مواد ڏانھن هلو

الله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(الله سائين کان چوريل)

الله عربي زبان ۾ خالق لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ آهي. جيڪو انگريزي زبان جي لفظ God جو متبادل آهي. هي لفظ صرف مسلمانن تائين محدود نه آهي پر وچ اوڀر ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ غير مسلمان به استعمال ڪندا آهن.

مسلمان الله کي سڄي ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ سمجهن ٿا ۽ دعويٰ ڪن ٿا ته قرآن محمد جو نه پر الله جو لکيل ڪتاب آهي. قرآن جي پهرين سورت سورت الفاتحه ۾ بيان آهي ته؛

سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو سمورن جهانن جو رب ۽ پالڻهار آهي. جزا جي ڏينهن (قيامت جو ڏينهن) جو مالڪ آهي. اسان صرف تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تنهنجي ئي مدد گهرون ٿا.

هڪ ٻي جاءِ تي بيان آهي ته؛

اي انسانون! پنهنجي رب جي عبادت ڪريو جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي. هو هر شَي جو خالق آهي. ته توهان ان جي ئي عبادت ڪريو جيڪو هر ڪارساز آهي.
 
سوره انعام: آيت.102

قرآن مجيد ۾ الله جي باري ۾ وڌيڪ آيتن ۾ آهي ته؛ !'ORA PAOLO BROSIO VI INCULA PER QUESTE OSCENITA

ڇا يعقوب عليه السلام جي وفات وقت توهان موجود هئا؟ جڏهن هن پنهنجي اولاد کي چيو ته توهان مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندا اوهان جي معبود جي اوهان جي وڏن ابراهيم عليه السلام ۽ اسماعيل ۽ اسحاق عليه السلام جي معبود جي، جيڪو هڪ ئي آهي ۽ ان جا فرمانبردار رهنداسين.
 
سورت البقر133

مسلمان جي عبادت ڪندا آهن ۽ پاڻ کان علاوه ٻين مذهبن وارن کي الله وحد هو لا شريڪ له جي عبادت ڪرڻ جي دعوت ڏيندا آهن.

(عربي ٻوليءَ جو لفظ) خدا تعاليٰ جو ذاتي نالو (لفظي معنيٰ = عبادت ڪرڻ). -الله- جي ذات اعليٰ ۽ بلندترين آهي. قرآن شريف ۾ ”-الله-“ جو لفظ 2697 ڀير آيو آهي. ابن العربيءَ جو قول آهي ته ”-الله-“ جو اسم علم آهي ۽ انهيءَ برحق معبود تي دلالت ڪري ٿو، جنهن ۾ سڀ حقائق وجوديہ موجود آهن. ”-الله-“ ذات -باري- تعاليٰ جو -اسم اعظم- آهي: ”-الله- لا الہ الا هو وحده“. گهڻن عارفن جو اهوئي خيال آهي. علامه بيضاويءَ جو چوڻ آهي ته ”-الله-“ جو لفظ ’-الله-‘ مان مشتق آهي. ابوالهيثم کان جڏهن ’-الله-‘ جي اسم جي لغوي -تحقيق- جي -باري- ۾ پڇيو ويو ته هن چيو ته ”حقيقت ۾ ’الاه‘ هو، ال تعريف داخل ڪيو ويو ته -الله- ٿي ويو. يعني ٻه متحرڪ لام هڪڙي هنڌ گڏجي ويا، انهيءَ ڪري هڪڙو لام ٻئي ۾ مدغم ٿي ويو ۽ ’-الله-‘ ٿي ويو.“ البيضاويءَ جو اهو چوڻ آهي ته اصل ۾ هي صفاتي نالو هو، مگر جڏهن -الله- جي ذات سان مختص ٿيو، تڏهن -الله- جي ذات کان سواءِ ٻئي ڪنهن لاءِ استعمال نٿو ٿئي. تڏهن هن کي اسم عَلَمَ جي حيثيت حاصل ٿي وئي. انهيءَ سلسلي ۾ قاضي شهاب الدين الخفاجيءَ جو هيءُ قول آهي ته ”-الله-“ جو اصل يا اشتقاق يا -ان- جي عربي غير عربي هئڻ جي -باري- ۾ ڪئين قول آهن ۽ انهن ۾ اختلاف آهي. جيتوڻيڪ چيو ويو ته جيئن انساني عقل خدا جي ذات ۽ صفات جي -باري- ۾ ٺوڪرون کائيندو رهيو آهي، اهڙيءَ طرح لفظ ’-الله-‘ بابت پڻ ششدر ٿي ويو آهي، ڇو ته هن لفظ ۾ به -ان- جي صفاتي نوراني شعاعن جو عڪس آهي، جنهن جي ڪري -اهل- بصارت ۽ بصيرت حيرت زده آهن. ڪي عالم لفظ ’-الله-‘ کي سامي زبان جو لفظ ڄاڻائين ٿا، مگر انهيءَ -باري- ۾ يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي. دراصل سامي ٻولين ۾ ڪي اهڙا لفظ مشابهت رکندڙ هم معنيٰ هوندا آهن. الزبيدي چوي ٿو ته ’-الله-‘ جو ’الف‘ حذف ڪري نٿو سگهجي، بلڪ الف سميت سڄي لفظ مان ئي ’-الله-‘ جو مقدس نالو بنجي ٿو. ٻيو ته ’-الله-‘ انهن اسمن مان آهي، -جن- جي فعل مان اشتقاق -جائز- ڪونهي. -ان- جي برعڪس ’رحمان‘ ۽ ’رحيم‘ جي فعل مان اشتقاق ٺهي سگهندو آهي. زبيدي چوي ٿو ته صحيح قول آهي ته ’-الله-‘ -ان- ذات جو اسم علم آهي، جو واجب الوجود آهي ۽ جنهن ۾ سڀئي صفتون ڪمال انداز ۾ جمع آهن ۽ هيءُ غيرمشتق هوندو آهي.

