جوزف اسٽالن
جوزف اسٽالن | |
---|---|
(جارجيائي ۾: იოსებ ბესარიონის ძე ჯუღაშვილი)،(روسي ۾: Иосиф Виссарионович Джугашвили) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم جو نالو | (جارجيائي ۾: იოსებ ბესარიონის ძე ჯუღაშვილი) |
ڄم | 18 ڊسمبر 1878 [1][2][3][4][5][6] |
موت | 5 مارچ 1953 (75 سال)[7][8][9][10][11][12][2][3][4][5][6][13] |
رهائش | سينٽ پيٽرسبرگ باڪو ماسڪو |
شھريت | سلطنت روس (1878–1917)[14][15][16] سوويت يونين (1922–1953)[17][18] |
قد | |
عملي زندگي | |
پيشو | سياستدان [19][20][4][5] |
ڪم جي ٻولي | روسي ٻولي [21][22][23] |
دلچسپي | سياستدان |
مؤثر | ڪارل مارڪس |
عسڪري خدمتون | |
وفاداري | سوويت يونين |
لڙائيون ۽ جنگيون | پھرين مھاڀاري جنگ ،ٻين مھاڀاري جنگ |
دستخط | |
ويب سائٽ | |
IMDB تي صفحو | |
ترميم |
جوزف اسٽالن، ذات جگهاشوِلي، (18 ڊسمبر 1878 – 5 مارچ 1953) 1920ع جي وچ واري زماني کان 1953ع ۾ سندس موت تائين سوويت يونين جي اڳواڻي ڪئي. ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري هئڻ جي ناطي، اهو رياست تي سخت اَثر رکندڙ ڊڪٽيٽر هو.
اسٽالن پولٽ بيورو جي انهن ستن ميمبرن مان هڪ هو، جيڪو 1917ع ۾ بالشيوڪ انقلاب منظم ڪرڻ لاءِ لينن، ذينوف، ڪامنيف، ٽراسڪي، سوڪونيڪوف ۽ بابنوف گڏجي قائم ڪيو هو. اسٽالن، روسي انقلاب ۾ حصو وٺندڙ، 1917ع جي بالشيوڪ انقلابين منجهان هڪ هو، جنهن کي 1922ع ۾ پارڻيءَ جي سينٽرل ڪاميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو. ولادمير لينن جي تنقيد کي دٻائي، 1924ع ۾ لينن جي وفات کانپوءِ ( ان جي پوسٽ اسڪرپٽ عهد ۾) پنهنجي مخالفن کي ختم ڪندي، پنهنجي ڪردار ۾ تمام گهڻو واڌارو آڻي ڇڏيو. 1952ع ۾ جنرل سيڪريٽريءَ جي عهدي ختم ٿيڻ تائين هو ان عهدي تي رهيو ۽ 1941ع کان وٺي سوويت يونين جو پريميئر رهيو.
ليون ٽراسڪي جي خيال ته سوشلزم لازمي طور تي، انقلاب مسلسل جي ذريعي عالمي طور تي پکڙجندو جي برخلاف، اسٽالن جي تحت ”سوشلزم هڪ ملڪ ۾“ سوويت يونين جو مرڪزي تصور بڻجي ويو. هن، لينن طرفان 1920ع جي شروعات ڌاري شروع ڪيل ”نيو اڪنامڪ پاليسي“ کي تبديل ڪري سخت مرڪزي ضابطي هيٺ، يو ايس ايس آر کي تيزي سان زرعي معاشري مان صنعتي معاشري ۾ بدلائڻ لاءِ صنعتڪاري ۽ گڏيل پوکي راهي جي پاليسي شروع ڪئي. پر انهن اقتصادي تبديلين جي ڪري لکين ماڻهو گلاگ جي ليبر ڪيمپن ۾ قيد ٿيا. زراعت ۾ آيل اُٿل پُٿل جي ڪري، خوراڪ جي پيداوار ۾ خلل پيو ۽ 1932–33ع جو سوويت ڏڪار، يوڪرين جي هالوڊومر (Holodomor) سان ياد ڪيو وڃي ٿو. 1932ع ۽ 1934ع جي وچ ڌاري هن وڏي پئماني تي پارٽي، حڪومت، فوج ۽ دانشورن مان صفائي جي نالي تي (گريٽ پرج) مهم هلائي، جنهن ۾ هٿ گھڙيل خيالي ”پرورهيت طبقي جي دشمنن“ جي خاتمي جي نالي تي بنا ڪنهن سبب جي لکين ماڻهن کي قيد، جلاوطن يا قتل ڪيو ويو. ڪميونسٽ پارڻي، حڪومت، ۽ سرخ فوج جا وڏا ڪمانڊر ٽرائلز جي ذريعي غداريءَ ڪرڻ جا ڏوهي قرار ڏئي قتل ڪيا ويا.
