بدو
| 1904 ۾ يروشلم ۾ بدوي قبيلي جي شادي جو ميڙاڪو | ||||||||||||||||||||||||
| ڪل آبادي | ||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| 4,000,000[1]–25,000,000[2] | ||||||||||||||||||||||||
| نمايان آبادي وارا علائقا | ||||||||||||||||||||||||
| ||||||||||||||||||||||||
| ٻوليون | ||||||||||||||||||||||||
|
عربي ٻولي جا لھجا : (بدوي • حسني • حجازي • بدوي نجدي • عماني ) | ||||||||||||||||||||||||
| مذھبَ | ||||||||||||||||||||||||
| لاڳاپيل نسلي گروھ | ||||||||||||||||||||||||
|
ٻيا عرب |
بدو (واحد) يا بدوي (جمع)انگريزي ٻولي: Bedouin عربستان جو ڳوٺاڻو، بدوي، صحرانشين. شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾، ٿر وارن سانگين يا ٿرن بر ۾ رهندڙ ۽ پاڻيءَ ۽ گاهه جي تلاش ۾ مال ڪاهي هلندڙ مارن پنهوارن جي رهڻي ڪهڻي، عرب جي بدوين جهڙي ڏسي، انهن کي استعاري طور بر جا بدوي ڪري ڄاڻايو آهي[16]. بدوي عربستان جي رڻپٽ يا بيابان جا رھاڪو آھن جيڪي روايتي طور تي خانه بدوشي واري زندگي گذاريندا آهن[17].
لفظ جي معني
[سنواريو]لفظ بدوي عربي ٻولي جو لفظ آهي جيڪو بداء لفظ مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي ميدان. بداء مان لفظ بديا ٺھيو جنھن جي معني آهي رڻپٽ. رڻپٽ يا بيابان کليل ميدان سمجھيا ويندا آهن[17]. عربن ۾ بدو لفظ شھري ۽ مھذب ماڻھو جو ابتڙ سمجھيو ويندو آھي[17].
بدوي معاشرو
[سنواريو]
تاريخي طور تي ھي ماڻھو عربستان (عربي اپٻيٽ)، شام، اردن، اسرائيل، فلسطين، عراق، مصر، اتر آفريڪا ۽ ان سان لڳندڙ سرحدي علائقن ۽ وچ ايشيا جي رڻپٽن جا رھاڪو رھيا آھن. انھن ملڪن ۾ شھرن ۾ غيرمھذب طريقي سان رھندڙ ماڻھن کي پڻ بدو سڏيو ويندو آهي[17]. بدوين جي سڃاڻپ انھن جي شديد قبائلي خصلتن جي ھجڻ ڪري ٿيندي آهي جن ۾ قبائلي مان ۽ شان، مساوات، سخاوت، جرئت، شاعرانه مزاج شامل آهن[17]. وچولي دؤر جي مسلمان عالمن جو خيال هو تہ قرآن جي خالص عربي قريش قبيلن جي بدوي لھجي جي ويجھو ھئي پر جديد دؤر جي مسلمان عالمن جو خيال آهي تہ اھا ان دؤر جي عام شاعراڻي ٻولي ھئي جيڪا عربستان جي اولهندي پاسي مروج ھئي[17]. بدوين جو گذر معاش چوپايو مال پالڻ ۽ چارڻ آهي تنھن ڪري اھي موسم جي حساب سان چاري ء پاڻي واري علائقن ۾ لڏيندا رھندا آھن، ۽ موسمي خانه بدوشي انھن جي زندگيءَ جو حصو ۽ سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. اھي ان جي ڪري خيمن ۾ رھندا آھن[17].

سعودي عرب ۽ اردن ۾ فوج ۾ ڀرتي بدوين مان ڪئي وڃي ٿي[17]. عرب جا سامي نسل اُٺ پاليندڙ خانه بدوش ماڻهو ’بَدُو‘ سڏبا آهن[16]. سندن مذهب اسلام آهي. پنهنجي مڪاني روايتن ۽ رسمن جي ڏاڍي پابندي ڪندا آهن. مهمان نواز ۽ انصاف پسند آهن[16]. ننڍن ننڍن قبيلن ۾ منظم آهن. 20 صديءَ ۾ سنڌ جا ماڻهو حج ڪرڻ لاءِ پيادا ويندا هئا ته عربستان جي حدن ۾ ”بدو“ لوڪ سندن سامان سڙو ڦري وٺندا هئا، پر جيئن ته اهي ”بدو“ ڀلي پار جا يعني سڳوري سر زمين جا هئا، تنهنڪري سنڌي ماڻهو انهن لٽيرن کي به ادب ۽ حب وچان ”بَدو سڳورا“ چوندا هئا[16]. بَدُو، جهالت واري دؤر ۾ عرب جو سڀ کان بد تهذيب قبيلو هو. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ هيءُ قبيلو پنهنجون ڪيتريون ئي روايتي رسمون جاري رکندو اچي[16]. بَدو گهڻو ڪري وارياسن علائقن ۾ رهندا آهن ۽ سندن رهائش خيمن ۾ هوندي آهي[16].

وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Losleben, Elizabeth (2003). The Bedouin of the Middle East. Lerner Publications. ص. 4–5. ISBN 978-0-8225-0663-8. 1 November 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Suwaed, Muhammad (2015). Historical Dictionary of the Bedouins. Rowman & Littlefield. ص. 7. 23 February 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ 1, 2. "بدو سوريا يدخلون المعركة بعد تهميش طويل". eremnews.
{{cite web}}:|last1=has numeric name (مدد) - ↑ Peter Hobday (1978). Saudi Arabia Today: An Introduction to the Richest Oil Power. Springer. ص. 102. ISBN 9781349032143.
- ↑ "Social characteristics for Badia". The Hashemite Fund for Development of Jordan Badia. 8 April 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Egypt: An Economic Geography. I.B.Tauris. 2003. ص. 28. ISBN 9781860645488.
{{cite book}}: Unknown parameter|authors=ignored (مدد) - ↑ Morrow, Adam (18 June 2007). "Bedouin Take on the Govt". انٽر پريس سروس. 19 October 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Sales, Ben (20 August 2012). "Despite hardships, some Bedouins still feel obligation to serve Israel". Jewish Telegraphic Agency. 19 October 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Algeria-Watch. "Selon le dernier recensement: L'Algérie compte 34,8 millions d'habitants". 19 October 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Iraq: The ancient sites and Iraqi Kurdistan. Bradt Travel Guides. 2015. ص. 54. ISBN 9781841624884.
{{cite book}}: Unknown parameter|authors=ignored (مدد) - ↑ Naylor, Hugh. "Israel plans to move West Bank Bedouin". دي نيشنل نيوزپيپر. 19 October 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ https://www.loc.gov/item/mpc2004003580/PP/
- ↑ http://www.mariamhotel.com/family.html
- ↑ https://www.encyclopedia.com/social-sciences-and-law/anthropology-and-archaeology/people/bedouin
- ↑ https://commons.wikimedia.org/wiki/File:Jordanian_Bedouin_Christians_1904_2.jpg
- 1 2 3 4 5 6 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.[مئل ڳنڍڻو] -
- 1 2 3 4 5 6 7 8 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 98,99
- CS1 errors: numeric name
- CS1 errors: unsupported parameter
- سانچا
- "لاڳاپيل نسلي گروھ" ضرورت توثيق
- Articles containing انگريزي-language text
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from June 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- عربستان
- عرب
- قبيلا
- رڻپٽ
- سعودي عرب
- سعودي عرب جي ثقافت
- عرب قومون
- عرب ثقافت