”-الله-“ اسم ذات آهي ۽ ذات باريءَ جي نالي لاءِ اهڙو موزون لفظ دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ موجود ناهي. اهو لفظ ذات -باري- تعاليٰ جي سلبي مفهوم سان گڏ ايجابي مفهوم کي به جامعيت سان ادا ڪري ٿو. -ان- مان هڪ طرف سڀني باطل معبودن جي نفي ٿئي ٿي ته ٻئي طرف انهيءَ هستيءَ جي -اثبات- ٿئي ٿي، جنهن لاءِ قرآن شريف ۾ آهي ته ”-الله- هڪڙو ئي ته آهي“. ”-الله-“ جي صفتن يعني -تخليق-، ربوبيت ۽ قدرت ڪاملہ جو ادراڪ ته ٿي سگهي ٿو، پر ذات جي حقيقت -انسان- جي علم ۽ فهم کان بالا آهي. مسلمان انهيءَ پاڪ نالي سان گڏ تعظيمي لفظن (تبارڪ و تعاليٰ، جل جلالہ وغيره) جو اضافو ڪندا آهن. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خدا“).[1]

خدا جي دين جو اعلان هر دور ۾ سڀني نبين سڳورن جي ذريعي ڪيو ويو آهي. انجيل مقدس ۾ اها ئي ڳالهه حضرت مسيح جي زبان مان هنن لفظ ۾ آئي آهي: ”پوءِ توهان اهڙي ريت دعا گهرندا ڪريو ته اي اسان جا پيءُ! تون جيڪو آسمان تي آهين، تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي. تنهنجي بادشاهت اچي. تنهنجي مرضي جيئن آسمان تي پوري ٿيندي آهي، ائين زمين تي به پوري ٿئي.“ (متي ؛ باب 6)

قرآن شريف ۾ ارشاد ٿيو آهي ته: اَللّٰہُ الَّذِیۡ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَیۡرِ عَمَدٍ تَرَوۡنَہَا ثُمَّ اسۡتَوٰی عَلَی الۡعَرۡشِ وَ سَخَّرَ الشَّمۡسَ وَ الۡقَمَرَ ؕ کُلٌّ یَّجۡرِیۡ لِاَجَلٍ مُّسَمًی ؕ یُدَبِّرُ الۡاَمۡرَ یُفَصِّلُ الۡاٰیٰتِ لَعَلَّکُمۡ بِلِقَآءِ رَبِّکُمۡ تُوۡقِنُوۡنَ (الرعد: 2) ”الله اهو آهي جنهن ٿنڀن کان سواءِ آسمانن کي مٿانهون ڪيو اٿس، جنهن کي توهان ڏسو ٿا. پوءِ عرش تي قائم ٿيو ۽ سج ۽ چنڊ کي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ لڳايو اٿس. هو هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو (هو) ڪم جي تدبير ڪري ٿو ۽ نشانين کي کولي بيان ڪري ٿو ته من توهان پنهنجي پالڻهار سان ملڻ جو يقين ڪيو.“[2][3]

