موريا سلطنت
موريه سلطنت | |
|---|---|
| 322 ق.م.–185 ق.م. | |
| گادي جو هنڌ | پاٽلي پتر (هاڻوڪو پاٽنا) |
| مذهب | برهمڻ مت ٻڌ ڌرم جين ڌرم آجيڪ مت |
| حڪومت | مطلق بادشاهت جيئن ارٿ شاستر ۾ بيان ٿيل آهي |
| ڪرنسي | پڻا |
موريا سلطنت' (انگريزي: Maurya Empire)، ڏکڻ ايشيا ۾ جغرافيائي طور تي وسيع لوھہ جي دور جي تاريخي طاقت ھئي، جيڪا مگاڌا (اڄوڪي بهار) ۾ واقع ھئي. جنھن جو گادي جو ھنڌ پٽنا ۾ واقع ھو. ھي مگاڌا ۾ حڪمراني ڪندڙ چوٿون گهراڻو ھو، جنھن جو بنياد چندر گپت موريا 322 ق.م ۾ رکيو ھو.[1] اشوڪا جي حڪمراني (268–232 ق.م) دوران ھي سلطنت سڄي ننڍي کنڊ کي فتح ڪري وئي.[2] ھي سلطنت اشوڪا جي حڪمراني جي پنجاھہ سالن بعد 185 ق. م. ۾ پوشيامترا شونگا پاران موريا سلطنت جي آخري بادشاھہ بريھادارٿا موريا جي قتل سان ختم ٿي.
چندرگپت موريه جي حڪومت
[سنواريو]چندرگپت موريه نندا گهراڻي کي شڪست ڏئي موريه سلطنت قائم ڪئي ۽ چاڻڪيه جي مدد سان سلطنت کي وسيع ڪيو. 316 ق.م. تائين موريه سلطنت ڀارت جي اتر-اولهه وارن علائقن تي مڪمل قبضي ۾ اچي وئي ۽ سڪندر اعظم جي ڇڏيل گورنرن کي شڪست ڏئي انهن جا علائقا فتح ڪيا.
چندرگپت موريه سيلوڪس پهريون نيڪيٽر کي به شڪست ڏني ۽ سنڌو درياهه کان اڳتي وارا علائقا حاصل ڪيا.[3]
چندرگپت موريه کان پوءِ سندس پٽ بندوسار 298 ق.م. ۾ حڪمران بڻيو. کيس "امترگهات" چيو ويندو هو، جيڪو سنسڪرت جو لفظ آهي ۽ جنهن جي معنيٰ "دشمنن جو ناس ڪندڙ" آهي. هن ڀارت جي ڏاکڻن علائقن کي فتح ڪيو. سندس وفات کان پوءِ رڳو ڪلنگ (هاڻوڪو اوڙيسا) ۽ ڏکڻ ڀارت جا ڏاکڻا حصا غير مفتوح رهيا.
سلطنت جو سنهري دور
[سنواريو]

بادشاهه اشوڪ، جيڪو بندوسار جو پٽ هو، 268 ق.م. ۾ موريه سلطنت جو شهنشاهه بڻيو. هو ڀارتي برصغير جي عظيم ترين حڪمرانن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.
اشوڪ ڪلنگ جنگ ۾ ڪلنگ کي فتح ڪيو. هيءَ جنگ انتهائي خونريز ۽ تباهه ڪندڙ هئي. ان جنگ ۾ 200,000 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. ڪلنگ جو علائقو تباهه ٿي ويو ۽ هر طرف رت وهيل نظر آيو. هن واقعي اشوڪ جي سوچ کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو.
ان کان پوءِ هن پنهنجي زندگيءَ جو باقي حصو اهنسا (عدم تشدد) ۽ ڌرم-وجيه (اخلاقي فتح) لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن جنگ کان پوءِ اشوڪ ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو.
بادشاهه اشوڪ پنهنجي سلطنت ۾ ڪيترائي پٿريلا فرمان (Rock Edicts) ۽ اسٽوپا تعمير ڪرايا. اڄوڪي ڀارت جو قومي نشان به سندس هڪ پٿريلي ٿنڀي تان ورتل آهي. انهيءَ سبب کيس عام طور اشوڪ اعظم چيو ويندو آهي.
زوال
[سنواريو]232 ق.م. ۾ اشوڪ جي وفات کان پوءِ سلطنت زوال پذير ٿيڻ لڳي. اشوڪ جي وفات کان پوءِ موريه سلطنت رڳو پنجاهه سال وڌيڪ قائم رهي.
موريه خاندان جي آخري شهنشاهه برهدرٿ موريه کي سندس ئي سپهه سالار پشيامتر شونگ قتل ڪري ڇڏيو، جنهن 185 ق.م. ۾ شونگ سلطنت جو بنياد وڌو.[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Dyson, Tim. A population history of India: from the first modern people to the present day (First Edition ڇاپو). Oxford: Oxford University Press. ص. 16 ۽ 17. ISBN 978-0-19-882905-8.
{{cite book}}:|edition=has extra text (مدد) - ↑ Thapar, Romila; Spear, Percival. A history of India. Vol. 1 / Romila Thapar (Repr ڇاپو). Harmondsworth: Penguin Books. ص. 384. ISBN 0-14-013835-8.
- ↑ http://www.metmuseum.org/toah/hd/maur/hd_maur.htm
- ↑ "KING ASHOKA: His Edicts and His Times". www.cs.colostate.edu.