آذربائيجان جو صدر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
صدر آذربائيجان جي ريپبلڪ

صدر جو معيار
عهديدار
الھام علييف

31 آڪٽوبر 2003 کان
رهائش باڪو ۾ زغولبا واري رھائشگاھ
گنجليڪ ۾ صدارتي محل
عھدي جي مدت ست سال
تشڪيل 30 آگسٽ 1991 (ڊي فيڪٽو)
27 نومبر 1995 (ڊي جيور)
اولين حامل اياز مطلبوف
نائب آذربائيجان جو نائب صدر
پگهار 180,000 AZN [1]
ويب سائيٽ The President of Azerbaijan

آذربائيجان جو صدر(انگريزي: President of the Republic of Azerbaijan ) آذربائيجان جي رياست جو سربراھ آھي. آذربائيجان ۾ نيم صدارتي نظام قائم آھي جنھن جو قسم صدر واري پارلياماني نظام جو آھي جيڪو خالص صدارتي نظام جي ويجھو آھي جنھن ۾ صدر وزيراعظم کان وڌيڪَ بااختيار ھوڻدو آھي جنھن آڏو وزيراعظم جوابده ھوندو آھي. آذربائيجان جي آئين مطابق صدر رياست جو سربراھ ۽ فوج جو ڪمانڊر ان چيف آھي. اھو ھر قسم جي پراسيڪيوشن کان مستثنیٰ آھي. ملڪ جي پرڏيهي ۽ گھرو پاليسي ٻنھي ۾ ملڪ جو ترجمان ھوندو آھي. آئين مطابق صدر جي عھدي جو مدو ست سال آھي ۽ ساڳيو ماڻھو وري وري عھدو سنڀالي سگھي ٿو. 31 آڪٽوبر 2013ع تي الھام علييف ملڪ جو صدر چونڊجي آيو.

لياقت[سنواريو]

آذربائيجان جي صدر لاء لازم آھي تہ اھو ڏھ سال لاڳيتو ملڪ جي شھري رھيو ھجي.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "5 Highest Paid Asian Political Leaders". وقت 2018-07-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)