مواد ڏانھن هلو

باڪو جي آتشگاهہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سورڪاني، باڪو ۾ آتشگاهہ
Atəşgah (آذربائيجاني)
عام معلومات
قسم زرتشتي مندر[1]
مڪانيت سورڪاني، باڪو، آذربائيجان
هاڻوڪا مسواڙي عجائب گهر

باڪو آتش خانو (فارسي: آتشڪده‎؛ آذربائيجاني: Atəşgah) جنهن کي باڪو جو باهه مندر پڻ سڏيو ويندو آهي، آذربائيجان جي شھر باڪو جي پسگردائي ۾ سوراخاني (سوراڪساني رائيون) ۾ محل جهڙو مذهبي عبادتگاهه آهي. فارسي لکتن جي بنياد تي، مندر هندو، سک ۽ زرتشتين پاران عبادت گاهہ جي طور استعمال ڪيو ويندو هيو. "آتش" فارسي لفظ آھي، جن جو معني باهه آهي. پنج ڪنڊي (Pentagonal ) عمارت جيڪو پادرين لاءِ ڪٻٽن سان سٿيل آهي ۽ وچ ۾ ٽي پلر واري قربان گاهه اٿس، 17هين ۽ 18هين صدي دوران ٺاهيو ويو هيو. شايد ان علائقي ۾ آتش پرستن جي آبادي جي گهٽ هئڻ سبب انکي 19هين صدي جي آخر ۾ ڦِٽو ڪيو (تياڳيو) ويو. ان علائقي ۾ پٽروليم ۽ گيس جي استحصال جي هڪ صدي کانپوءِ، سال 1969ع ۾ قدرتي ابدي شعلو ختم ٿي ويو، پر هاڻي شهر ويجهو گيس پائپ سان روشن ڪيو ويو آهي.[2]

باڪو آتشگاهہ ننڍو کنڊ هندوستان جي اُتر اولهہ سان لاڳاپو رکندڙ زرتشتين جو هڪ تيرٿ ۽ فلسفياڻو مرڪز هيو، جيڪي مشهور "جي ٽي روڊ"  جي رستي ڪيسپيئن علائقي سان گڏ واپار ڪندا هيا. سندن عقيدي جا چار مقدس عنصر؛ آتشي (باھه)، بادي (واهه)، ابي (پاڻي) ۽ ھيڪي (زمين) آهن.

سال 1883ع کانپوءِ هن جي جاء تي پيٽروليم جي پلانٽ جي لڳائڻ مهل هن مندر ۾ عبادت ٿيڻ رُڪجي وئي. ان جڳهه کي سال 1975ع ۾ هڪ عجائب گھر ۾ تبديل ڪيو ويو هو. عجائب گهر ڏانهن گهمڻ ايندڙ جو ساليانو تعداد 15،000 آهي.

باهہ جي مندر کي گلنارا مهماندارووا پاران 1998ع ۾، يونيسڪو عالمي ورثي جي ماڳن جي فهرست ۾ نامزد ڪيو ويو.[3] 19 ڊسمبر، 2007 تي، ان کي آذربائيجان جي صدر جي فرمان وسيلي، رياستي تاريخي اڏاوت (آرڪيٽيڪچرل رزيو) قرار ڏنو ويو.[4]

تاريخ

[سنواريو]

سورخاني ابشيرون جزيري نما تي واقع آهي، جيڪو هڪ اهڙي علائقي هئڻ سبب مشهور آهي جتي قدرتي طور تي نرم مٽي منجهان تيل نڪرندو آهي جيئن ينار ڊگ وٽ پٿرن تان قدرتي هائڊروڪاربان ٻاڦ وسيلي سدائين شعلا ٻرندا آهن.[5]

باهہ جي مندر جي داخلي در تي فارسي لکت
Persian and Gurmukhi inscription on a tablet at entrance of temple

18هين صدي عيسوي ۾، ايراني زرتشتي آتشگاهه گُهمڻ آيا، جئين ته داخلي دروازي جي هڪ تختي تي فارسي جي لکت آهي، جنهن ۾ اصفهان جي زرتشتين جي دوري بابت ٻُڌايل آهي.

چترشالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Jas Singh (18 February 2014). Jas: Chronicles of intrigue, folly, and laughter in the global workplace. Two Harbors Press. pp. 227–. ISBN 978-1-62652-551-1. https://books.google.com/books?id=SeXSAgAAQBAJ&pg=PA227. 
  2. "Fire Temple of Baku", Atlas Obscura (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 19 نومبر 2019۔ 
  3. Centre, UNESCO World Heritage, "Surakhany, Atashgyakh (Fire - worshippers, temple - museum at Surakhany)", UNESCO World Heritage Centre (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 19 نومبر 2019۔ 
  4. "Об объявлении территории Храма Атешгях в Сураханском районе города Баку Азербайджанской Республики Государственным историко-ар", www.anl.az, حاصل ڪيل 19 نومبر 2019۔ 
  5. Marshall Cavendish (2007), Peoples of Western Asia, Marshall Cavendish Corporation, آئي ايس بي اين 0-7614-7677-6, "... Oil oozes up out of the ground in the region of the Apsheron ... natural oil fires were revered long ago by Zoroastrians, to whom fire is a sacred symbol ..."