آگسٽ 1939ع ۾، اهم يورپي طاقتن سان هٽلر مخالف اتحاد ڪرڻ جي ناڪاميءَ کانپوءِ اسٽالن نازي جرمنيءَ سان اڳرائي نه ڪرڻ جو معاهدو ڪيو، جنهن تحت اوڀر يورپ ۾ پنهنجي پنهنجي اَثرن هيٺ علائقن جي ورهاست ڪئي وئي، نتيجو سيپٽمبر ۾ پولينڊ تي حملي جي صورت ۾ نڪتو، پر پوءِ جرمني معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي، جون 1941ع ۾، سوويت يونين خلاف وڏي حملي جي شروعات ڪئي. وڏي جاني نقصان ۽ علائقا وڃائڻ جي باوجود سوويت فوجون ماسڪو ۽ اسٽالن گراڊ جي فيصلو ڪندڙ لڙائين کان پوءِ نازي حملي کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. اوڀر جي محاذ تي طاقتن جي محور کي شڪسٽ ڏيئڻ کانپوءِ مئي 1945ع ۾ سرخ فوج برلن تي قبضو ڪري ورتو، ائين اتحادين جي يورپ ۾ جنگ ختم ٿئي. ۽ سوويت يونين، دنيا جي ٻن مڃيل سُپر پاورن مان هڪ طور اُڀريو، ٻي طاقت آمريڪا هئي. سرخ فوج طرفان جرمني جي قبضي مان آزاد ڪرايل رياستن، جيڪي سوويت يونين جون وفادر هيون کي پوءِ گڏائي اوڀر بلاڪ قائم ڪيو ويو. آسٽالن جا چين جي مائوزي تنگ ۽ اُتر ڪوريا جي ڪِم اِل سنگ سان پڻ ويجها لاڳاپا رهيا.
جنگ کانپوءِ نئين سر سويت يونين جي تعمير جي اڳواڻي اسٽالن ڪئي. ان دوران اولھ جي دنيا سان ڇڪتاڻ ۾ واڌارو آيو، جنهن کي سرد جنگ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان عرصي دوران، يو ايس ايس آر دنيا جو ٻيو ايٽمي هٿيار ٺاهيندڙ ملڪ بڻجي ويو، ان سان گڏوگڏ ڏکار جي خلاف ۽ ڪميونزم جي عظيم تعمير جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي. اسٽالن جي موت کانپوءِ سندس ۽ سندس حڪومت جي ڪنئين موقعن تي تنقيد ٿي، خاص طور تي، هن جي جانشين، نِڪيتا خروچيف، اسٽالن جي ڪيل عملن کي ننديندي، ان جي حڪومت جو شڪار ٿيندڙ متاثرن جي بحالي جو اعلان ڪندي، ڊي اسٽالانائيزيشن جي شروعات ڪئي. اسٽالن، هڪ جابر جي طور تي، سدائين اختلافي شخضيت رهيو آهي، پر سندس حوالي سان روسي وفاق ۾ راءِ مليل جليل آهي.
شروعاتي زندگي
[سنواريو]اسٽالن جو جارجين نالو Ioseb Besarionis dze Jughashvili იოსებ ბესარიონის ძე ჯუღაშვილი هو. هو جارجيائي نسل ۾ پيدا ٿيو، ان زماني ۾ جارجيا روسي سلطنت جو حصو هئي. سندس جنم جو نالو روسي ٻوليءَ ۾ هي Iosif Vissarionovich Dzhugashvili Ио́сиф Виссарио́нович Джугашви́ли هو.
