اصحاب صفه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جيڪي مسجد نبوي جي صفه ۾ رھندا ھئا، ۽ فقر جي زندگي گذاريندا ھئا، ھنن پنهنجا گهر ٻار ڇڏي، الله تعالٰي جي راھ ۾ پنهنجي زندگي وقف ڪئي ھئي، ھو ڏينهن رات الله تعالٰي جي عبادت ۾ گذاريندا ھئا، ۽ پاڻ سڳورن صلي اللّٰه عليه وآلهٖ وسلم جي پناھ ۾ رھندا ھئا.

تفصيل[سنواريو]

”صفه“ عربيءَ ۾ سائبان کي چئبو آهي ۽ انهيءَ ٿلهي کي به چئبو آهي، جنهن تي ڪانن جي ڇپر جي ڇانءَ هجي. نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم مديني ۾ مسجد ٺاهي ته -ان- جي اُتر -اوڀر- واري حصي ۾ اهڙن مسلمانن لاءِ، -جن- جو ڪو گهر -ٻار- نه هو، هڪڙو چبوترو اڏائي، -ان- تي ڇپر وجهرائي ڇڏيو. جيڪو ٻاهران اڪيلو مسلمان مسافر ايندو هو، اُهو انهيءَ ڇپر ۾ ويهي رهندو هو. اهي -اصحاب- رات ڏينهن نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم جا ارشاد ٻڌندا هئا ۽ کانئن قران شريف سمجهندا هئا. انهن کي وقت بوقت -اسلام- جي تبليغ لاءِ ٻين هنڌن تي موڪليو ويندو هو. انهن اصحابن جو اهو دستور هوندو هو ته هڪ ٻه ڄڻا جهنگ ۾ نڪري ويندا هئا ۽ ڪاٺيون وڍي يا گڏ ڪري وڪڻندا هئا. انهن جي وڪري مان جيڪا رقم ملندي هئي، -ان- مان سڀني جي کاڌي پيتي جو انتظام ڪندا هئا. نبي سڳورا صلي -الله- عليه وسلم خود صدقي جي رقم انهن تي خرچ ڪندا هئا. سعد -بن- عباد ڪڏهن ڪڏهن 80- 80 ماڻهو وٺي ويندو هو ۽ انهن کي ماني کارائيندو هو. ڪي -اصحاب- کجور جون ٽاريون ڀڃي ايندا هئا ۽ مسجد ۾ ٽنگي ڇڏيندا هئا. کجور جي جيڪا ڳڙي ٽاريءَ مان پچي ڪرندي هئي، اُها -اصحاب صفه- کائي ڇڏيندا هئا. ابوهريره، ابوالبابه، ابوذر غفاري ۽ ڪي ٻيا اڪابر -اصحاب صفه- ۾ شمار ٿين ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]