ڪولمبو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

1960ع ۾ ڪولمبو (Colombo) سياحن ۽ جهازين (Sailors) لاءِ جنت هوندو هو. دنيا جي هر شيءِ ملندي هُئي ۽ تمام سستي اگھه تي. ٻاهرين ملڪن کان ڪولمبو گھمڻ لاءِ مسافرن جي پيهه لڳل رهندي هئي. يورپ کان آسٽريليا ويندي، آمريڪا، نيوزيلنڊ يا ڏور اوڀر جي ملڪن طرف ويندي، هر مسافر ڏينهن ٻن لاءِ هتي منزل ضرور ڪندو هو. گھمندو ڦرندو هو. مندرن ۽ پگوڊائن کي ڏسندو هو. ڪولمبو جي خاص رونق وارا علائقا هاءِ اسٽريٽ، پيٽا، بوريلا، فورٽ ۽ گال روڊ آهن.

هي ٻيٽ جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ٽئپروبين (Taprobane) پڻ چوندا هُئا، هندستان جي ڏکڻ ۾ آهي، جنهن جي ايراضي پنجويهه هزار کن چورس ميل آهي. خط استوا واري پٽي (اتر اڌ گول ۾ ڇهه ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي ڪولمبو شهر آهي) تي هجڻ ڪري ٻارهوئي هڪجهڙي گرم ۽ گھميل موسم ٿئيس. رڳو ڊسمبر ۽ جنوريءَ جا ٿورا ڏينهن هلڪي ٿڌڪار ٿئي. ڪولمبو پڻ ٻين خط استوا جي ملڪن وانگر وسڪاري لاءِ مشهور آهي. گھڻي برسات ڪري گھاٽا ٻيلا ۽ ساوڪ جام آهي. ٻيلا ۽ ساوڪ، پکين ۽ جانورن کي وڌڻ ويجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ان ڪري سلون خوبصورت پکين، جانورن، انهن جي کلُن ۽ عمارتي ڪاٺ کان مشهور آهي. [1] [2]

  1. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=151
  2. ڪتاب: سي ئي جوڀن ڏينهن، ليکڪ: الطاف شيخ