مواد ڏانھن هلو

سجاد يوسف سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سجاد يوسف سومرو
Sajjad Yousif Soomro
سجاد يوسف سومرو
سجاد يوسف سومرو
ڄمڻسجاد يوسف سومرو
5 اپريل 1995ع
دادو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
قلمی نالوسجاد يوسف سومرو،
پيشوشاعر، ليکڪ
ٻوليسنڌي ٻولي
قوميتپاڪستانپاڪستان
تعليمايم اي سنڌي ادب 2021ع
مادرِ علمسنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
صنفشاعري، مضمون

سجاد يوسف سومرو (انگريزي Sajjad Yousuf Soomro) ضلعي دادو سنڌ جو سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ اديب آهي جنهن جا ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن. سندس شاعري سنڌ جي مشهور راڳين ڳاتي آهي.[1]

سجاد يوسف سومري  5 اپريل 1995ع تي ضلعي دادو جي ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ رياض احمد سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. [1]

تعليم

[سنواريو]

هن پرائيمري تعليم پرائمري اسڪول ڦلجي اسٽيشن مان 2005ع ۾ حاصل ڪئي ۽ . ميٽرڪ 2010ع ۾ طالب المولىٰ هاءِ اسڪول دادوءَ مان ڪيائين. هن انٽر جو امتحان 2012ع ۾ ڦلجي اسٽيشن  مان پاس ڪيو. بي ايس سي سنڌ يونيورسٽيءَ مان 2014ع ۾. ۽ ايم اي جي ڊگري 2021ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي. ادب ۾ حاصل ڪيائين.[1]

ادبي خدمتون

[سنواريو]

سجاد يوسف سومري لکڻ جي شروعات: 2014ع ۾ ڪئي. هن شاعري ۾ غزل کان علاوه شاعري جي ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي.[2][3] شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي عبدالغفار تبسم ، تابش بخاري ۽ هوش محمد  ڪئي آهي. سندس شاعري سنڌي ٻوليءَ جي مختلف معياري رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. استاد بخاري جي شاعري ۽ شخصيت تي تابش بخاري سان گڏ سھيڙيل ڪتاب "ڌرتي ڌڻي شاعر استاد بخاري" پڻ شايع ٿيل آهي.[4]  سندس شاعري منظور سخيراڻي ، مهتاب ڪنول، برڪت فقير، قادر سنڌي، امانت علي، وحيد رمضان، حبدار سخيراڻي، اسلم راهي، سجاد سولنگي، احسن ميراڻي ۽ ٻين فنڪارن ڳاٽي آهي. سجاد يوسف سومرو سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر ۽ استاد بخاري ادبي ڪائونسل سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 "Poets and writers". Aziz Kingrani (انگريزي ۾). 2014-12-17. 2024-04-01 تي حاصل ڪيل.
  2. "دادو ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران ڪتاب "وفائون ماٺ ٿي ويون" جي مهورتي تقريب منعقد". https://onlineindus.com (انگريزي ۾). 2024-04-01 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: External link in |website= (مدد)
  3. "Daily Sindh Amar » دادو: ساس جي پندرهن وار گڏجاڻي مارو جمالي جي صدارت ھيٺ ٿي گذري". 2024-04-01 تي حاصل ڪيل.
  4. Moderator, The Time News (2021-10-04). "استاد بخاري ڌرتي پرست، سچو ۽ کرو شاعر هو: اديب/شاعر". The Time News (آمريڪي انگريزي ۾). 2024-04-01 تي حاصل ڪيل.