بابا فريد الدين گنج شڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

فريدالدين
درگاه بابا فريدالدين، پاڪ پتن،پنجاب،پاڪستان
درگاه بابا فريدالدين، پاڪ پتن،پنجاب،پاڪستان

معلومات شخصيت
ڄم 1173
569 ھ
چاولي مشائخ، ملتان
موت 1265
664 ھ
پاڪ پتن  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
مذهب اسلام
پيءُ جمال الدين سليمان
عملی زندگی
استاد خواجہ معين الدين چشتي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو student of (P1066) وڪي ڊيٽا تي
پيشو ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي پنجابي ٻولي[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
مؤثر خواجہ قطب الدين بختيار ڪاڪي
ويب سائٽ
ويب سائٽ http://www.ganjshakkar.com/

حضرت فريد الدين مسعود، جنهن کي عام ۽ خاص ’بابا فريد گنج شڪر‘ جي نالي سان ياد ڪري ٿو، برصغير جو ولي ڪامل ۽ وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پاڻ 569هه/1173ع ۾ ملتان ضلعي جي هڪ ڳوٺ چاولي مشائخ ۾ ڄائو. سندس والد جمال الدين سليمان ڪامل ولي هو. سندس نسب جو سلسلو حضرت عمر رضه سان ملي ٿو.

احوال زندگي[سنواريو]

ملتان ۾ تعليم دوران سندس ملاقات خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ سان ٿي، جنهن جي بيعت ڪيائين ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ غزني، بغداد، سيستان، بدخشان ۽ قنڌار جو سفر ڪيائين ۽ ان دور جي وڏن عالمن کان درس ورتائين. مشهور درويشن علاءُ الدين اولياءُ، شيخ جمال هاشوي ۽ ٻين ڪيترن ئي درويشن سان سندس صحبت رهي. پوءِ اجوڌن (پاڪ پتڻ) کي پنهنجي تبليغ ۽ تدريس جو مرڪز بنايائين ۽ اتي سال 664هه /1265ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار پاڪ پتڻ شريف ۾ آهي. هر سال محرم مهيني جي چوٿين تاريخ تي سندس عرس ٿيندو آهي. بابا فريد جا ناصحانه دوها سنڌ جي سگهڙن وٽ ڪچهرين ۾ هلندڙ آهن.

بابا فريد گنج شڪر جي -تعليم- ۽ طريقي جو سلسلو سنڌ تائين پهتل هو. سندس سلسلي ۾ سماع کي خاص اهميت هئي ۽ -ان- ڪري يقيني طور سنڌي ذاڪرن ۽ قوالن، -پاڪ پتڻ- ۾ سندس خانقاهه تي سماع جون محفلون مچايون هونديون. هڪ حوالي موجب، دهليءَ ۾ شيخ نظام الدين اولياءُ وٽ شيخ فريد گنج شڪر جو مريد حسين سنڌيءَ نالي قوال رهندو هو، جيڪو اتي سرود ڪندو ۽ ڳائيندو هو. مير خورد ڪرماني ’سيرالاولياءُ‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”شيخ فريد ’هندي‘ چڱيءَ طرح ڳالهائي سگهندو هو.“ هنديءَ مان مراد ملتان ۽ سنڌ واري مقامي ٻولي ’هندوي‘ ٿي سگهي ٿي، جيڪا ان وقت جي سرائڪي سنڌي ٻولين جي آميزش واري زبان هئي. شيخ فريد پنهنجن مريدن کي پنهنجي زبان ۾ ذڪر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ته جيئن هو لفظن کي سمجهن ۽ سندن دل تي اثر ٿئي. محمد غوث گوالياريءَ پنهنجي ڪتاب ”جواهر خمسہ“ ۾ انهيءَ ذڪر جا ٽي فقرا ڏنا آهن، -جن- جي سٽاءَ مان ظاهر آهي ته اهي سرائڪي ۽ سنڌيءَ جا آهن. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته حضرت -بابا فريد مسعود گنج شڪر عام مقامي ٻولي ’هندويءَ‘ ۾ دوها چيا. ڪن محققن جي راءِ ۾ اهي دوها، جيڪي ’بابا فريد‘ جي نالي سان منسوب آهن، سي -بابا فريد مسعود گنج شڪر- جا نه، پر سندس جاءِ نشينن مان ڪنهن دوريش ”فريد ثانيءَ“ جا چيل آهن. سکن جي ڌرمي ڪتاب ”آد گرنٿ“ (گروگرنٿ) جي آخري پنجين ڀاڱي ’ڀوڳ‘ هيٺ ڪن دوهن تي سرائڪي سنڌيءَ جو رنگ چڙهيل آهي. ان سلسلي ۾ هيٺيان دوها غور ڪرڻ جوڳا آهن:

