قلندريه
| هڪ سلسلي جو حصو |
| اسلام |
|---|
قلندريه (عربي: قلندرية)، هڪ صوفي سلسلو آهي، جن جو لاڳاپو "قلندر" اسلامي تصوف ۾ استعمال ٿيندڙ لقب، سان آهي. قرون وسطيٰ جي اسلامي دنيا ۾ اڀرڻ سان، قلندريه جو تعلق مختلف تاريخي دورن ۾ ٿورڙي تعداد ۾ مشهور صوفين ۽ بزرگن سان ٿيو، جن ۾ حسن بصري، رابعه بصري، لعل شهباز قلندر، بو علي شاهه قلندر ۽ تازو قلندر بابا اولياء شامل آهن، جن جو اثر فارس، وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا تائين پکڙيل هو. [1]
بعد ۾ ڪيتريون ئي روحاني تحريڪون ۽ صوفي درسگاهون قلندري روايت ڏانهن الهام يا نسب جو پتو لڳائين ٿيون. انهن مان هڪ عظيمه سلسلو آهي، جنهن جو بنياد 20هين صدي عيسويءَ ۾ قلندر بابا اولياءَ رکيو.[2]
قلندر حقيقت ۾ صوفياءِ ڪرام جو وضح ڪيل اصطلاح آھي۔ قلندر ان کي چيو ويندو آھي، جيڪو پنهنجن ارادن، خواھشن، ۽ تمنائن کي ترڪ ڪري، راضي به رضا الاھي رھي ۽ ان ۾ ئي دلي سڪون حاصل ڪري. يعني دل جي روحاني جذبن کي سموري ڌيان جو مرڪز ۽ محور بنائڻ قلندري طريقي جي خصوصيت آھي. انھيءَ لحاظ کان قلندري طريقي جو بنياد ٻن ڳالھين تي آھي؛ زھد ۽ محبت. مطلب ته فقط ھڪ جو ٿي رھڻ ۽ ٻين کي ترڪ ڪرڻ ۽ انهن سان ڪو به لڳ لاڳاپو نه رکڻ. ان طريقه ڪار جي ڪيفيت جو نالو مستي آھي ۽ مستي ئي قلندري طريقي جي سڃاڻ آھي.
مستي
[سنواريو]مستيءَ جي تعريف ھن طرح ڪري سگهجي ٿي ته، " مستي عشق الاھيءَ جي حد ڪمال جي نشاني آھي۔ ۽ عشق جي انتھائي منزل آھي "۔ مطلب ته قلندري طريقو ظاھري عبادتن ۽ رياضتن سان گڏ مستي، جوش، جذبي، محويت ۽ استغراق تي گهڻو زور ڏئي ٿو۔ قلندري طريقو حضرت سيد جمال مجرد کان شروع ٿيو "۔ جيڪو وڏو عالم ۽ فاضل ھو۔ چيو وڃي ٿو ته حضرت قلندر شھباز جو قلندري مسلڪ ، سيد جمال مجرد جي سلسلي سان ملي ٿو۔
تاريخن ۽ تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو ته " حضرت قلندر شھباز جي درگاھ کي روحانيت جي مرڪز جي حيثيت رھي آھي۔ ۽ ڪيترائي بزرگ ھتي ايندا رھيا آھن۔ انهن مان مخدوم بلاول شھيد، حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ حضرت قادر بخش بيدل فقير جا نالا اچي وڃن ٿا۔ سنڌ جا عالم فاضل جيتوڻيڪ مختلف سلسلن سان واڳيل ھئا ۽ انھن مان گهڻي قدر قلندري طريقي جا نه ھئا، تڏھن به روحاني فيوضات ۽ مستيءَ واري ڪيفيت حاصل ڪرڻ لاءِ حضرت قلندر شھباز جي درگاھ تي حاضري ڀريندا رھيا۔
- ↑ Azeemi, Khwaja Shamsuddin. "Ek So Ek Aulia Allah Khawateen". Khanqah-e-Azeemia Spiritual Sufi Order (Urdu ۾). 15 May 2026 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو) - ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named ":1".