يوزف 18 ڊسمبر 1878ع تي روسي سلطنت جي تبلسيءَ (Tiflis) جي شهر گوري (اَڄ جي جارجيا) ۾ جنم ورتو هو. هن جو والد ٻِسارن جگهاشولي (Besarion Jughashvili) هڪ موچي هو. جڏهن ته سندس ماءُ ڪيٽيون جيلڊزا (Ketevan Geladze) ملازمه (housemaid) هئي. هو جڏهن پيدا ٿيو ته سندس کاٻي پير جون ٻه آنڱريون هڪ بئي مٿان چڙهيل هيون. 7 سالن جي ڄمار ۾ ٿيل ماتا جا نشان هن جي منهن تان ڪڏهن به نه ويا. 12 ورهين جي ڄمار ۾، هن پنهنجو کاٻو هٿ، گهوڙي گاڏيءَ واري مقابلي ۾ زخمي ڪري وڌو هو.
والد طرفان گهڻو شراب واپرائڻ سبب، سندس والد جو خاندان ڏانهن اَڻ سُڌريل رويو ڪاروبار جي ناڪامي جو سبب بڻيو. جڏهن يوزف جي ماءُ پنهنجي مڙس جي مرضي جي خلاف، هن کي يوناني قدامت پسند (گريڪ آرٿوڊاڪس) مدرسي ۾ پادري ٿيڻ لاءِ داخل ڪرايو ته يوزف جو والد صفا ڇتو مست ٿي جهيڙو ڪرڻ لڳو. پوليس جي چيف تي حملي جي سبب هن جي والد کي گوري شهري مان نيڪالي ڏني وئي ته سندس والد بِسارن پنهنجي زال ۽ پُٽَ کي ڇڏي تبلسي ڏانهن (Tiflis) لڏي ويو.
يوزف جڏهن سورنهن سالن جو هو ته هن کي تبلسي جي اهم روسي روحاني درس گاهه ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وظيفو مليو، ان مڪتب ۾ تعليم پرائڻ جي ٻولي روسي هئي. هڪ پادريءَ جي طور تي تربيت پرائڻ جي باوجود هو پهرئين سال ئي ملحد بڻجي ويو. هو ڏاڍو ڇتو پڙهاڪو هو نيٺ جلدي ئي جارجيائي ثقافتي قومپرست بڻجي ويو. هو گمنام طور تي جارجيا جي مقامي پريس ۾ پنهنجي شاعري ڇپرائيندو هو ۽ شاگرد سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. توڻي جو هن جي ڪارڪردگي سٺي هئي، پر فائنل آمتحان مان غائب هئڻ سبب 1899ع ۾ هن کي مڪتب مان خارج ڪيو ويو. درسگاهه جي ريڪارڊ مان به ظاهر ٿئي ٿو ته هو في ادا ڪرڻ قابل نه هو. ان دوران، يوزف، لينن جي لکڻين کان روشناس ٿيو ۽ سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي جي مارڪسي گروپ ۾ شامل ٿي ويو.
اسڪول مان خارج ٿيل جگهاشولي، ٿوري وقت لاءِ موسميات کاتي جي آفيس ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيو، پر رياست پارآن انقلابين خلاف ڪاروائي کان پوءِ هو اندر گرائونڊ ٿي، ڪُل وقتي انقلابي بڻجي ويو ۽ چندي (ڊونيشنز) تي گذارو ڪرڻ لڳو.
لينن جڏهن بالشيوڪ پارٽي ٺاهي ته جگهاشولي ڏاڍي جذبي سان ان ۾ شامل ٿي ويو. جگهاشولي (Jughashvili) هڪ سٺي دانشور سان گڏوگڏ پاڻ کي پارٽي لاءِ ڏاڍو اَثرائتو آرگنائيز پڻ ثابت ڪري ڏيکاريو. بين سرگرمين سان گڏوگڏ هن پروپيگنڊا لاءِ پمفليٽ لکي ورهائڻ، هڙتالون ڪرائڻ، ۽ پارڻيءَ لاءِ فنڊَ گڏ ڪرڻ لاءِ بينڪن کي ڌاڙا هڻڻ، ماڻهو اغوا ڪرڻ، ۽ ڀَتي خوري ڪرڻ سميت قتل به ڪيا. گرفتار ٿيڻ کانپوءِ جگهاشولي گهڻائي ڀيرا سائيبيريا ڏانهن جلاوطن ڪري آماڻيو ويو، پر هر ڀيري اهو اتان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو. هن جي مهارت، ڪشش ۽ ڏاهپ، لينن جي دل کٽي ورتي هئي ۽ هو بالشيوڪن جي صفن ۾ ڏاڍي تيزيءَ اڳتي وڌي آيو.
