گيس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فارغو جي حالت ۾ ذرا (اُڻا ۽ ماليڪيول) آزاداڻي حرڪت ڪندي هڪٻئي سان به ٽڪرائين ٿا ۽ ٿانوءَ جي ڀتين سان به.

طبیعيات ۾ گيس یا فارغو (انگريزي؛ Gas) مادي جي اها حالت آهي، جنهن ۾ مادي جي ڪا خاص شڪل نه هوندي آهي ۽ ان جا ذرا يعني اُڻا (ائٽم) ۽ مالڪيولَ يا پرماڻا آزاداڻي حرڪت ڪن ٿا. مثال جي طور تي، هوا جنهن ٿانوءَ ۾ بند آهي، اها ان جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿي. نهري (سخت) ۽  پاڻياٺ جي ڀيٽ ۾ فارغو سولائي سان پکڙجي ۽ سُسي سگهي ٿي. ٿڌو ڪرڻ ۽ گهربل ٿڌ ڏيڻ سان فارغو کي ، پاڻيٺ ۽ نهري حالت ۾ بدلائي سگهجي ٿي. گئس کي سوگھو ڪرڻ لاء ھر پاسي کان بند ڪرڻو پوندو آهي.

بڻ بنياد[سنواريو]

هتي گيس کي سمجهڻ لاءِ انگريزي لفظ gas جي اصل بڻ بنياد (etymology) کي بنياد بڻايو ويو آهي. لغت موجب گيس جو لفظ يوناني جي khaos مان ورتل آهي. جنهن جي معنا خالي هئڻ جي آهي. هاڻي گيس جو لفظ سائنس ۾ اَڄڪلهه جي بنيادي معنا سان گڏوگڏ اهي سڀئي معنائون به رکي ٿو جن کي گيس جون خاصيتون (properties of gas) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

  1. empty space = الموقع الفارغ = خالي جڳهه
  2. empty box = الصندوق الفارغ = خالي دٻو يا پيتي

جيئن ته انگريزي جي لفظ gas جي لاءِ ٻيا ممڪن متبادل نه آهن، جيئن بخارَ vapor، ڌنڌ mist سان وڌيڪ ميل کائي ٿو، نه ڪي گيس سان. جيئن ته  gas جو لفظ تمام گهڻو ڪَتب اچي ٿو،  تنهنڪري جيڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ ۾ ان جو متبادل ٺاهڻو آهي ته پوءِ اهو انگريزيءَ جي گيس لفظ وانگر ئي سولو هجڻ گهرجي.

فارغو جا قانونَ[سنواريو]

ڪنهن به فارغو جي ڏنل خاص مقدار ۾، ان فارغو جي حرارت جي درجي، حجم ۽ دٻاءَ جي پاڻ ۾ تعلق کي فارغو جا قانون چيو وڃي ٿو. ٻنيادي طور تي فارغو جا هي هيٺ ڏنل ٽي قانون اهم آهن.

  • بوائل جو قانون
  • چارلس جو قانون
  • ايووگيڊرو جو قانون

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]