رڪ سنڌي
رڪ سنڌي سنڌي ٻولي جو ليکڪ ۽ هڪ صحافي آهي.[1] سندس جنم 5 آگسٽ 1961ع تي تعلقي ڪنڊياري اڳوڻو ضلعي نواب شاھ جي ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ ٿيو.[2] هن جو اصل نالو غلام اصغر منگي آهي.[3] هن سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ صحافت جو پيشو اختيار ڪيو.[1] پاڻ روزاني سنڌ سجاڳ جي ايڊيٽر ۽ روزاني جاڳو ڪراچي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.[1] جڏهن ته روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ مختلف صحافتي تنظيمن ۾ شامل رهيو آهي.[1]
رڪ سنڌي سنڌ جي حقن خاطر مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن ۾ به سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هو گذريل 20 سالن کان ادب، سياست ۽ صحافت سان لاڳاپيل هجڻ سميت ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو آهي،[1] جن ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇاپيل آهن.[1] جڏهن ته سندس سوين مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.[1][4] رڪ سنڌي جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي“،[5] ”ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو“،[6] ”سنڌي قوم جو مقدمو“، ”سنڌ جي سياسي صورتحال“، ”سنڌ آزادي ۽ انقلاب“، ”تاريخ جي لاٽ“، ”قاضي فيض محمد“، ”سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد“، ”اڄ جي سنڌ“ ۽ ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“[5] ڪتاب ڳڻائي سگهجن ٿا.[1]
رڪ سنڌي ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن. جن ۾ بينظير ڀٽو جو ڪتاب ”پاڪستان طوفان جي گهيري ۾“ به هڪ آهي. جڏهن ته ڪيئي ڪتاب مرتب به ڪيا آهن. جن ۾ ”باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي“، ”سنڌي ٻولي رت رتولي“ ۽ ٻيا شامل آهن.[3]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 7 8 "رڪ سنڌي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2020-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Ruk Sindhi - Academia.edu". independent.academia.edu. 2020-10-20 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل نسخو مان 2017-09-12 تي محفوظ ڪيل, 2017-02-08 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Books – SANA" (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-10-20 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "رڪ سنڌي | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com (انگريزي ۾). 2020-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Books Written by Rukh Sindhi – Punjnud.com". www.punjnud.com. 2020-10-20 تي حاصل ڪيل.