ذڪر ۽ فڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ذڪر ۽ فڪر جو مطلب آھي؛ " تعلق بالله " يعني انسان فقط مادي جانور نه ھجي، پر سندس زندگي جو مول مقصد الله تعالى جو عشق ۽ ذڪر ھجي، صوفي سمجهائين ٿا ته، الله تعالى جي ذڪر کان سواءِ وار به واندو نه ويھجي، يعني ھڪ دم به الله تعالى جي ذڪر کان سواءِ خالي نه وڃي۔ انهيءَ ڪري چوندا آھن۔ " جو دم غافل ، سو دم ڪافر "۔ ھو ان ڳالھ تي به زور ڏين ٿا ته " ذڪر بي معنى آھي۔ ان کي ھو " فڪر " سڏين ٿا۔ جيستائين توحيد جي پوري پروڙ نه آھي۔ تيستائين ذڪر جا لفظ اچارڻ اجايا آھن، اھو ئي سبب آھي، جو ذڪر ۽ فڪر کي لازم ۽ ملزوم سمجهن ٿا۔ شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح پنهنجي شعر ۾ تصوف جا مختلف مسئلا نھايت چٽيءَ طرح سمجهايا آھن، ۽ ٻڌايو آھي ته " اھائي زندگي سجائي ۽ سڦلي آھي ، جيڪا ذڪر ۽ فڪر ۾ گذري ٿي، پنهنجي روحاني ڪيفيت بيان ڪندي فرمائي ٿو؛

رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪنهين،

لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو، جانب ري حباب،

سو ئي سڏيندم سپرين، ڪيس جنهن ڪباب،

سو ئي عين عذاب، سو ئي راحت روح جي۔