بدوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

بدوي( لقب) --(انگريزي: (title) Badvi ) شڪارپور ۾ هڪ خاندان پهرين تخلص طور ۽ پوءِ لقب طور اهو لفظ استعمال ڪندو رهيو آهي، جيئن لطف الله بدوي، بيدل مسرور بدوي، احسان احمد بدوي ۽ غلام محمد بدوي. هن آڪهه مان اهم اديب، نقاد ۽ شاعر ٿي گذريا آهن[1]. حاجي امام بخش “خادم” لطف الله بدوي جو والد هو ۽ سندس ڪيترائي قصن جا ڪتاب ۽ سندس شاعريءَ جو ڪتاب “ڪليات خادم” جيڪو مرحوم لطف الله بدوي ترتيب ڏنو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو هو. فقير غلام علي “مسرور” بدوي به پنهنجي شاعري، گائيڪي ۽ تصوف جي دنيا جو نهايت معتبر ۽ معروف نالو رهيو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب جھڙوڪ سائين جي سوکڙي عرف ست گرو، مسدس مسرور، ڪليات مسرور ٻه حصا، هير رانجھو، پريم ساگر، فوائد المعنوي، راڳ جي شرعي حيثيت (ترجمو) بيدل نامو، واچوڙو مل (ناٽڪ) وغيره شايع ٿيل آهن. فقير غلام علي “مسرور” بدوي جو وڏو پٽ رحيم بخش بدوي “ڪوڙل” به ڪهاڻيون ۽ ڪجهه ناول لکيا، تن مان هڪڙو “مسٽر گھسيٽو خان” مون به پڙهيو هو، جيڪو سندس حيدرآباد ۾ رهڻ دوران دريءَ ۾ پيو هوندو هو. جيڪو اتان هڪ سياسي ڪارڪن سندن جڳهه تي قبضو ڪيو ۽ تڳائي کڻي ويو. رحيم بخش بدوي ڪجھه ڪهاڻيون به لکيون جن مان “اڌ ماڻهو” جي نالي سان رف پنن به تي لکيل منهنجي نظر مان گذري هئي. شاعري به ڪيائين. سندس تخلص “ڪوڙل” هو. سندس هڪ شعر جيو ياد اٿم سو ونڊ ڪيان ٿو. “مچي ويوملڪ ۾ اوچتو هي آزار فيشن جو، ٽئيون ٽوپڻ لچو لاعر سڀ يار ٿيو فيشن جو.”اها شاعري تقريباً 1956ع ڌاري ٿيل آهي. ان کان پوءِ غم روزگار جي ڳڻتي ادبي پورهئي کان ڌار ڪري ڇڏيو.. پاڻ هارمونيم به وڄائيندو ۽ ڳائيندو به هو. فقير احمد بخش بدوي به هن ئي هار جو هڪ موتي آهي، جيڪو پنهنجي والد جي سنت پوري ڪندي اڄ به مختلف درگاهن تي سماع جون چوڪيون ڏيندورهي ۽ راڳ جي ترويج سندس وڏو ڪردار آهي. اڄ پنهنجي مرشد جي درگاهه تي حاضري ڀريندو رهي ٿو. ان کان علاوه “سچل سارو سچ”، “فوائد المعنوي” جو اردو ترجمو، “تذڪره غوثيه” سندس ادبي ڪم طور سڃاڻپ بڻيل آهن.

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]