جگهاشوليءَ 1906ع ۾ پهرين شادي ڪيٽرينا شوانزا سان ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پُٽ ڄائو. پر اها ٽائفس جي بيماري سبب گذاري وئي. 1911ع ۾، گهڻن ئي سائيبريا ڏانهن جلاوطن ٿيلن مان هڪ ناديا اليلويوا (Nadezhda Alliluyeva) يعني سندس مستقبل جي ٻي زال سان ملاقات ٿي. 1910 ۽ 1912 دوران، اهو پنهنجي لکڻين ۾ عرف ”اسٽالن“ جو نالو استعمال ڪرڻ لڳو.
انقلاب ۽ جنگ
[سنواريو]عالمي جنگ I
[سنواريو]سائيبيريا ۾ جلاوطني دوران، پهرين عالمي جنگ وقت اسٽالن کي روسي آرميءَ ۾ شامل ڪيو ويو. پر نقصان پهتل هٿ سبب هن کي فوج لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. ميڊيڪل ٽيسٽ لاءِ، هن کي ٽرانس پيسيفڪ ريلوي کان 100 ڪلوميٽر پَري Achinsk شهر وڃڻو پيو هو، توڻي جو فوج هن کي ڀرتي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر کيس اُتي رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
1917ع جو روسي انقلاب
[سنواريو]پنهنجي آخري جلاوطني کان پيٽرو گراڊ موٽي اچڻ کانپوءِ Vyacheslav Molotov ۽ Alexander Shlyapnikov کي نيڪالي ڏيارڻ کان پوءِ اسٽالن پروادا اخبار جو ايڊيٽر بڻجي ويو. ان کانپوءِ هن اليگزينڊر ڪِرينڪسي جي عبوري حڪومت جي حمايت ڪئي. پر پوءِ اپريل 1917ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ لينن جي اڳتي وڌي اچڻ کانپوءِ، اسٽالن ۽ پروادا اخبار عارضي حڪومت جي مخالف ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ان ڪانفرنس ۾ اسٽالن بالشيوڪ سينٽرل ڪاميٽي ۾ چونڊجي آيو. آڪٽوبر 1917ع ۾، بالشيوڪ مرڪزي ڪاميٽيءَ حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. 7 نومبر تي، سمولني انسٽيٽيوٽ، ليون ٽراٽسڪي ۽ لينن کان وٺي سڄي مرڪزي ڪاميٽيءَ 1917ع جي آڪٽوبر انقلاب لاءِ ڪرينڪسي جي خلاف بغاوت ۾ تعاون ڪيو. 8 نومبر تي، بالشيوڪن ونٽر پَيلس تي حملو ڪري ڏنو ۽ ڪرينڪسي جي ڪابينا کي گرفتار ڪري ورتو هو.
روسي گهرو ويڙهه، 1917–1919ع
[سنواريو]آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ، اسٽالن کي قوميتن جي معاملن کي ڏسڻ لاءِ پيپلز ڪميسار مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ، روس ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي ۽ بالشيوڪ مخالف اتحاد جي وائٽ آرمي، لينن جي ريڊ آرميءَ آڏو اچي بيٺي. لينن پنجن ميمبرن جو هڪ پولٽ بيورو ٺاهيو، جنهن ۾ اسٽالن ۽ ٽراسڪي به شامل هئا. مئي 1918ع ۾، اسٽالن کي Tsaritsyn جي شهر ڏانهن موڪليو. پنهنجي نون اتحادي دوستن Kliment Voroshilov ۽ Semyon Budyonny جي ذريعي اسٽالن فوج کي پنهنجي اَثر هيٺ اندو.
