چيچنيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
چيچنيا ۽ ڪوھ قاف جو نقشو
Flag of چيچنيا
ترانو: Shatlak's Song
Location of چيچنيا
مقننه چيچن پارليامينٽ
پکيڙ
• جملي
17٬300 km2 (6٬700 sq mi)

چيچن ريپبلڪ يا چيچنيا (Chechen Republic (/ˈɛ[unsupported input]n/ روسي وفاق جي ھڪ ريپبلڪ جيڪا اتر ڪوھ قاف واري علائقي ۾ ڪيسپئن سمنڊ تي واقع آهي.[2] اھو ڪوھ صاف جي اتر اوڀر واري پاسي واقع آهي[3]. ان جي گاديءَ جو هنڌ گروزني آهي. 2010 ۾ چيچنيا جي آبادي 1,268,989 آھي.

تعارف[سنواريو]

شروئي وارا جبل
ڪيزنويام (Kezenoyam) ڍنڍ

اسلامي جمھوريہ چيچنيا ٻن سمنڊن: ڪارو سمنڊ ۽ ڪئيسپين سمنڊ، جي وچ وارو علائقي ۾ واقع آهي. ھي قفقاز يعني ڪوھ قاف وارو علائقو آھي جتي پھاڙن ۽ وادين ۾ تمام گھڻي قدرتي خوبصورتي آھي.ھتان جي آبادي ۾ 1989 ۾ 956879 چيچن ، 237438 انگوشيتا جا ماڻهو آھن.گروزني جي آبادي 1995 ۾ 400000 ھئي.

چيچنيا جي سرزمين تيل سان مالامال آهي. روس جون آئل رفائنريون وڏي تعداد ۾ ھتي واقع آھن.. چيچنيا جي پکيڙ 193000 ھم چورس ڪلوميٽر آهي. روس ھن خطي کي ستن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي جن ۾ داغستان، چيچن، انگوشيا، اوشيہ، ڪابروين بلکار، ڪراشيا چرڪيز، بخازيہ شامل آهن. اھي سڀ مسلمان رياستون آهن جيڪي حنفي مسلڪ سان تعلق رکندڙ آهن. ڪوھ قاف ۾ اسلام جو دروازو داغستان آھي جتي اسلام عثمان غني جي خلافت ۾ آيو.اھي سڀ علائقا 30 ڊسمبر 1920 ۾ روس ۾ شامل ڪيا ويا ھيا.

ٻي جنگ عظيم وارو چيچنيائي بزرگ فتح جي 66 وين سالگره جي موقعي تي
ڪوھ قاف جي علائقي جا نسلي گروھ
گروزني جي اکمد قادروف مسجد

نالو ۽ مطلب[سنواريو]

روسي ٻولي ۾ عام سطح جي ڀيٽ ۾ اونھي زمين کي چيچن چوندا آهن ۽ سن زمين تي آباد علائقي کي چيچنيا چئبو آهي.چيچن پاڻ کي پخنو چوندا آهن.

تاريخ[سنواريو]

اخمد قادروف، اڳوڻو علحدگي پسند، موجوده چيچنيا جو سربراھ، روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان گڏ

