ضراب حيدر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ضراب حيدر ڪليار
پيدائش ضراب حيدر
اپريل 12 1967(1967-04-12)ع
حيدرآباد، سنڌ، پاڪستان
ٻولي سنڌي
تعليم فارميسي ۾ بيچلر، ۽ اردو ادب ۾ ماسٽرس
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
مُکيه ڪم ”سرحدن کان اڳتي “ (ڪهاڻين جو مجموعو)
ايوارڊ ”شاهه عبداللطيف اوارڊ“ بهترين ناول نگار

سنڌي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار ضراب حيدر، 12 اپريل 1967ع تي زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مرحوم غلام حيدر ڪليار جي گھر ۾سکر ۾ جنم ورتو[1]، سندن وڏا اصل ڳوٺ ٻنڊي عطل شاھ، ڪمال ديرو، ڪنڊيارو جا آهن. هن پهريون درجو پرائمري اسڪول وحدت ڪالوني حيدرآباد مان پاس ڪيو ۽ پوءِ وڌيڪ پرائمري تعليم پنڱريو ضلعو بدين ۾ پوري ڪيائين ڇهون ۽ ستون درجو گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوابشاهه مان ڪيائين[2]، انٽر ڊگري ڪاليج نوابشاهه مان ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فارميسي ڪرڻ لاءِ آيو، ان دوران هي بدين ۾ به رهيو، جتي پرائيويٽ بي اي اسلاميه ڪاليج بدين مان ڪيائين. ضراب هڪ يگانو ڪهاڻيڪار آهي، جيتوڻيڪ سندس ڪهاڻي جا اهم موضوع نفسيات، جنسيات رهيا آهن، پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ريسرچ فيلو آهن.

تعليم[سنواريو]

  • بي فارميسي، ايم اي سنڌي ، ايم اي اردو
  • ڊي ايڇ ايم ( ڊاڪٽر آف هوميوپيٿڪ ميڊيسن)
  • (الف) پرائمري تعليم ، (پهريون ڪلاس، گورنمينٽ پرائمري اسڪول وحدت ڪالوني حيدرآباد)
  • (ب) ٻي درجي کان پنجين درجي تائين ( گورنمينٽ پرائمري اسڪول پنگريو ضلعو بدين)
  • (ت) ڇهون ۽ ستون درجو ( گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنگريو ضلعو بدين)
  • (ث) اٺين درجي کان ميٽرڪ (گورنمينٽ جي پي، ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه)
  • (ج) انٽرميڊئيٽ ( گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه)
  • (ک) بي فارميسي (سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)
  • ايم اي سنڌي پرائيويٽ (سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)
  • ايم اي اردو پرائيويٽ(سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)
  • ڊي ايڇ ايم ’ڊاڪٽر آف هوميوپيٿڪ ميڊيسن‘ (سانگهڙ هوميوپيٿڪ ڪاليج)

تصنيفون[سنواريو]

ضراب حيدر جون فرسٽ يئر ۽ انٽر دوران ڪيتريون ئي ڪهاڻيون هلال پاڪستان ۽ عبرت ۾ ڇپيون. جيڪي يونيورسٽي واري زماني تائين ڇپيون. عبرت مئگزين، ڪينجهر، سوجهرو، ادب، همرچو ، پرک، سُڳنڌ، سيڄ ۽ ٻين رسالن ۾ به ڪهاڻيون ۽ مضمون ڇپيا. ڪيترين اخبارن ۾ ڪالم\ڪالم ڪهاڻيون لکيائين. اُن کانسواءِ سنڌي ٽي وي چينلن لاءِ ڪيئي ڊراما (سولو پليز\لانگ پليز) ڊراما سيريلز پڻ لکيائين. سندس هيستائين ڇپيل ڪهاڻين جي مجموعن جو انگ 3 آهي. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.

  • انگن چڙهيو انگ 1989 (شانتي پبليڪيشن بدين[3]
  • سرحدن کان اڳتي 1996 ( سچائي اشاعت گهر دڙو)
  • زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان (ناول/ آتم ڪٿا، سچائي اشاعت گهر دڙو)
  • حيدرآباد - 2019( ڪھاڻيون، سچائي اشاعت گهر دڙو)

ملازمتون[سنواريو]

  • ليڪچرار سنڌي سبجيڪٽ (بلاول فائونڊيشن ڪاليج نوابشاهه)
  • 2 سال اسڪرپٽ ايڊيٽر (اجرڪ رنگ ٽي وي ڪراچي)
  • هڪ سال نيوز ايڊيٽر (رنگ ٽي وي ڪراچي)
  • هڪ سال اسڪرپٽ ايڊيٽر (مهراڻ ٽي وي حيدرآباد)
  • 2 سال پروگرام مينجر (مهراڻ ٽي وي حيدرآباد)

اوارڊ[سنواريو]

  • ”علامه پير بخش اُڄڻ اوارڊ“[4] بهترين ڪهاڻيڪار/نثرنگار (سنڌي ادبي سنگت_سنڌ 2006 )
  • ”شاهه عبداللطيف اوارڊ“ بهترين ناول نگار (اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان 2006 )
  • ”بهترين ڊرامه نگاراسڪرپٽ ايڊيٽر اوارڊ“ ( مهراڻ ٽي وي حيدرآباد 2009 )
  • ”محمد يعقوب ذڪريا اوارڊ“ بهترين ڊرامه نگار (سنڌ ڪلچرل فورم 2009)
  • ”فقير محمد لاشاري اوارڊ“ بهترين ليکڪ ( فقير محمد لاشاري يادگار ڪاميٽي 2013 )
  • ”شهيد راڻي اوارڊ‘“ بهترين ڪهاڻيڪار ( ينگ رائيٽرس فورم سنڌ 2013 )

حوالا[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]