اسٽالن، ٽراسڪيءَ جي گهڻن ئي فيصلن کي چيلينج ڪندي، سرخ فوج ۾ رد انقلابين ۽ زار جي دور جي آفيسرن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڦورن طرفان خوراڪ جي رسد تي حملن کي روڪرائڻ ۽ هارين کي ڊيڄاري عطائط ڪرائڻ لاءِ ڳوٺن کي باهيون ڊياري ڇڏيون. مئي 1919 ۾، اولهه جي محاذ تان ڀڄندڙن کي روڪڻ لاءِ کين انقلاب جو منڪر قرار ڏئي، کلي عام غدار قرار ڏئي ڦاهين تي چاڙهائي ڇڏيائين.
پولش–سوويت جنگ، 1919–21
[سنواريو]1917ع کان 1922ع تائين لاڳيتو روسي گهرو ويڙهه ۾ ٻالشيوڪن طرفان ڪاميابيون ماڻڻ کان پوءِ جيئن ئي انهن پنهنجي پوزيشن مضبوط محسوس ڪئي ته سڄي دنيا جون رياستون سوشلسٽ سماج ۾ تبديل ٿينديون جي ڪميونسٽ نظرئي تحت سوويت روس عالمي انقلاب ڏانهن وڌڻ لاءِ زور لڳائڻ لڳو. (Tukhachevsky مظابق: ان ۾ ڪو شق ناهي ته جيڪڏهن اسين Vistula (جيڪو پولينڊ ۾) آهي تي، غالب اَچي وڃون ها ته انقلاب جو چڻنگون سڄي يورپ جي کَنڊ ۾ پکڙجي وڃن ها). ڦهلاءُ پسند سوچ سان اولهه يورپ ڏانهن ڏسندي، بالشيوڪ اچي پولينڊ آڏو بيٺا. 1919–1921 کان شروع ٿيل ٽڪراءُ سوويت پولينڊ جنگ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. پولش فوج جي شروعاتي ڪاميابيءَ کان پوءِ 1920ع جي گرمين جي موسم ۾ بالشيوڪن، پولش فوجن کي وچ پولينڊ تائين پٺيان ڌڪي ڇڏيو. ڏکڻ محاذ جي هائي ڪمانڊ ۽ پيپلز ڪميسار جي حيثيت ۾ آسٽالن جو ارادو، پولينڊ جي شهر Lwów (جيڪو هاڻي يوڪرين ۾ آهي) تي قبضو ڪرڻ جو هو. پر سندس اهو ارادو لينن ۽ ٽراسڪي جي حڪمت عمليءَ سان ٽڪراءَ ۾ هو، جنهن تحت اُٽر طرف وارسا تي قبضو ڪرڻ هو.
12–25 آگسٽ 1920ع تي وارسا جي هڪ اهم جنگ ۾ Tukhachevsky جيئن تيئن ڪري پولش ڪمانڊرن Józef Piłsudski ۽ Władysław Sikorski مصروف ڪيو ويٺو هو پر اسٽالن Lwów مان پنهنجا فوجي جٿا هٽائي Tukhachevsky ڏانهن اُماڻي سندس مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ سوويت روس جون فوجون جيڪي پولينڊ جي گادي جي هنڌ تي قبضي لاءِ وڙهي رهيون هيون، پولينڊ ۾ چئني طرفن کان گهرجي ويون. نيٺ Lwów ۽ وارسا ٻنهي هنڌن تي هارايو ۽ ان جو الزام اسٽالن تي لڳو. آگسٽ 1920ع ۾، اسٽالن ماسڪو واپس آيو ۽ پنهنجي حق م دليل ڏنا ۽ احتجاجن فوجي ڪمانڊ تان استعيفا ڏئي ڇڏي. مارچ اَپريل 1920ع ۾، 22 سيپٽمبر 1920ع تي ٽراسڪيءَ، اسٽالن جي هلتَ تي کُلي تنقيد ڪئي.
طاقت جو اُڀار
[سنواريو]1921ع ۾، سرخ فوج طرفان جارجيا تي قبضي ڪرڻ ۾ اسٽالن ڏاڍو فيصلو ڪندڙ ڪردار ادا ڪيو، ان کان پوءِ هن خاص طور سوويت جارجيا ڏانهن ڏاڍي سختگير، مرڪزيت پسند پاليسيون اختيار ڪيون. جارجيا ۾ اسٽالن جي ڪاروائين، اسٽالن ۽ لينن جي وچ ۾ ڏار پيدا ڪيا، ڇالاءِ جو لينن موجب سڀني رياستن سان هڪجهڙو ورتاءُ جهڙو هئڻ گهرجي، ڇو جو سڀئي سوويت رياستون برابر آهن.