چيچنيا جي تاريخ 6000 سال پراڻي آهي. ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ روسي ايمپائر فوجن جي ھن علائقي ۾ دخل اندازي جي چيچنيا ۽ داغستان جي ماڻھن سخت مزاحمت ڪئي ھئي. ان مزاحمتي جنگ جو چيچنيا ۾ پھريون وڏو سرواڻ شيخ منصور ھيو جنھن تبليغ ۽ جھاد کي ملائي ڪم ڪيو.پر 1830 واري ڏھاڪي کان 1859ع ۾ سڀ کان شديد مزاحمت امام شامل (1796–1871) جي اڳواڻي ۾ ٿي جيڪو نقشبندي صوفي بزرگ ھيو[3]. سن عرصي ۾ امام صاحب موجوده چيچنيا ۽ داغستان وارن علائقن ۾ اسلامي رياست قائم ڪئي پر پوء کيس شڪست آئي ۽ اھو علائقو باقاعده روسي امپائر جو حصو ٿي ويو[3]. 1917 ۾ روسي انقلاب وقت چيچنيا آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اتر ڪوھ قاف جي وفاق جو حصو ٿي ويو جنھن کي مائونٽين ريپبلڪ سڏين پيا[3]. 1920 ۾ بالشويڪين چيچنيا تي قبصو ڪيو[3]. اوڻويھين صدي ۾ سردي ۾ اضافي ھن علائقي کي برف سان ڍڪي ڇڏيو جنھن ھتان جي معيشت کي خراب ڪري ڇڏيو ۽ ھتان آبادي ٻين پاسن ڏي منتقل ٿيڻ شروع ٿي ان جو فائدو وٺي روس حملو ڪري ھتي قبضو ڄمايو. ٻين جنگ عظيم ۾ چيچن ماڻھن جي جرمن نازين سان تعلقات رکڻ جي ڪري ڪميونسٽ حڪومت 1944 ۾ چيچن تاتاري ۽ ٻين قبيلن کي پڪڙي سائيبيريا ۽ قزاقستان آباد ڪرايو ويو ان بي دخلي ۾ به ن آبادي جو چوٿون حصو مري ويو ۽ چيچن ماڻھن کي 1950 جي ڏھاڪي تائين واپس پنھنجي وطن اچڻ نہ ڏنو ويو[3]. 1956 ۽ 1957 ۾ وري اتان کين نيڪال ڪيو ويو. سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ چيچنيا جي صدر جوکر دودائيف (Jokhar Dudayev) چيچنيا جي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان کي روس سميت دنيا جي ڪنھن بہ ملڪ تسليم نہ ڪيو ان باوجود بہ ان جي حڪومت قائم رھي[3]. 1992 ۾ روسي فوجون سنگوشيا ء اوڊسن جي وچ ۾ امن جي بھاني سان ڪيڪائوس ۾ داخل ٿي ويون ۽ پوءِ چيچنيا کي روس پنھنجو علائقو قرار ڏئي ڇڏيو. 1994 جي ابتدا سان روس به چيچنيا تي فوجي پيشقدمي شروع ڪئي ۽ لڙائي شروع ٿي وئي[3].20 جنوري 1995 تي روسي فوج گروزني جي صدارتي محل تي روسي جھنڊو چاڙهي ڇڏيو پر چيچن فوج زبردست مزاحمت ڪئي جنھن سان روس جي ھار ٿي ۽ جنگبندي ڪئي وئي[3]. جنگ ۾ 70000 ماڻھو مارجي ويا[3]. جنگ جي خاتمي کان پوءِ. ہ چيچنيا ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام نہ اچي سگھيو[3]. 1999 ۾ روس جي بم ڌماڪن سان دھشتگردي جو چيچنيا تي الزام لڳڻ کان پوءِ روس پنھنجي ھڪ لک فوج چيچنيا م داخل ڪئي جنھن سان 250000 ماڻھو بي گھر ٿي پناهگير ٿي ويا[3]. روس اتي پنھنجي حامي حڪومت قائم ڪري ورتي پر چيچنيا اڃان مڪمل روسي قبضي ۾ ناھي آيو، ۽ اڃان ٿڪائڻ واري جنگ ھلندڙ آھي[3].

1994 ۾ گروزني واري جنگ ۾ ھڪ چيچن عبادت ڪري رهيو آهي
ٽپال جون ٽڪليون 2009 ۾ روسي ٽپال کاتي چيچنيا سان منصوب ڪندي جاري ڪيون

سياسي انتظام[سنواريو]

203 ۾ گروزني

حوالا[سنواريو]

  1. Decree #164
  2. Chechnya: The World Atlas Retrieved on April 24, 2013
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 3.12 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 135,