انور ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انور ابڙو
Anwer Abro

انور ابڙو
پيدائش انور علي ابڙو
01 جنوري 1965ع
ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو، سنڌ
قلمي نالو انور ابڙو
ڌنڌو ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، ناول نگار
ٻولي سنڌي ٻولي
قوميت پاڪستانپاڪستان
تعليم بي اِي مڪينيڪل انجنيئر
ايم اي (صحافت)
مادرِ علمي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ڄامشورو
فيڊرل اردو يونيورسٽي آف آرٽس اينڊ سائنس ڪراچي
صنف ڪھاڻي، ناول،ڊرامو
مُکيه ڪم خودڪشي جو رومانس
ڀڳل رانديڪو
منهنجو چنڊ مارجي ويو
وبا کان چورايل پَل

انور ابڙو (انگريزي:Anwar Abro) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو ناميارو ناول نگار، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ صحافي آهي. سندس ڪيترائي ئي ڪتاب ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

انور ابڙي جو پورو نالو انور علي ابڙو آهي. هيءُ علي گل ابڙو جي گهر ۾ پهرين جنوري 1965ع تي لاڙڪاڻو ضلعو جي تعلقو ڏوڪري (هانباقراڻي تعلقو)  جي ڳوٺ لالي جا ڀاڻ ۾ پيدا ٿيو.[1]

تعليم[سنواريو]

  آنور ابڙو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري منجهان پاس ڪيائين ۽ 1985ع حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪري مان انٽرميڊئيٽ ڪيائين، 1991ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، بي اِي (ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ) جي ڊگري ڄامشورو مان حاصل ڪيائين. جڏهن  تہ فيڊرل اردو يونيورسٽي آف آرٽس اينڊ سائنس، ڪراچي مان ايم. اي (صحافت) جي ڊگريون حاصل ڪيائين.  هن گڏوگڏ آغا خان يونيورسٽيءَ مان ڊپلوما اِن اسڪول مئنيجمينٽ ڪئي.[1]

ادبي علمي خدمتون[سنواريو]

انور ابڙو ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو.انور ابڙي جا ڪهاڻي، ناول ۽ ڊراما لکيا آهن. هن شاعريءَ سان گڏ ڪالم نگاري ۽ ترجمي نگاري به ڪئي آهي. سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ڪجهه ڊاڪيومينٽريز به لکيون ۽ انهن جي هدايتڪاري به ڏني. هو سنڌ جي اهم ادبي رسالن جو ايڊيٽر به رهيو آهي. صحافي ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ هن مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن لاءِ علمي، ادبي ۽ سماجي موضوعن تي ڪيترائي ليک لکيا آهن. هو ماهوار ’سنڌ سجاڳ‘ ڪراچي، ماهوار ’روح رهاڻ‘ ڪراچي، ’مڊويڪ‘ ميگزين، روزنامه ’جنگ‘ ڪراچي، روزاني ’پڪار‘ ڪراچي، ماهوار ’معمار‘ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، ماهوار ’سارس‘، ماهوار ’سوڀ‘ ڪراچي، هفتيوار ‘ڪاوش دنيا‘ ۽ ڪاوش ‘مڊويڪ مئگزين‘ ۾ اعزازي طور مختلف عهدن تي ڪم ڪري چڪو آهي.انور ابڙي مختلف ٽي. وي چئنلن لاءِ ڊراما، سيريل ۽ سولو پلي پڻ لکيا، جيڪي پي ٽي وي تان نشر ٿي چڪا آهن، جن ۾: ’ڪشالا‘ (سيريل)، ’سيج‘ (سيريل)، ’باک جي آس‘ (سولو پلي)، ’ڳوڙهن سندا گل‘ (سولو پلي)، ’عروج‘ (سولو پلي)، ’پهرين عيد‘ (سولو پلي) مشھور آهن. هن مختلف ٽي وي چئنلن لاءِ انٽرويو پڻ ڪيا. هو هن وقت ڪراچي ۾ رهي ٿو. انور ابڙو 1995ع ۾ ڪجهه عرصو پاڪستان اسٽيل ملز ۾ انجنيئر طور ڪم ڪيو. ان بعد هن 1995ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ملازمت حاصل ڪئي، جتي هن 2012ع تائين مختلف عهدن تي ڪم ڪيو. 2012ع ۾ جڏهن سنڌ مدرسي کي يونيورسٽيءَ جو درجو مليو ته انور ابڙو پي آر ڊپارٽمينٽ ۾ اول پي آر او، ان بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو. سنڌ مدرسي ۾ هو ٽه ماهي رسالي ”سنڌ مدرسه ڪرانيڪل“ جو ايڊيٽر رهيو، جتي بهترين ڪارڪردگيءَ تي کيس ڪجهه اوارڊ به مليا.[1][2][3]

ڪتاب[سنواريو]

سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’خودڪشيءَ جو رومانس‘ (ڪهاڻيون: 2001ع)، ’رهنما‘ (ترجمو: 2004ع)، ’ڳورهاري عورت جا مسئلا ۽ حق: حقيقت ڇا آهي‘ (ترجمو: 2008ع)، ’ڀڳل رانديڪو‘ (ناول 2008ع)، ’ٻڌو، پڙهو ۽ رنگ ڀريو‘ (معاون ليکڪ: ٻارن لاءِ ابتدائي سنڌي قاعدو، 2009ع)، ’هڪ عظيم زرعي ڌوڪو‘ (ترجمو: 2009ع)، ’منهنجو چنڊ مارجي ويو‘ (ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري: 2009ع)، ’عورتون سياست ۾‘ (ترجمو: 2011)، ’اکر اکر تاريخ‘ (ترتيب)، ’اڌ صديءَ جو اوجاڳو‘ (ليک: 2013ع)، ’پهرين جنوري‘ (ڪهاڻيون: 2015ع)، ’هڪ مهمان ڇوڪري‘ (ناول: 2016ع)،[4] ’عني ۽ مائو‘ (ٻاراڻيون ڪهاڻيون: 2016ع)، ’حسن علي آفندي: سنڌ مدرسته الاسلام جو باني‘ (ترجمو: 2016ع)، ’قلم جا وارث‘ (خاڪا ۽ علمي ادبي ۽ فڪري جائزو: 2017ع)، ’قائداعظم محمد علي جناح: تعليم، جدوجهد ۽ حاصلات‘ (ترجمو: 2018ع)، ’ننڍڙو چنڊُ‘ (ناول: 2018ع)، ’چوڌاري چمڪاٽ‘ (ٻارن لاءِ تقريرون ۽ خاڪا: 2018ع)، ’روشني ڪي مينار-حيدر بخش جتوئي‘ (اردو ۾)، ’ايڪهين صديءَ جو ادب‘ (مهاڳ، اڀياس، تبصرا ۽ رايا 2019ع)، ’وڏي ڀيڻ‘ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون: 2020ع) ۽ ’وبا کان چورايل پلَ‘ (ڪورونا تي لکيل ڪهاڻيون: 2021ع) شايع ٿي چڪا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "انور ابڙو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-02-21. 
  2. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: انور ابڙو". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2022-02-21. 
  3. Sindhipeoples. "سنڌي افسانا ۽ ڪھاڻيون: جي سائين- انور ابڙو". سنڌي افسانا ۽ ڪھاڻيون. حاصل ڪيل 2022-02-21. 
  4. "ھڪ مھمان ڇوڪري". ھڪ مھمان ڇوڪري. حاصل ڪيل 2022-02-21.