سرور پنڇي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس
تن لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس
اِنِي نِڪي جنگَيم، ٿَلُ ڊوگر ڀَويوم
اَجَ فريدئي ڪوجڙا، سَو ڪُهان ٿيوم
فريدا سبنئان مَن ماڻڪ، ڊاهڻ مول مَ چنگا
جِي توءِ پري دي سِڪ، هِيانَو نه ڊاه ڪنهين دا.

انهن دوهن جي صورتخطي ائين آهي، جيئن ”آد گرنٿ“ ۾ ڏنل آهي، يعني گهٽ ۾ گهٽ 1604ع تائين (جڏهن ”آد گرنٿ“ تاليف ٿيو) اُهي دوها ائين لکيا، -پڙهيا- ۽ اچاريا ويندا هئا. پهرين ٻن دوهن ۾ سنڌي اثر نمايان آهي. معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطيف خود بابا فريد کان متاثر هو. هيٺيون -بيت- بابا فريد جي -بيت- جو سڌو سنئون ترجمو آهي، پر تخليقي سٽاءَ لطيف جي وڌيڪ بهتر آهي.

سر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه
سندي آس الله، لُڏي لهرين وچ ۾.
(شاهه)

ان کان سواءِ هي -بيت- سنڌ جي سگهڙن وٽ زباني روايتن ذريعي هلندو آيو آهي.

ٿر ڏونگر بر روهه، ميي سڀ مناڙيا
اڱڻ اسي ڪوه، هاڻي هن جَهاز کي.
مزار جي مختلف عمارتن ۾ ديوان بہ شامل آھن

ٽالپرن جي دؤر جي هڪ قلمي نسخي ۾ شاعر غلام علي ملاح، مير فتح علي خان جو ڪلام گڏ ڪيو آهي، تنهن جي آخر ۾ هي -بيت- غلط نموني سان هيٺينءَ ريت لکيل آهي، بهرحال ان مان ظاهر آهي ته گذريل اڻويهين صديءَ ۾ هيءَ -بيت- اديبن ۽ شاعرن کي پڻ معلوم هو:

ٿر ٿر ڏيهه ڏونگر هن، ميي سڀ مناڙيا
هاڻي هن جهاز کي، اڱڻ پڻ اُسي ڪُهن.

بهرحال، بابا فريد گنج شڪر جي شاعريءَ تي سنڌيءَ جو يا سنڌيءَ تي سندس شاعريءَ جو اثر آهي، جيڪا حقيقت آهي، ۽ اُها سنڌي شاعريءَ جي -تاريخ- جو باب ۽ حصو آهي. بابا فريد جي دوهن تي سنڌيءَ ۾ آغا سليم ڪم ڪيو آهي.[2]

شاهه ڪريم کان چار سَئو سال اڳ ٻارهين صديءَ ۾ پاڪ پتڻ جي شيخ فريد پنهنجي دل جو درد ههڙن سنڌيءَ گاڏڙ بيتن ۾ بيان پئي ڪيو:

فريدا ڏُکان سيتي ڏينهن ڳيا، سولان سيتي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر وات.

فريد! ڏينهن ڏکن ۾ گذري ويو ۽ رات سورن ۾، مٿان پاتڻي بيٺو دانهون ڪري ته پنهنجو ٻيڙو ڪُنن جي وات ۾ اچي ويو!

