ٻانڌي
ڏيک
| Bandhi ٻانڌي | |
|---|---|
| — Town — | |
| Country | |
| Province | سنڌ |
| District | Shaheed Benazirabad |
| ايراضي | |
| - ڪُل | 5 ڪلوميٽر2 (1.9 ميل2) |
| آدمشماري (2014) | |
| - ڪُل | 40,000 (approximate) |
| منطقة وقت | PST (يو ٽي سي+5) |
| Calling code | 0244 |
| ويب سائيٽ | bandhi.webs.com آرڪائيو ڪيا ويا 2017-12-15 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. |
ٻانڌي سنڌ صوبي جي ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ موجود هڪ شهر آهي، جنهن جي آبادي 40،000 جي لڳ ڀڳ آهي.
تاريخ
[سنواريو]ٻانڌي جي تاريخ گهڻي قديم نه آهي، ڪجهه ليکن موجب ٻانڌي شهر 200 سال پراڻو آهي، جيڪو 1800ع ڌاري وجود ۾ آيو. ٻانڌي شهر بجي تاريخ بابت مشهور ليکڪ شبير احمد عباسي ”ٻانڌي جي تاريخ” ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ ٻانڌي جي تاريخي ۽ موجوده شخصيتن، ماڳن مڪانن، اسڪولن، واپارين ۽ ٻين جو ذڪر ڪيل آهي.
آباديت
[سنواريو]شهر ۾ رهندنڙ عوام جو وڏو تعداد سنڌي ڳالهائيندڙ آهي، جڏهن ته بلوچ، پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجر به شهر جو حصو آهن. شهرين جي گهڻائي مسلمان آهي.
تعليم
[سنواريو]شهر ۾ تعليم جي لاءِ ڪئي سرڪاري ۽ نجي اسڪول موجود آهن، جن ۾ ٻه هائير اسڪول پڻ آهن. شهر ۾ ڪاليج نه آهي.
