معين الدين چشتي
معين الدين چشتي | |
---|---|
مغلن جي دؤر جي ٺھيل معين الدين چشتي جي پينٽنگ | |
ذاتي معلومات | |
پيدائش | AH 536/1142 CE |
وفات | AH 633/1236 CE |
آخري آرامگاھہ | درگاھ اجمير شريف |
مذھب | اسلام |
Flourished | اسلامي سونھري دؤر |
فرقو | سني[2][3] |
اسڪول | حنفي, مترودي |
تنظيم | |
آرڊ | چشتي سلسلو |
نمايان استاد | |
Teacher | خواجہ عبدالله انصاري,[4] نجيب الدين نقشابي [4] |
خواجه معين الدين چشتي ايران جي علائقي، سجستان ۾ ڄائيا هئا ۽ خراسان ۾ تربيت حاصل ڪيائين. سندس والد بزرگوار خواجه غياث الدين حسن نيڪ طبيعت ۽ پرهيزگار شخص هئا. خواجه صاحب پئي جي وفات بعد اسباب وڪڻي، پيسا فقيرن ۾ ورهائي، سير و سفر تي نڪري پيا.
ڪجهه وقت سمرقند ۽ بخارا ۾ رهي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ عراق عرب ڏانهن رخ ڪيائن ۽ نيشاپور جي پسگردائيءَ ۾ ”هرون“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي ٻه اڍائي سال حضرت عثمان هروني (وفات 617 ھجري) جي خدمت ۾ رهيا. ان کان روحاني فيض پرائي، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. اتان بغداد طرف روانا ٿيا. ”سنجار“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي شيخ نجم الدين ڪبريٰ (شهادت 610 ھجري) جي صحبت ۾ اٽڪل ٻه مهينا رهيا. اتان جيلان ۾ آيا ۽ حضرت سيد عبدالقادر جيلاني سان مليا. ان جي صحبت ۾ رهي، بغداد آيا ۽ حضرت شيخ ضياءُ الدين جي صحبت ۾ ڪجهه وقت رهيا. بغداد ۾ شيخ اوحدالدين ڪرماني، حضرت خواجه صاحب کان روحاني فيض حاصل ڪيو. انهيءَ ئي زماني ۾ حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي به کانئس روحاني فيض پرايو.
سير و سفر ڪندا حضرت خواجه صاحب بغداد کان همدان آيا ۽ اتان تبريز پهتا. اتان ٿي خرقان آيا. ان کانپوءِ ”سبز وار“ آيا. اهڙيءَ طرح سير و سفر ڪندي، بزرگن سان ملاقاتون ڪندي، لاهور آيا ۽ حضرت خواجه علي هجويري جي مزار جي زيارت ڪيائين. مورخن جو اندازو آهي، ته حضرت خواجه صاحب سنه 587 کان 588 ھجري ۾ لاهور ۾ آيا. لاهور کان دهلي آيا ۽ اتي ٿورو وقت رهي، اجمير طرف روانا ٿيا. اجمير ۾ پنهنجي خانقاهه قائم ڪيائين. سندس تبليغ سبب ڪيترائي غير مسلم، ايمان جي روشني سان منور ٿيا. اهڙي طرح برصغير پاڪ و هند جي سرزمين ۾ اسلامي تبليغ ۽ روحاني فيض جو سرچشمو قائم ڪري، سال 632 يا 633 هجري ۾ وفات ڪيائين. اجمير شريف ۾ انهن جو روضو مشهور زيارت گاهه آهي.
حضرت خواجه صاحب جي خليفن ۾ ٻه بزرگ خاص طرح سان قابل ذڪر آهن: شيخ قطب الدين بختيار ڪاڪي دهلي ۾ چشتي سلسلي جو مرڪز قائم ڪيو، ۽ ڪيترن ماڻهن کي روحاني فيض سان مالا مال ڪري، 41 ربيع الاول، 633 ھجري (1235ع) تي وصال فرمايو. سندس خليفن مان حضرت بابا فريد الدين گنج شڪر جو تعلق سنڌ سان آهي.[7]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.iecrcna.org/publications/books/Khwaja_Ghareeb_Nawaz_rahmatullah_alayh_SP.pdf
- ↑ Francesca Orsini and Katherine Butler Schofield, Telling and Texts: Music, Literature, and Performance in North India (Open Book Publishers, 2015), p. 463
- ↑ Arya, Gholam-Ali and Negahban, Farzin, “Chishtiyya”, in: Encyclopaedia Islamica, Editors-in-Chief: Wilferd Madelung and, Farhad Daftary: "The followers of the Chishtiyya Order, which has the largest following among Sufi orders in the Indian subcontinent, are Ḥanafī Sunni Muslims."
- ↑ 4.0 4.1 Ḥamīd al-Dīn Nāgawrī, Surūr al-ṣudūr; cited in Auer, Blain, “Chishtī Muʿīn al-Dīn Ḥasan”, in: Encyclopaedia of Islam, THREE, Edited by: Kate Fleet, Gudrun Krämer, Denis Matringe, John Nawas, Everett Rowson.
- ↑ 5.0 5.1 5.2 Blain Auer, “Chishtī Muʿīn al-Dīn Ḥasan”, in: Encyclopaedia of Islam, THREE, Edited by: Kate Fleet, Gudrun Krämer, Denis Matringe, John Nawas, Everett Rowson.
- ↑ 6.0 6.1 Arya, Gholam-Ali; Negahban, Farzin. "Chishtiyya". ۾ Madelung, Wilferd; Daftary, Farhad. Encyclopaedia Islamica.
- ↑ چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو