ھيٺيون ايوان
ڏيک

ھيٺيون ايوان يا ايوان زيرين :(انگريزي: lower house) ھڪ بحث مباحثي جو ٻہ ايواني پارليامينٽ جو ھڪ ايوان آھي جڏھن تہ ٻيو ايوان مٿيون ھوندو آھي.[1] ھيٺين ايوان جو نالو ھجڻ باوجود دنيا جي ملڪن جي اڪثريت ۾ ھي ايوان سڀ کان وڌيڪ بااختيار ھوندو آھي.
ھيٺين ايوان جي عام سڃاڻپ
[سنواريو]مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ ھيٺين ايوان جون ڪجهه عام وصفون ھونديون آھن جيڪي ھيٺ بيان ڪجن ٿيون اختيار
- پارلياماني نظام ۾ ھيٺين ايوان کي:
- موجوده دور ۾ مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪَ اختيار مليل ھوندا آھن
- ھي ايوان جو فيصلو مٿئين ايوان جي فيصلي تہ برتري جو اختيار رکي ٿو..
- ھي ايوان حڪومت جي خلاف عدم اعتماد تحريڪ تي ووٽنگ جا اختيار ڏئي ٿو.
- آسٽريليا ۽ اٽليءَ جي سينيٽ جي صورتحال وري مختلف آھي جتي مٿئين ايوان وٽ وڌيڪ اختيار آھن
- صدارتي نظام ۾. ھيٺين ايوان ۾:
- ھيٺين ايون کي ڪجهه مخصوص اختيار ھوندا آھن
- ڪنھن بہ انتظامي عھديدار جي خلاف مواخذي جي منظوري صرف ھيٺيون ايوان ڏيندو آھي جنھن بعد مٿيون ايوان مواخذو شروع ڪندو آهي.
- روزمره جا محصولات جي آمدني وڌسئڻ وارا ۽ فنڊن جي استعمال وارا بل ھيٺين ايوان ۾ ايندا آهن
مرتبو:
- ھن ايوان جا ميمبر سڌي چونڊ سان منتخب ٿيندا آهن
- ھن ايوان جي چونڊ جو ووٽنگ جو طريقو مٿئين ايوان کان مختلف ھوندو آھي.
- ملڪ جي اندر وڏي آبادي وارين رياستن ،صوبن ۽ انتظامي يونٽن کي وڌيڪ نمائندگي ۽ گھٽ آبادي واري کي گھٽ نمائندگي ملندي آهي.
- ھن ايوان جي اليڪشن مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ جلدي ٿيندي آهي.
- سموري ايوان جي چونڊ ساڳي وقت ٿيندو آھي جڏھن تہ مٿئين ايوان ۾ چونڊ حصن ۾ ٿيندو آهي.
- ھي ايوان بجيٽ جي منظوري ۽ ڦيرڦار لاء مڪمل اختيار رکندي آهي
- ھن ايوان جو مدو مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ گھٽ ھوندو آھي.
ھيٺين ايوان جا نالا
[سنواريو]مختلف ملڪن جي ھيٺين ايوانن جا مختلف نالا ھوندا آھن جيڪي ھائوس يا چيمبر ھوندا آھن ۽ ميمبرن کي ريپريزنٽيٽوز، ڪامنز، ڊيپوٽيز ، پيپلز وغيره سڏيو ويندو آهي ان کان علاوه نيشنل اسيمبلي ، قومي اسيمبلي ، ھائوس آف اسيمبلي چوندا آهن. نمايان نالا ھيٺ چارٽ ۾ ڏنل آھن.
| حڪومت | ھيٿين ايوان جو منفرد نالو | معنیٰ |
|---|---|---|
| نيشنلريٽ | قومي ڪائونسل | |
| بنڊسٽاگ | ڊائيٽ | |
| Βουλή των | ڪائونسل آف ھيلينز | |
| لوڪ سڀا | ھائوس آف پيپلز | |
| ديوان پرواڪلئن رئڪيات | پيپلز ريپريزنٽيٽوز ڪائونسل | |
| ڊيئل ايريئن | اسيمبلي آف آئرلينڊ | |
| ھائوس آف ڪيز | ||
| ڪئميرا ڊيئي ڊيپوٽيٽي | چیمبر آف ڊپٽيز | |
| مزيليس | مجلس | |
| ديوان رئڪيات | عوامي ھال | |
| پائٿو ھلوتاو | ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز | |
| ٽويدي ڪامير | سيڪنڊ چيمبر | |
| سيجم | گيڌرنگ (انگريزي: gathering) | |
| اسٽيٽ ڊوما | ||
| ڪانگريسو ڊي لاس ڊپٽوڊوس | ڪانگريس آف ڊپٽيز |
حوالا
[سنواريو]- ↑ Bicameralism (1997) by George Tsebelis.
- ↑ "pyithuhluttaw.gov.mm", www.pyithuhluttaw.gov.mm, حاصل ڪيل 02 مارچ 2016۔