پوءِ به لينن، اسٽالن کي وفادار ساٿي سمجهندو هو ۽ جڏهن لينن، ٽراسڪي ۽ ٻين سياستدانن سان تڪرار جي گَپَ ۾ ڦاسي پيو ته هن اسٽالن جي حمايت جو فيصلو ڪيو. ليو ڪامنيف جي مدد سان لينن 1922ع ۾ اسٽالن کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو. هن عهدي سان اسٽالن کي پنهنجا ڪيترائي ساٿي حڪومتي عهدن تي مقرر ڪرڻ جي طاقت ملي وئي.
مئي ۽ ڊسمبر 1922ع ۾ لينن کي اسٽروڪَ پوڻ سبب لينن کي گورڪيءَ ۾ نيم ريٽائرمينٽ اختيار ڪرڻي پئي. اسٽالن اَڪثر هن سان ملڻ ويندو هو ۽ ٻاهر جي دنيا سان هن جي رابطي ڪار طور ڪردار ادا ڪندو هو، پر پاڻ ۾ تڪرار ٿيڻ سبب، بنهي جي وچم تعلقات خراب ٿي ويا. لينن پنهنجي هدايتي خطن ۾ جيڪي پوءِ سندس وصعيت بڻجي ويا ۾ اسٽالن جي ڏاڍي گِلا ڪئي آهي. هن اسٽالن جي سياسي خيالن، اَڍنگن لڇڻن، خواهشن ۽ حد کان وڌيڪ طاقت جي استعمال تي تنقيد ڪندي کيس سيڪريٽري جرنل جي عهدي تان هٽائي ڇڏڻ جي تجويز ڏني. لينن جي نيم رٽائرمينٽ جي دوران، اسٽالن، ڪامنيف ۽ گريگوري زينوف سان ملي ٽراسڪي جي خلاف هڪ هٿ گهڙيل اتحاد ٺاهيو. ائين انهن گڏجي 1923ع ۾ پارٽيءَ جي ٿيندڙ 12هين ڪانگريس ۾ لينن جي ان وصعيت کي پيش ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. (لينن جي وفات کانپوءِ، مئي 1924ع ۾ پارٽيءَ جي تيرهين ڪانگريس ۾ اها نائبن جي ڪجهه چونڊ گروپن اڳيان پڙهي وئي، پر ان جي اسيمبلين يا ڪانگريس جي دستاويزن ۾ ذڪر ڪرڻ کان جهل ٿيل هئي.
لينن جي 21 جنوري 1924ع تي فالج سبب گذاري وڃڻ کان پوءِ پولٽ بيورو جي هيٺين سَتن ميمبر نڪولائي بُخارين، ڪامنيف، ايلڪسي ريڪوف، جوزف اسٽالن، ميخائل ٽامسڪي، ليون ٽراسڪي ۽ گريگوري زينوويف ۾ اقتدار لاءِ جنگ شروع ٿي وئي.
هڪ دفعو وري، ڪامنيف ۽ زينوويف ،اسٽالن جي مدد ڪئي ته جيئن لينن جي وصعيت ٻاهر نه اچي سگهي. ان دوران، اسٽالن جي نائبن جو ڪامنيف ۽ زينوويف سان تڪرار تيز ٿي ويو. ٽراسڪي، ڪامنيف، ۽ زينوويف کي الڳ ٿلڳ ڪري اَڪيلائيءَ جو شڪار ڪرڻ کان پوءِ، پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي ۽ پوءِ نيٺ پارٽي مان خارج ڪري ڪڍي ڇڏيا ويا.
پَرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان، چين ۾ اُتر واري مهم، اسٽالن ۽ ٽراسڪيءَ جي وچ ۾ اختلاف جو اهم نقطو هئي. اسٽالن چاهيو تي ته چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ جي بدرآن قومپرست ڪومَن تانگ سان اتحاد ڪري. ٽراسڪي، چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ تي زور ڀريو ته اها ڪومن تانگ جي مخالفت ڪري ۽ مڪمل انقلاب جي شروعات ڪري. اسٽالن اُتر واري مهم دوران ڪومن تانگ کي فنڊنگ ذريعي مدد ڪئي. اسٽالن، ٽراسڪيءَ جي تنقيد جو مقابلو ڪندي، پنهنجي هڪ ڳجهي تقرير ۾ چيو هو ته ڪومن تانگ ئي واحد پارٽي هئي، جيڪا سامراجين کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي پئي، ڇالاءِ جو چيانگ ڪائي شيڪ کي اَمير واپارين طرفان مالي مدد حاصل هئي ۽ تنهنڪري اسان کي هن جي فوجن کي استعمال ۾ آڻي، ليمي وانگر نپوڙڻ کان پوءِ پوءِ بيڪار ٿيڻ تي، اُڇلائي ڇڏڻو هو. پر اُتر مهم جي دوران، 1927ع جي سينگهائي قاتل عام ذريعي، شينگهائي جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ميمبرن جو قتل عام ڪري، چيناگ ان سڄي عمل کي پٺيان ڌڪي ڇڏيو.
لينن جي نيئن معاشي پاليسي (اين اي پي) جي ڀيٽ ۾ اسٽالن مرڪزي ضابطي هيٺ معشيت ذريعي تيزيءَ سان صنعتڪاريءَ ڪرڻ تي زوز ڏنو. 1927ع جي آخر ۾، اَناج جي فراهمي ۾ گهٽتائي اَچڻ کان پوءِ اسٽالن اجتماعي پوکي راهي زوز ڀريندي ڪولاڪ جي هارين طرفان زخييرو ڪيل اَناج کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نڪولائي بُخارين ۽ پريمئر اليڪسي ريڪوف انهن پاليسين جي مخالف ڪئي ۽ لينن جي نيو ايڪانامڪ پالسيي ڏانهن ورڻ جي وڪالت ڪئي، پر پولٽ بيورو جي باقي سڀني ميمبرن اسٽالن جو ساٿ ڏنو ۽ نومبر 1929ع ۾ بخارين کي پولٽ بيورو مان نيڪالي ڏني وئي. اڳئين سال، ريڪوف کي ڪڍڻ کان پوءِ اسٽالن جي سفارش تي ان جي جاءِ تي مولوٽوف کي رکيو ويو.
ڊسمبر 1934ع ۾، لينن گراڊ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو باس سِرگئي ڪِيروف قتل ٿي ويو. اسٽالن، ان کي هڪ وسيع سازش قرار ڏيندي ان جو الزام تخريبڪارن ۽ ٽراسڪائيز (ٽراٽسڪائٽن) تي هنيو. هن اندروني دشمنن خلاف هڪ وڏي صفائي مهم جي شروعات ڪندي، کين ڪُوڙن مقدمن ذريعي سزائون ڏياري ڦاسيون ڏئي ڇڏيون يا سائيبيريا جي گُلاڪس ۾ قيد ڪري ڇڏيو. ان مهم جي متاثرن ۾، پراڻا دشمن بُخارين، ريڪوف، ڪامنيف ۽ زينوويف پڻ شامل هئا. اسٽالن پنهنجي وفادار نِڪولائي زيحوف کي ”اين ڪي وي ڊي“ پوليس جو سردار مقرر ڪري، ”اين ڪي وي ڊي“ مان جهونن بالشيوڪن جي صفائي ڪري ڪڍڻ جي ذميوراري ڏني. جڏهن سندس اقتدار جو ڪو به سنجده مخالف نه بچيو ته 1938ع ۾ اسٽالن صفائي مهم ختم ڪئي. زيحوف کي پوءِ وڏو ڏهڪاءُ پکيڙڻ جو الزام ڏئي نوڪري مان ڪڍيو ويو ۽ ڦاسي ڏني وئي.