فريدا مين جاڻيا دک مجهه ڪو، دک سڀا اي جڳ،
اُچي چڙهه ڪي ويکيا، تان گهر گهر ايها اڳ.

فريد! مون ڀانيو ته رُڳو مون کي ڏک آهن پر ڏک سڄي جهان کي آهن. مٿي ڪوٺي تي چڙهي ڏٺم ته گهر گهر اها ئي ڏک جي آڳ پيئي ٻري! [3]

بابا فريد چشتي طريقي سان منسلڪ هو، سندن نالو فريدالدين ۽ لقب گنج شڪر هو. سندس ولادت جي تاريخ ۾ اختلاف آهي. سيرالاولياءَ ۽ ٻين ڪن تاريخن 569 هه ڄاڻائي آهي. سندس روضي تي به اهائي تاريخ لکيل آهي. تذڪره نگارن لکيو آهي ته، بيعت وقت سندس عمر 18 سال هئي ۽ بيعت کان پوءِ 80 سال زنده رهيو. انهيءَ لحاظ سان به سندس ولادت جي تاريخ 560 هه صحيح معلوم ٿئي ٿي؛ ڇاڪاڻ جو سندس وفات جي تاريخ اتفاق راءِ سان 664 هه آهي. سندس والد بزرگ گوار جو نالو مولانا جمال الدين سليمان هو ۽ ديوان چاولي مشاخ، ضلعي ملتان جا ويٺل هئا. اڃان ننڍو ئي هو ته، سندس والد بزرگوار وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ کيس ڳوٺ جي عالم وٽ پڙهڻ ويهاريو ويو جتان ابتدائي تعليم حاصل ڪري، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ملتان آيو: جتي قرآن حڪيم حفظ ڪيائين ۽ مولانا منهاج الدين جي مسجد ۾ فقهه جو مشهور ڪتاب ”نافع“ شروع ڪيائين. هڪ ڏينهن نافع ڪتاب پڙهي رهيو ته، خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي مسجد ۾ نماز پڙهڻ آيو. حضرت خواجه جي نظر فيص اثر، حضرت باب فريد کي گهائي وڌو. ٿوري ئي گفتگو کان پوءِ حضرت خواجه جي دوست حق پرست تي بيعت ڪيائين. بزم صوفيه جي صاحب لکيو آهي، ته حضرت خواجه بيعت وقت حضرت باب ڏانهن مخاطب ٿي هيءَ رباعي پڙهي:

مقبول ترجز مقبل جاويد نشد
وز لطف تو هيچ بنده نوميد نشد..
لطف بکدام بنده پيو ست ومي،
کان ذره به از هزار خورشيد نشد..

ڪن تاريخن لکيو آهي ته بيعت ملتان ۾ نه ٿي، پر ان ملاقات کان پوءِ حضرت بابا فريد جڏهن دهليءَ ويو ته اتي ٿي. حضرت خواجه حسن نظاميءَ به ائين لکيو آهي. مولانا جمالي ملتان ۾ بيعت جي تصديق ڪري ٿو: ”همدران حين حضرت شيخ فريدالدين مسعود شرف ارادت مشرف شد“. ٻئي هنڌ لکي ٿو:

”بتحقيق پيوسته است که حضرت فريد الدين مسعود در ملتان بيعت حضرت زبدت الاسرار شيخ الاسلام قطب الدين ڪاڪي روشي مشرف شد“. جڏهن حضرت خواجه صاحب دهليءَ روانو ٿيو، تڏهن حضرت بابا فريد به سان همراه ٿيو. اڃا ٽي منزلون طئه ڪيون هئائون ته حضرت خواجه صاحب کين سڏي چيو ته، ”اڃا اتي ترس ۽ ظاهري علمن جي تحصيل ۾ پوري ڪوشش وٺ؛ ڇاڪاڻ جو بي علم زاهد مسخره شيطان آهي.“ مرشد جي حڪم موجب موتي ملتان آيو ۽ ڪجهه وقت اتي رهي، تعليم حاصل ڪري، قنڌار هليو ويو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. اتان بغداد ويو ۽ شيخ الشيوخ شهاب الدين عمر سهرورديءَ سيف الدين باخرزي، سعدالدين حمدي، بهاءالدين حموي، شيخ او حدالدين ڪرماني، شيخ فريدالدين نيشاپوري جهڙين صوفين جي صحبت مان فيض پرايائين. پنجن سالن جي سياحت کان پوءِ، پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ دهلي ھليو ويو. هيٺيون شعر کين ڏاڍو وڻندو هو. ٻڌڻ سان روئيندا هئا ۽ بيهوش ٿي ويندا هئا:

