باب:پاڪستان/تعارف
اسلامي جمهوريا پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ واقع آهي۔ پاڪستان جي اوڀر ۾ ڀارت، ڏکڻ اوڀر ۾ چين ۽ اولهه ۾ افغانستان ۽ ايران ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقع آهن۔ پاڪستان جو مطلب آهي پاڪ ماڻهن جي رهڻ جي جڳهه ۽ اهو نالو چوڌري رحمت علي پاران 1933ء ۾ تجويز ڪيو ويو هيو۔
711 ۾ اموي خليفي وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ محمد بن قاسم ننڍي کنڊ (هاڻوڪي پاڪستان ۽ هندستان) جي وڏي حصي کي فتح ڪندو آهي ۽ اهڙي ريت ننڍو کنڊ (برصغیر) (موجودهه پاڪستان) دنيا جي سڀ کان وڏي عرب رياست جو هڪ حصو بڻجي پئي ٿو جنهن جي گاديءَ جو هنڌ دمشق، زبان عربي ۽ مذهب اسلام هيو۔ هي علائقو سياسي،مذهبي ۽ ثقافتي طور تي عرب دنيا جڙي وڃي ٿو۔ ان واقعي ننڍي کنڊ ۽ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ تي گهرا اثرات مرتب ڪيا۔
سن 1947 کان پهرئين ڀارت، پاڪستان ۽ بنگلا ديش برطانوي ڪالوني هيا ۽ برصغير ننڍي کنڊ طور سڃاتا ويندا هيا۔ هندستان جي آزادي (انگريزن کان) جي تحريڪ دوران هندستان جي مسلمانن پنهنجي لاءِ هڪ الڳ ملڪ جو مطالبو ڪيو۔ "پاڪستان ڪا مطلب ڪيا لا الہ الا اللہ" اُن تحريڪ جو مقبول عام نعرو هيو۔ ان مطالبي تحت تحريڪ پاڪستان وجود ۾ آئي۔ ان تحريڪ جي قيادت محمد علي جناح ڪئي۔ 14 اگست 1947تي پاڪستان وجود ۾ آيو۔
ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي ورهاست ۾ انگريزن ڪجهه اهڙا خال ڇڏيا جيڪي پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ 1948 ۽ 1965 ۾ ڪشمير جي مسئلي تي ٻه جنگين جو سبب بڻجي پيا۔
انکان علاوهه جيئن ته پاڪستان ۾ وهندڙ سڀ درياءَ انڊيا جي زير قبضي ڪشمير مان گذري ڪري ايندا هئا تنهنڪري پاڪستان کي 1960 ۾ انڊيا سان سنڌ طاس معاهدو ڪرڻو پيو جنهن جي تحت پاڪستان کي اوڀر وارن دريائن ستلج، بياس (Beas) ۽ راوي کان دستبردار ٿيڻو پيو۔ جڏهن ته سنڌو درياءُ، چناب دريا،۽ جهلم دريا تي پاڪستان جو حق تسليم ڪيو ويو۔