بڻ بنياد

[سنواريو]

لفظ الله عربي زبان ۾ ال ۽ لاه جو مرڪب آهي جنهن جي معنيٰ آهي خدا. لفظ الله عربي کان سوءِ ابراني ۽ آرمينيائي زبانن ۾ به موجود آهي.

اللهﷻجا نوانوي نالا

[سنواريو]

اسلامي عقيدي موجب الله جي ذاتي نالي الله کان سواءِ الله جا نوانوي صفاتي نالا مشهور آهن. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.

1الرحمن
2الرحيم
3الملك
4القدوس
5السلام
6المؤمن
7المهيمن
8العزيز
9الجبار
10المتكبر
11الخالق
12البارئ
13المصور
14الغفار
15القهار
16الوهاب
17الرزاق
18الفتاح
19العليم
20القابض
21الباسط
22الخافض
23الرافع
24المعز
25المذل
26السميع
27البصير
28الحكم
29العدل
30اللطيف
31الخبير
32الحليم
33العظيم
34الغفور
35الشكور
36العلي
37الكبير
38الحفيظ
39المقيت
40الحسيب
41الجليل
42الكريم
43الرقيب
44المجيب
45الواسع
46الحكيم
47الودود
48المجيد
49الباعث
50الشهيد
51الحق
52الوكيل
53القوى
54المتين
55الولى
56الحميد
57المحصى
58المبدئ
59المعيد
60المحيى
61المميت
62الحي
63القيوم
64الواجد
65الماجد
66الواحد
67الاحد
68الصمد
69القادر
70المقتدر
71المقدم
72المؤخر
73الأول
74الأخر
75الظاهر
76الباطن
77الوالي
78المتعالي
79البر
80التواب
81المنتقم
82العفو
83الرؤوف
84مالك الملك
85ذو الجلال و الإكرام
86المقسط
87الجامع
88الغنى
89المغنى
90المانع
91الضار
92النافع
93النور
94الهادي
95البديع
96الباقي
97الوارث
98الرشيد
99الصبور

انهن نالن جي نسبت سان ڀڳوان شري رجنيش جو هڪ مشهور ڪتاب Ninety Nine name of nothing پڻ لکيل آهي.

اسماء الحسنیٰ
اللہالرحمنالرحیمالملکالقدوسالسلامالمؤمنالمہیمنالعزیزالجبارالمتکبرالخالقالباریالمصورالغفارالقہارالوہابالرزاقالفتاحالعلیمالقابضالباسطالخافضالرافعالمعزالمذلالسمیعالبصیرالحکمالعدلاللطیفالخبیرالحلیمالعظیمالغفورالشکورالعلیالکبیرالحفیظالمقیتالحسیبالجلیلالکریمالرقیبالمجیبالواسعالحکیمالودودالمجیدالباعثالشدیدالحقالوکیلالقویالمتیناولیالحمیدالمحصیالمبدیالمعیدالمحییالممیتالحیالقیومالواجدالماجدالواحدالصمدالقادرالمقتدرالمقدمالمؤخرالاولالآخرالظاہرالباطنالوالیالمتعالِالبرالتوابالمنتقمالعفوالرؤفالمقسطالجامعالغنیالمغنیالمانعالضارالنافعالنورالہادیالبدیعالباقیالوارثالرشیدالصبورمالک الملکذو الجلال و الاکرام

حوالا

[سنواريو]
  1. الله : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. انسانيت جي تعمير (مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 12 سيپٽمبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 سيپٽمبر 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  3. ڪتاب: انسانيت جي تعمير ، مولانا وحيد الدين خان