قلندري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

قلندر ، حقيقت ۾ صوفياءِ‌ڪرام جو وضح ڪيل اصطلاح آھي۔ ۔ قلندر ان کي چيو ويندو آھي، جيڪو پنهنجن ارادن ، خواھشن ، ۽ تمنائن کي ترڪ ڪري ، راضي به رضا الاھي رھي۔ ۽ ان ۾ ئي دلي سڪون حاصل ڪري۔ يعني دل جي روحاني جذبن کي سموري توجھ جو مرڪز ۽ محور بنائڻ قلندري طريقي جي خصوصيت آھي۔ انھيءَ لحاظ کان قلندري طريقي جو بنياد ٻن ڳالھين تي آھي؛ زھد ۽ محبت۔ مطلب ته فقط ھڪ جو ٿي رھڻ، ۽ ٻين کي ترڪ ڪرڻ ۽ انهن سان ڪو به لڳ لاڳاپو نه رکڻ۔ ان طريقه ڪار جي ڪيفيت جو نالو مستي آھي۔ ۽ مستي ئي قلندري طريقي جي سڃاڻ آھي۔


مستيءَ جي تعريف ھن طرح ڪري سگهجي ٿي ته، " مستي عشق الاھيءَ جي حد ڪمال جي نشاني آھي۔ ۽ عشق جي انتھائي منزل آھي "۔ مطلب ته قلندري طريقو ظاھري عبادتن ۽ رياضتن سان گڏ مستي، جوش، جذبي، محويت ۽ استغراق تي گهڻو زور ڏئي ٿو۔ قلندري طريقو حضرت سيد جمال مجرد کان شروع ٿيو "۔ جيڪو وڏو عالم ۽ فاضل ھو۔ چيو وڃي ٿو ته حضرت قلندر شھباز جو قلندري مسلڪ ، سيد جمال مجرد جي سلسلي سان ملي ٿو۔


تاريخن ۽ تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو ته " حضرت قلندر شھباز جي درگاھ کي روحانيت جي مرڪز جي حيثيت رھي آھي۔ ۽ ڪيترائي بزرگ ھتي ايندا رھيا آھن۔ انهن مان مخدوم بلاول شھيد، حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي ﷥ ۽ حضرت قادر بخش بيدل فقير جا نالا اچي وڃن ٿا۔ سنڌ جا عالم فاضل جيتوڻيڪ مختلف سلسلن سان واڳيل ھئا ۽ انھن مان گهڻي قدر قلندري طريقي جا نه ھئا، تڏھن به روحاني فيوضات ۽ مستيءَ واري ڪيفيت حاصل ڪرڻ لاءِ حضرت قلندر شھباز جي درگاھ تي حاضري ڀريندا رھيا۔