مواد ڏانھن هلو

عاجز جمالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عاجز جمالي (انگريزي: Ajiz Jamali) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي ۽ اردو ٻولي جو شاعر، ڪالم نگار ۽ صحافي آھي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.[1]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

عاجز جمالي جو اصل نالو محمد ڇٽل آھي جیڪو سندس ڏاڏي جو نالو هو۔ هن پهرين فيبروري 1967ع تي نوابشاھ ضلعو هاڻوڪي شهيد بينظيرآباد ضلعو جي شهر ٻانڌي ۾ ڀخشل خان جمالي جي گهر ۾ جنم ورتو.[2]

تعليم ۽ خدمتون

[سنواريو]

عاجز جمالي کي ھاءِ اسڪول جي زماني کان ئي شاعري جو شوق ھئو ان ڪري  هن پھریان ایم سي (محمد ڇُٽل) عاجز جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو. بعد ۾ باقاعدہ شاعري ڪرڻ لئہ پنھنجو تخلص عاجز جمالي اختيار ڪيو جیڪو سندس ھاڻي نالو ئي بڻجي ویو آهي۔ ھن جو ٻانڌي جي نج ٻهراڙي جي گھراڻي ۾ جنم ٿیو۔ پنھنجي خاندان جو پھریون فرد ھئو جیڪو اسڪول ۾ داخل ٿیو۔ چوٿین درجي ۾ ھئو تہ سندس خاندان لڏ پلاڻ ڪري پنھنجي اباڻي ڳوٺ دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڳوٺ ٽنڊو رحيم خان ۾ آیو۔  جتان سندس والد سعودي عرب ھلیو ویو. 1976 ۾ ٽنڊو رحیم پرائمري اسڪول مان پنجو درجو پاس ڪیائین۔ 1978ع ۾  سندس خاندان ٻیھر ٻانڌي ھلیو ویو. گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ٻانڌي ۾ نائین ڪلاس تائین ریگیولر شاگرد رھیو۔ اسڪول جي ھوشیار شاگردن ۾ شمار ٿیندو ھئو۔ بعد ۾ خانداني قبائلي جھڳڙي سبب  سندس خاندان خضدار بلوچستان ھلیو ویو۔ 1984ع ۾  سندس خاندان جي ٻيهر  جوھي واپسي ٿي جتي مئٽرڪ پاس ڪئي۔  پوءِ عاجز جمالي جوهي ۾ پیٽرول جي دوڪان ۽ بوٽن جي دوڪان تي مزدوري ڪئي۔ جوهي ۾ سندس عزيز ڪنگراڻي، منظور ٿھیم ۽ احمد خان مدهوش سان ملاقات ٿي ۽ پختي شاعري ڪرڻ لڳو بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جوھي ۽ جوهي نوجوان تنظیم ۾ شامل ٿيو ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌي ادبی سنگت جوھي شاخ جو جوائنٽ سیڪریٽري ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو۔ بعد ۾ سياسي طور ڊي ایس ایف ۾ سرگرم ٿیو۔ دوستن جي مدد سان دادو ڊگري ڪالیج مان انٽر جو امتحان پاس به ڪیائین۔ هيءُ ڊي ایس ایف ضلعي دادو جو جنرل سیڪریٽري۔ سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي پریس سیڪریٽري۔ ڪمیونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي صوبائي ڪامیٽي جو سرگرم میمبر به رھیو۔[2] 1986ع ۾ جوھي مان ایم آرڊي موومينٽ  دوران گرفتار ٿیو۔ سینٽرل جیل حیدر آباد ۾ قید ٿیو۔ آزاد ٿي آيو تہ 1988ع ۾ سنڌ قومي اتحاد دادو جو ضلعي ڪنوینر بڻيو۔ 1991ع ۾ جوھي ڇڏي ڪراچي هليو ويو جتي باقاعدي صحافت جي شروعات ڪيائين۔ ٻن سالن تائین مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڊیسڪ ایڊیٽوریل صفحي ٿي رھیو۔ عوامي آواز  ۾ ٻارن جو صفحو جوت ڪڍیائین۔ 1993ع کان رپورٽنگ شروع ڪیائین۔ روزاني ڪاوش، روزاني جنگ سمیت ٻين مشھور اخبارن ۾ رھیو ۽ رپورٽر بڻیو۔ عاجز ھفتیوار آرسي مئگزین جو ایڊیٽر پڻ رھیو۔ 2004ع کان ٽي وي چئنلن جو رخ ڪیائین ۽ رپورٽنگ ڪيائين۔ انڊس نیوز۔ اي آر واءِ نیوز۔ رنگ ٽي وي تي پندرھن سالن تائین رپورٽنگ پروگرام ڪندو رھیو۔ ڪراچي ۾ سرگرم صحافي طور صحافتي تنظیمن ۾ پڻ سرگرم رھیو۔  ھن اردو ۽ سنڌي ۾ اڻ ڳڻيا ڪالم لکیا آهن.[3] [4] [5]عاجز ریڊیو پروگرام پڻ ڪیا آهن۔ ٽي وي اینڪر ۽ ڊائریڪٽر نیوز بہ رھیو۔ سوین ٽي وي پروگرامن جو ڊائریڪٽر رھیو. عاجز جمالي جو جدید سنڌ جي تاریخ تي  ڪتاب اڌ صدي جي آتم ڪھاڻي پڻ شایع ٿیل آهي۔[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. "‘Journalists’ problems to be fixed on priority’", The Nation (ٻولي ۾ انگريزي), 19 سيپٽمبر 2018, حاصل ڪيل 13 نومبر 2021۔
  2. 1 2 "Poets and writers", Aziz Kingrani (ٻولي ۾ انگريزي), 17 ڊسمبر 2014, حاصل ڪيل 13 نومبر 2021۔
  3. "سندھ یونیورسٹی، علم و ادب سیاست اور تاریخ کا رومانس", Voice of Sindh (ٻولي ۾ اردو), 26 جون 2021, حاصل ڪيل 13 نومبر 2021۔
  4. "Mumtaz Bhutto: Oxford, Feudalism And Pakistani Politics | Daily Outcome" (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 13 نومبر 2021۔
  5. "نہ بھٹو کو پھانسی ہوتی نہ جنرل ضیاہ کا حادثہ ہوتا", Voice of Sindh (ٻولي ۾ اردو), 24 جولاءِ 2021, حاصل ڪيل 13 نومبر 2021۔
  6. Finesindh (16 ڊسمبر 2014), "سنڌ سماچار Sindh Samachaar: عاجز جمالي", سنڌ سماچار Sindh Samachaar, حاصل ڪيل 13 نومبر 2021۔