ترقي پسندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ترقي پسندي __(Progressivism):


يورپ تي مذهبي انتها پسندي، رجعت پسندي ۽ جبر جي نتيجي ۾ اڀريل روشن خيالي واري نظرئي کي ’ترقي پسندي‘ سڏيو ويو. ڪٽر جاگيرداري’ جي جاءِ تي برطانوي انقلاب ۽ 1789ع واري فرانس جو انقلاب ترقي پسند عمل هئا. روس ۾ ولاديمير لينن (1870-1924ع) جي قيادت ۾ 1917ع ۾ آيل انقلاب کي ترقي پسند انقلاب سڏيو ويو. مطلب ته غلامانه دور ۾ جاگيرداري سماج جي تصور ۽ ان خلاف ٿيندڙ جاکوڙ کي ترقي پسند نظريو سمجھيو ويندو آھي. جاگيرداريءَ جي خاتمي کان پوءِ سرمائيداري نظام خلاف جدوجھد بھ ترقي پسنديءَ جو نظريو چئجي ٿو. سرمائيدارانه سماج مان جان ڇڏائڻ لاءِاشتراڪي تحريڪ يا ”ڪميون سسٽم“ (Commune System) کي وڌيڪ ترقي پسنداڻي سوچ ڪوٺيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ تبديليءَ جو عنصر انسان جو مکيہ متو رھيو اھي. ان ڪري ھر ايندڙ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جاکوڙ کي ترقي پسند سوچ سان سلهاڙي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ روس جي انقلاب کان پوءِ ترت ئي ترقي پسنديءَ جو لاڙو ادب تي غالب رهيو، جنهن جو عروج 1940ع کان 1958ع تائين رهيو. ترقي پسند هندو سنڌي اديبن وٽ 1948ع کان پوءِ هي لاڙو 10 سال ڀرپور رهيو. ان بعد ترقي پسند سوچ وارن اديبن جي تحرير ۾ ته ان جا اهڃاڻ ملن ٿا، البت اڪثر اديبن جون ٻه پيڙهيون رومانواد، جديديت (ماڊرنزم) ۽ بعد جديديت (پوسٽ مارڊنرزم) جون حامي رهيون آهن. پر سنڌ ۾ جيئن ته جاگيرداري سماج جا پير مضبوط رهيا آهن، ان ڪري سنڌ جي اڪثر اديبن تي ترقي پسندي ۽ ماڊرنزم جو گڏيل لاڙو غالب رهيو آهي. ترقي پسند تحريڪ هيٺ سنڌي ادب ۾ هاري ۽ پورهيت کي سماج جو بنيادي ايڪو سمجهندي سرمائيدار ۽زميندار جي ظلم کي ننديو ويو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي