بخشو لانگاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بخشو لانگاهه يا بخشو لنگاھ ملتان ۽ اُچ جو رهندڙ هڪ سردار هو، جنهن همايون کي روهڙيءَ پهچڻ ۾ مدد ڏني هئي.

بکر تي ڪاھ[سنواريو]

هن 1543ع ۾ پنجاهه ٻيڙين تي، لانگاهه، ٻروچ ۽ ناهر قبيلن جو لشڪر چاڙهي، رات جي وقت بکر جي قلعي جي هڪ دروازي کي باهه ڏياري، قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. قلعي ۾ لشڪر ٿورو هو، پر ان حملي آورن کي، قلعي جي برجن تان باهه وسائي، ڀڄائي ڇڏيو. بخشي خان کي شڪست کائي پوئتي موٽڻو پيو. ٽي ڏينهن ساندهه بخشي خان قلعي فتح ڪرڻ جي انتظار ۾ روهڙيءَ ۾ گذاريا ۽ پوءِ نااميد ٿي ملتان ڏانهن موٽيو ۽ واٽ تي ڳوٺ ڦُريندو ويو. سلطان محمود ڪوڪلتاش جيسين جيئرو رهيو، بکر جي قلعي جي حفاظت ڪندو رهيو.[1]

حوالا[سنواريو]