سھروردي
سھروردي سلسلو(انگريزي: Suhrawardiyya order) صوفين جي سني فرقي جي شافعي مذھب جي ھڪ سلسلي جو نالو آهي جنھن جو باني ديال الدين ابوانجيب عبدالقادر سھروردي (پ: 1097ع ۽ و: 1168ع) ھيو. ھن سلسلي وارا پنھنجي روحاني نسبت حضرت علي ڪرم الله وجهه سان جنيد بغدادي ۽ امام غزالي جي ڀاءُ احمد غزالي ذريعي رکن ٿا.
شروعات
[سنواريو]ھن سلسلي جي شروعات موجوده ايران جي شھر سھرورد مان ٿي جتان پوري اسلامي دنيا ۾ ڦھلجي ويو. سهرورد“ جي نالي سان عراق عجم ۾ ”همدان“ ۽ ”زنجان“ جي وچ ۾ علم ۽ عرفان جو هڪڙو ڳوٺ آهي، جتي حضرت شهاب الدين ابو حفص عمر جو پيرُ، شيخ ضياءُ الدين ابونجيب ۽ سندس مرشد شيخ وجيه الدين رهندا هئا. انهيءَ نسبت سان سندن سلسلي کي ”سهروردي“ سڏجي ٿو[1].
ڏکڻ ايشيا ۾ ڦھلاء
[سنواريو]شيخ عمر غوث بهاءُ الدين ذڪريا کي ملتان موڪليو جتي ھن ديني ڪم جي شروعات ڪئي. جلال الدين سرخ پوش بخاري کي اچ شريف کي پنھنجو مرڪز بڻايو جنھن کي التمش ملتان جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو. ان کي مخدوم جھانيان جھان گشت پڻ سڏيندا آهن. غوث بهاءُ الدين ذڪريا جي پوٽي رڪن الدين جي وفات کان پوءِ ھن سلسلي جو ملتان ۾ اثر گھٽجي ويو پر ساڳئي وقت اھو سلسلو اچ، پنجاب واري گجرات، ڪشمير، دھلي ۽ بينگال ۾ مشھور ٿيو.
روحاني نسبت
[سنواريو]سھروردي سلسلي جي لڙھ ھيٺين ريت آھي:
- حضرت محمد صلي الله عليه وسلم
- علي ابن ابو طالب
- حسن بصري (وفات: 728ع)
- حبيب عجمي (وفات:738ع)
- دائود طائي
- معروف ڪرکي
- سري سقطي
- جنيد بغدادي
- خواجه ممشاد علوالدينوري
- شيخ احمد اسود دينوري، سمرقند، ازبڪستان
- شيخ ابو محمد امويه
- سيد يار محمد بغدادي
- ابو النجيب سھروردي
- شھاب الدين عمر السھروردي
- بھاء الدين ذڪريا ملتاني
- شيخ صدرالدين ملتاني
- رڪن عالم ملتاني
حوالا
[سنواريو]- ↑ [مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ، 1959ع ، ص 251 ]