 381ھ (92 ــ 991ع) سلطان سبڪتگين شيخ حميد کان پڇاڻو ڪيو. شيخ حميد سلطان جي طاقت ڏسي اطاعت ڪرڻ تي مجبور ٿيو ۽ سالاڻو خراج ڏيڻ جو واعدو ڪيو. 98 ــ 997ع ۾ سبڪتگين گذاري ويو ۽ سندس پٽ محمود حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون.ن کي به جنگ لاءِ ڀڙڪايو ۽ سلطان سبڪتگين جي ماڻهن کي قيد ڪرڻ شروع ڪيو..[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page12.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }