قزاقستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
ريپبلڪ آف قزاخستان
  • Қазақстан Республикасы  (ٻولي؟)
    Qazaqstan Respýblıkasy
  • Республика Казахстан  (ٻولي؟)
    Respublika Kazakhstan
Flag of Kazakhstan
قومي نشان of Kazakhstan
جهنڊو قومي نشان
ترانہ: Менің Қазақстаным
Meniń Qazaqstanym
"My Kazakhstan"
گلوب ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل قزاخستانسانچو:Map caption
گادي جو هنڌ آستانا
سڀ کان وڏو شهر الماتي
دفتری ٻوليون
نسلی گروهه (2016[2])
نام آبادی قزاخستاني[lower-alpha 1][4]
حکومت يونيٽري صدارتي آئيني ريپبلڪ
• صدر
نور سلطان نذر بايوف
بخت جھان سگينتايوف
مقننہ پارليامينٽ
سينيٽ
مجلس
قزاخستان جي تاريخ
1465
13 December 1917
26 August 1920
19 June 1925
5 December 1936
• آزادي جو اعلان
25 October 1990
10 December 1991
16 December 1991
21 December 1991
26 December 1991
2 March 1992
30 August 1995
رقبو
• کل
2٬724٬900 km2 (1٬052٬100 sq mi) (9th)
• آبی (%)
1.7
آبادی
• سانچو:UN Population تخمینہ
سانچو:UN Populationسانچو:UN Population (64th)
• کثافت
6.49 /km2 (16.8 /sq mi) (227th)
خام ملکی پیداوار (مساوی قوت خرید) 2017 تخمینہ
• کل
$474.312 billion[5] (42nd)
• فی کس
$26,071[5] (53rd)
خام ملکی پیداوار (برائے نام) 2017 تخمینہ
• کل
$156.189 billion[5] (50th)
• فی کس
$8,585[5] (54th)
جینی (2013) 26.4[6]
ادنی
انسانی ترقیاتی اشاریہ (2014) Increase2.svg 0.788[7]
اعلی · 56th
کرنسی قزاخستاني ٽينج (₸) (KZT)
منطقۂ وقت West / East (متناسق عالمی وقت+5 / +6)
ڈرائیونگ سمت right
کالنگ کوڈ +7-6xx, +7-7xx
انٹرنیٹ ڈومین

قزاخستان: ھڪ مسلمان ملڪ جو نالو جيڪو وچ ايشيا ۾ واقع آهي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

قزاخ اصل ۾ تيرھين صدي عيسويءَ کان ھن علائقي ۾ داخل ٿيندڙ منگول ۽ ترڪ خانه بدوش قبيلن جي ميلاپ سان ظاهر ٿيل ھڪ نسل آھي جيڪو نيٺ ھڪ قوم جي صورت اختيار ڪري ويو. ارڙهين صديءَ ۾ ھن علائقي تي روس جو قبضو ٿيو ۽ 1936 ۾ قزاخستان ھڪ سويت ريپبلڪ بڻيو.1950 کان 1960 واري زراعت واري ورجن لينڊسVirgin Lands واري پروگرام ذريعي سويت يونين ھن علائقي ۾ قزاخ نسل جي اڪثريت کي ختم ڪرڻ لاء غير قزاخ آبادي کي اتي منتقل ڪري ۽ قزاخن جي وڏي تعداد کي ھن علائقي مان ڪڍي ٻين علائقن ۾ آباد ڪري قزاخستان اندر قزاخ قوم جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ٻاھران آندل ماڻھن ۾ اڪثريت ۾ روسي ۽ ٻين قومن جا غير مسلم رهاڪو ھيا. قزاخ قوم جا نيڪال ڪيل اھي ماڻھو وڏي تعداد ۾ 1995 کان 2005 جي درمياني عرصي ۾ واپس قزاخستان اچي ويا جنھن سان اھي وري اقليت مان اڪثريت ۾ تبديل ٿي ويا. ان تبديلي مذھب جي ڊيموگرافي م بہ ڊرامائي تبديلي آندي جو ھاڻي قزاخستان م مسلمانن جو تعداد 70 سيڪڙو آھي.قزاخستان جي سرزمين قدرتي ۽ معدني وسيلن سان سرشار آھي.ھن جو گاديءَ جو هنڌ آستانہ آھي جيڪو ملڪ جي معاشي سرگرمين جو مرڪز آھي.

جاگرافي[سنواريو]

Satellite image of Kazakhstan in November 2004.
Markakol reserve, Altay Mountains

قزاخستان يا قزاقستان جو جاگرافيائي محل وقوع 48 00 N, 68 00 E آھي .ان جي پکيڙ 2,724,900 چورس ڪلوميٽر آھي جنھن ۾ 2,699,700 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 25,200 چورس ڪلوميٽر پاڻي آهي.پکيڙ م جي دنيا جو ڏھون وڏو ملڪ آھي.ھن جون سرحدون 13364 ڪلوميٽر آھن جيڪي پنجن ملڪن سان ملن ٿيون، جن مان چين سان 1,765 ڪلوميٽر، ڪرغزستان سان 1,212 ڪلوميٽر، روس سان 7,644 ڪلوميٽر، ترڪمانستان سان 413 ڪلوميٽر، ازبڪستان سان 2,330 ڪلوميٽر آھن. ھي ھڪ لينڊ لاڪڊ ملڪ آھي. سمنڊ جي سطح کان ھن جي سراسري بلندي 387 ميٽر آھي. ھن ملڪ جو سڀ کان اونھو مقام ويدينا ڪانڊي آهي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 132 ميٽر ھيٺ آھي. سڀ کان اوچو مقام خان تئينگري شائنگي آھي جيڪو سطح سمنڊ کان 6,995 اوچو آهي.ھن ملڪ م پيٽرول ۽ قدرتي گيس جا وڏا ذخيرا آھن.سن کان علاوه ڪوئلو، ڪچو لوھ، مينگنيز، نڪل، ڪچو ڪروم، ڪوبالٽ، ٽامو، موليبيڊنم، شيھو جست،باڪسائيٽ، سوني يورينيم بہ ھتان جي زمين مان دريافت ٿيا آهن. ھن ملڪ جي 77.4 سيڪڙو زمين زراعت سان تعلق رکندڙ آهي. جنھن مان پوکي جي قابل 8.9 سيڪڙو آھي، پر مستقل پوک ڪابه ڪانہ ٿئي.مستقل چراگاھون 68.5 سيڪڙو اٿس ۽ ٻيلا 1.2 سيڪڙو آھن . 2012 ۾ ھن ملڪ جي ثوٽل آبپاشي واري زمين 20660 چورس ڪلوميٽر آهي. ھي دنيا جو سڀ کان وڏو لينڊ لاڪڊ ملڪ آھي. دنيا جي انھن واحد ٻن لينڊ لاڪڊ ملڪن مان ھڪ آھي جيڪي ٻن کنڊن ۾ واقع آهن.

Baikonur Cosmodrome is the world's oldest and largest operational space launch facility.

روس ھن ملڪ کان 6000 چورس ڪلوميٽر علائقو ليز تي ورتو آهي جنھن جي مدت 2050 تائين آھي . ان علائقي ۾ بيڪانور خلائي مرڪز Baykonur Cosmodrome پڻ شامل آھي.

Mountain region in South-eastern Kazakhstan
The Kazakh Steppe of part of the Eurasian Steppe Belt (in سانچو:Colorsample on the map).

آبادي[سنواريو]

جولائي 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 18,556,698 ھئي.آبادي م جي دنيا جي ملڪن ۾ 62 نمبر تي آهي.ھتان جي ماڻهن کي قزاخستاني سڏبو آهي.

People wearing different folk costumes of Kazakhstan.
فائل:Aya Shalkar.jpg
Aya Shalkar, a Kazakh model and actress.

انھن ۾ 63.1 سيڪڙو قزاخ يا قزاق ، 23.7 سيڪڙو روسي، 2.9 سيڪڙو ازبڪ، 2.1 سيڪڙو يوڪرائني، 1.4 سيڪڙو ائيگور Uighur، ان کان علاوه 1.3 سيڪڙو تاتار، 1.1 سيڪڙو جرمن ۽ باقي ٻيا آھن. ماڻھن جو 74 سيڪڙو قزاخ يا قزاق ٻولي ڳالهائيندڙ آهن جيڪا ھتان جي سرڪاري ٻولي آهي. روسي بہ ھتان جي سرڪاري ٻولي آهي . قزاق ٻوليءَ جو اسڪرپٽ بہ روسي آهي. ھتان جي 70.2 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي.،26.2 سيڪڙو عيسائي آھن جن ۾ روسي ارٿوڏڪس اچي وڃن ٿا.2 سيڪڙو ماڻهو دھريا آھن.آبادي جي واڌ جي شرح 2017 ۾ 1.04 سيڪڙو آھي.2014 جي گوشوارن (statements) مطابق ملڪ جي جي.ڊي.پي. جو 4.4 سيڪڙو صحت تي خرچ ٿيو جنھن سان صحت تي خرچ ڪندڙ ملڪن ۾ قزاقستان 158 نمبر تي ھيو. ھتي 1000 جي آبادي لاءِ 3.7 ڊاڪٽر آھن اسپتالن ۾ 1000 ماڻهن لاءِ 6.7 بسترن جو بندوبست آھي.

A charity ball in Almaty

سياسي انتظام[سنواريو]

سانچو:Provinces of Kazakhstan Image Map

West Kazakhstan RegionAtyrau RegionMangystau RegionAktobe RegionKyzylorda RegionSouth Kazakhstan RegionJambyl RegionAlmaty RegionKaragandy RegionEast Kazakhstan RegionPavlodar RegionAkmola RegionNorth Kazakhstan RegionKostanay RegionAstanaAlmatyBaykonurOralAtyrauAktauAktobeKostanayKyzylordaPetropavlKokshetauShymkentKaragandaTarazPavlodarTaldykorganOskemen
A clickable map of Kazakhstan exhibiting its 14 regions.vde

ملڪ جو پورو نالو ريپبلڪ اف قزاخستان پر عام طور تي قزاقستان سڏبو آھي. ھي ملڪ اڳوڻو قزاق سويت سوشلسٽ ريپبلڪ آهي. ھن ملڪ جي نالي جي معني آهي قزاقن يا قزاخن جي سرزمين. لفظ قزاق يا قزاخ ترڪي ٻولي جي لفظ قز مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي رلڻ يا ڀٽڪڻ. اھڙي طرح قزاق جو مطلب ٿئي ٿو خانہ بدوش ماڻھو. ستان فارسي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي جاء. اھڙي طرح قزاقستان يا قزاخستان جو مطلب ٿيو خانہ بدوش ماڻھو جي سرزمين.

ھتان جو حڪومتي سسٽم صدارتي آھي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ آستانا آهي جنهن جو جاگرافيائي محل وقوع 51 10 N, 71 25 E آھي. ھن ملڪ ۾ انتظامي طور تي 14 صوبا آهن. ھتان جي قانون جو ديواني سسٽم رومن جرمنڪ قانون وارو آھي ۽ ان جي ٿيوري ۽ پريڪٽس روسي قانون واري آھي. ھن ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو صدر آھي جيڪو وزيراعظم کي مقرر ڪندو آھي. ملڪ جي پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي جنھن م ھڪ ايوان سينيٽ آھي جنھن ۾ 47 سيٽون آهن . ھن ايوان جي ميمبرن جو مدو 6 سال ھوندو آھي.ٻيو ايوان مزلس Mazhilis آهي جنھن ۾ 107 سيٽون آهن جن مان 98 جي چونڊ سڌي ۽ 9 جي اڻ سڌي طرح ٿيندي آهي. ھن ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪورٽ سپريم ڪورٽ آھي جنھن ۾ 44 جج آھن. انھن جي عمر جي آخري حد عام طور تي 65 سال آهي جيڪا 70 سالن تائين بہ وڌائي وئي آھي.

Nursultan Nazarbayev 1997.jpg B.A.Sagyntaev.jpg
Nursultan Nazarbayev
President
Bakhytzhan Sagintayev
Prime Minister


Nur Otan Headquarters in Astana

تاريخ[سنواريو]

Ablai Khan served as khan of the Middle jüz from 1771 to 1781
Traditional Kazakh wedding dress
Kyzyl Kensh Palace Ruins in Karkaraly National Park.
An old map of Central Asia, Tibet, and Western China. ca. 1750, showing Kazakhs' influence on these areas.
Ural Cossacks skirmish with Kazakhs (the Russians originally called the Kazakhs “Kirgiz”)


Opening ceremony of Ascension Cathedral in Almaty, 1907


فائل:Stanitsa Sofiiskaya.jpg
Stanitsa Sofiiskaya, Talgar. 1920th
Young Pioneers at a Young Pioneer camp in Kazakh SSR



The International conference on Primary Health Care in 1978, known as the Alma-Ata Declaration.
The Monument of Independence, Republic Square, Almaty.

تعليم[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو Education in Kazakhstan
Kazakh National University of Arts

معيشت[سنواريو]

Downtown of Astana



Expo 2017 "Nur Alem" Pavilion in Astana.


A map of Kazakhstan's imports, 2013
A proportional representation of Kazakhstan's exports.
Aerial view of Kashagan Oil Field structures



Metro station in Almaty.
Almaty Metro

ثقافت ۽ رھڻي ڪھڻي[سنواريو]

Kazakh family inside a Yurt, 1911/1914

خارجہ پاليسي[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو Foreign relations of Kazakhstan
Nazarbayev and Russian President Vladimir Putin during the 2017 SCO Council of Heads of State meeting in Astana.
Nazarbayev with leaders of Russia and China during the Moscow Victory Day Parade, 9 May 2015
Meeting of CIS Council of Heads of State. September 16, 2016. Bishkek.
Orthographic projection of Commonwealth of Independent States.
     Turkic Council members     Possible future members

فوج[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو Armed Forces of the Republic of Kazakhstan
A Kazakhstan Sukhoi Su-27

حوالا[سنواريو]

  1. "Constitution of the Republic of Kazakhstan". zan.kz.
  2. "Численность населения Республики Казахстан по отдельным этносам на начало 2016 года". Archived from the original on 14 October 2017. Retrieved 24 May 2017. 
  3. Schneider, Johann F.; Larsen, Knud S.; Krumov, Krum; Vazow, Grigorii (2013) (en میں). Advances in International Psychology: Research Approaches and Personal Dispositions, Socialization Processes and Organizational Behavior. Kassel university press GmbH. p. 164. ISBN 9783862194544. https://books.google.co.uk/books?id=p_TauaCvBdUC. 
  4. Kazakhstan آرڪائيو ڪيا ويا 30 October 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. CIA World Factbook.
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 "Kazakhstan". International Monetary Fund. Archived from the original on 27 February 2018. 
  6. "Gini index". World Bank. Archived from the original on 9 February 2015. Retrieved 21 November 2015. 
  7. "2015 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. 2015. Archived (PDF) from the original on 19 March 2016. Retrieved 14 December 2015. 


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نه مليو يا پوءِ بند-ٽيگ </ref> موجود ناهي