در ڪوئي عاشقان چنا جان بدهند
کانجا ملک الموت نگجند هرگز.

سندن مريدن مان ڪيترائي وڏا عارف ٿيا، جن مان حضرت نظام الدين اولياء دهلويءَ جو نالو قابل ذڪر آهي. ڪيتري ئي خلق خدا کي فيض ڏيڻ کان پوءِ 664 هه ۾ وفات ڪيائون.[4]

مزار ۾ واقع مسجد

سنڌي شاعري[سنواريو]

لکت ۾ تاريخي حوالن سان جيڪو مواد موجود آهي ان حساب سان اصل ۾ سنڌي شاعريءَ جو سفر بابا فريد (Baba Fareed) جي سنڌي شاعريءَ کان شروع ٿئي ٿو. اسان جا گهڻا محقق قاضي قادن کي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون شاعر مڇين ٿا. پر سچ ته اهو آهي ته بابا فريد جي شاعري ۾ ڪيترائي سنڌي ڏوهيڙا (Couplets) ملن ٿا، جيڪي موضوع توڙي فن جي اعتبار کان ڏاڍا سهڻا ۽ سگهارا آهن. اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن بابا فريد جي قبر پنجاب جي حدن ۾ اچي ٿي ته ان مان اهو مطلب وٺڻ ڪنهن به صورت ۾ صحيح ناهي ته هو ڪو سنڌي بوليءَ جو پهريون شاعر نه هو. سنڌ جون حدون بابا فريد جي دور ۾ ملتان کان به اڳتي هيون ۽ بابا فريد, پنجابي، سرائيڪي توڙي سنڌيءَ جو پهريون شاعر آهي ۽ اسان کي اها سچائي مڃڻ گهرجي. بابا فريد جا ڪجهه ڏوهيڙا جيڪي آغا سليم پنهنجي ڪتاب ”بابا فريد جو ڪلام“ ۾ ڏنا آهن.

بابا فريد جو سنڌي ڏوهيڙو[سنواريو]


رَتي رَتُ نه نڪري،
جي تَنُ چيري ڪوءِ،
جي تنُ رتا رب سين،
تِن تَن رتُ نه هوءِ،
تَنُ تپي تنور جيئن،
ٻارڻ هڏ ٻرن،
پيرن ٿڪان، سر جلان،
جي مون پرين ملن،
ننڍي ڪنت نه راويو،
وڏي ٿي مئياس،
ڌڻ ڪو ڪيندي گور ۾،
تو سان نه ملياس،
ڳلئين چڪڙ، ڏور گهر،
نال پياري نينهن،
جلان نه ڀڄي ڪملي،
رهان ته ٽُٽي نينهن.

[5]

سنڌي شاعريءَ جو اهو سفر بابا فريد کان شروع ٿي شاهه عبدالطيف جي دور ۾ پنهنجي عروج تي پهتو.[6][7]

مرزا جو باب جنت جنھن کي جنت ۾ وڃڻ جي علامت طور ان نالي سان سڏيو ويندو آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb14639295m — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامہ: Open License
  2. بابا فريد مسعود گنج شڪر : (Sindhianaسنڌيانا)
  3. سندي ذات هنجن (ادب جي پرک) (رسول بخش پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  4. چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌيمھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  5. آعا سليم جو ڪتاب ”بابا فريد جو ڪلام
  6. روزآني عوامي آواز پاران ڪراچي، سنڌ
  7. عريشا بخاري جي عوامي آواز اخبار ۾ لکيل ڪالم ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جهاتي“ مان ورتل مواد