باب:پاڪستان/صوبا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان جي انتظامي تقسيم (ورهاست) جو نقشو[سنواريو]


پاڪستان کي وفاقي دارالحڪومت (گاديءَ جي هنڌ)، چئن صوبن، قبائلي علائقا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت ۽ بلتستان ۾ ورهائي سگهجي ٿو جيڪي ان جا وڏا وڏا علائقا آهن۔ سرڪاري طور تي پاڪستان جا چار صوبا ۽ هڪ وفاقي دارالحڪومت (گاديءَ جو هنڌ) آهي جنهن جي لاءِ توهان ڏسي سگهو ٿا: پاڪستان جي انتظامي ايڪائيون۔ پر ان کان علاوہ چند علائقا آهن جيڪي اڃا باقاعدہ پاڪستان ۾ شامل ناهين ڪيا ويا ۽ انهن جي آزاد حيثيت برقرار آهي جيئن آزاد ڪشمير، قبائلي علائقا ۽ گلگت ۽ بلتستان۔ پر ان جي باوجود هي علائقا عملي طورتي پاڪستان جي زيرِ اختيار ۾ آهن ، تنهنڪري انهن کي پاڪستان جو حصو چئجي ٿو۔

پاڪستان جي صوبن کي ضلعن ۾ ورهائي (تقسيم) ڪيو وڃي ٿو۔ آگسٽ 2000ء تائين صوبن کي ڊويزن ۽ ڊويزن کي ضلعن ۾ ورهايو ويندو هو، پر آگسٽ 2000ء ۾ ڊویژن ختم ڪيا ويا ۽ هاڻي صوبن کي ضلعن ۾ ورهايو ويندو آهي۔