پادري

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

عيسائين جي مذهبي رهنما کي ’پادري‘ چئبو آهي.

فرض[سنواريو]

’پادري‘ اصل انگريزي لفظ ’فادر‘ (Father) آهي، جيڪو بدلجي ’پادري‘ ٿيو آهي. عيسائين جو اُهو مذهبي پيشوا، جيڪو ڪليسائي نظام ۾ ’بشپ‘ (Bishop) جي ماتحت هوندو آهي، اُن جي فرضن ۾ عبادت ’انجيل‘ جي تبليغ ۽ مذهبي رسمن جي ادائگي شامل هوندي آهي. هي ٻين سماجي تقريبن ۾ ڪليسا جي نمائندي جي حيثيت سان شريڪ ٿيندو آهي. رومن ڪئٿولڪ ڪليسا ۾ پادري کي ’فادر‘ چيو ويندو آهي، جيڪو سڄي عمر ڪنوارو رهندو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس شادي ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي، جڏهن ته پروٽيسٽنٽ فرقي (Protestant) جي عقيدي موجب پادريءَ کي شادي ڪرڻ لازمي هوندي آهي، پر آرٿوڊاڪس (Orthodox) ۽ قدامت پسند ڪليسائن ۾ هڪ شاديءَ کان پوءِ پادري ٻي شادي نٿو ڪري سگهي. هيٺين سطح تي پادريءَ جي چونڊ عام ماڻهو ڪندا آهن، جنهنڪري ان کي عام ماڻهن تي فوقيت حاصل هوندي آهي، پر يورپ ۾ پادريءَ جي چونڊ حڪومت جي ذمي هوندي آهي. پادري عيسائي مذهب جو پرچار به ڪندو آهي. نون ڄاول ٻارن کي بپتسما ڏيڻ جو فرض به پادري ادا ڪندو آهي. بپتسما جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ جيڪو پاڻي استعمال ٿيندو آهي، ان کي ’بيت المعمور‘ جو پاڻي چوندا آهن. بپتسما ڏيڻ وقت پادري اُن پاڻيءَ مان ٻار کي ڇنڊا هڻي کيس عيسائي مذهب ۾ داخل ڪندو آهي ۽ ٻار جي بخت ۽ اقبال لاءِ دعائون گهرندو آهي. عيسائي ڪميونٽيءَ ۾ ڳوٺاڻي سطح تي عام ڏوهن جا فيصلا به جج جي حيثيت سان پادري ڪندو آهي. عيسائين جي ڪئٿولڪ فرقي جو وڏو روحاني اڳواڻ آرچ بشپ (Arch Bishop) ٿيندو آهي، جڏهن ته پروٽيسٽنٽ فرقي جي روحاني اڳواڻ بشپ جو درجو سڀ کان اعليٰ هوندو آهي. سنڌ ۾ عيسائي فرقي جا پادري ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ ٻين وڏن شهرن جي ڪليسائن ۾ رهندا آهن، جيڪي آچر جي ڏينهن چرچ ۾ عبادت ڪرائيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]