1927 کان 1939ع تائين سوويت سماج ۾ آيل تبديلون
[سنواريو]سوويت سيڪريٽ سروس ۽ انٽيلي جنس ۾ واڌارو
[سنواريو]اسٽالن رياست جي ڳجهي پوليس ۽ ڳُجهن ادارن جي دائري ۽ طاقت ۾ تمام گهڻو اضافو آندو. هن جي رهنمائي هيٺ جرمني، برطانيا، فرانس، جاپان، ۽ آمريڪا سيمت دنيا جي اَڪثر ملڪن ۾ روسي ڳجهن ادارن پنهنجا نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. اسٽالن، ڪميونسٽ انٽرنيشنل تحريڪ کي ڪافي حد تائين دخل اندازي طور استعمال ڪيو ۽ ڪوششون ورتيون ته ٻاهريون ڪميونسٽ پارٽيون لاڳيتو سوويت يونين ۽ اسٽالن جون حمايتي ئي رهن.
اسٽالن جي صلاحيتن جو مثال 1940ع ۾ ان وقت سامهون آيو، جڏهن هن جي منظوريءَ سان ڳُجهي پوليس ۽ غير ملڪي جاسوس ذريعي ليون ٽراسڪيءَ کي ڌوڪي سان قتل ڪرايو ويو هو.
پرسنلٽي ڪَلٽ
[سنواريو]سوويت يونين ۾ لينن ۽ اسٽالن ٻنهي جي شخصيت پرستي کي گڏيل طور تي اُڀاريو ويو. تاريخ جي گهڻين شخصيتن جي وڏائي کي ان انداز سان ماپيو وڃي ٿو ته گهڻن شهرن ۽ ڳوٺ جا نالا مٽائي ڪنهن شخصيت تي رکيا ويا. (ڏسو جاين جي لسٽ، جن جا نالا مٽائي اسٽالن جي نالي تي رکيا ويا) ”اسٽالن انعام“ ۽ ”اسٽالن امن انعام“، اسٽالن جي اعزاز ۾ رکيا ويا هئا. اسٽالن پنهنجي لاءِ هي خطاب قبول ڪيا. (مثال طور، ”ڪوريفيحس آف سائنس“، ”قوم جو اَبو“، ”برليئنٽ جينئس آف هيومنٽي“، ”ڪميونزم جو عظيم معمار“، ”گارڊنر آف هيومن هيپي نيس (انساني خوشين جو باغبان)“ وغيره ۽ 1917ع جي انقلاب ۾ پنهنجو پاڻ کي اهم ڪردار ڏيارڻ لاءِ هن نئين سر سوويت تاريخ لکائڻ ۾ مڊڊ ڪئي. ساڳي ئي وقت، نڪيتا خروچيف جي مظابق، هن (اسٽالن) جو اصرار هو ته اهو تاريخ ۾ واقعي ۾ به عظيم ۽ عير معمولي شخصيت طور ياد رکيو ويندو. ذريعن مطابق هن جو قد لڳ ڀڳ 5 فٽ، 4 انچ (163 سينٽي ميٽر) هو، پر اسٽالن جا قدآور مجسما هن جي جسماني بيهڪ اهڙي ڏيکارين ٿا ڄڻڪ اهو زار ايلگزينڊر III جيترو ڊگهو هو.
ٽراسڪيءَ اسٽالن جي شخصيت پرستيءَ تي تنقيد ڪئي. پر ٻئي مهاڀاري جنگ کانپوءِ، اسٽالن جو نالو قومي تراني ۾ شامل ٿيڻ سا اها (اسٽالن جي شخصيت پرستي) پنهنجي انتها تي پهچي وئي. ادب، شاعري، موسيقي، پينٽنگز ۽ فلمون، اسٽالن جي چاپلوسي ۽ نمائش جو مرڪز بڻجي ويون. اڪثر هن کي خدا جهڙيون خوبيون ۽ خاصيتون رکڻ واري طور ساراهيو ويندو هو، ائين محسوس ڪرايو ويندو هو، ڄڻڪ هن اَڪيلي سر ئي ٻي عالمي جنگ کٽي هئي. جنهن مٿائين سطح تي اسٽالن پنهنجو پاڻ کي رکندو هو ان جي اها حيثيت بهرحال بحث جوڳي آهي.
نِڪيٽا خورشيف پنهنجي 1956ع جي هڪ تقرير ۾ هنن لفظن ۾ اسٽالن جي شخصيت پرستيءَ جي ملامت ڪئي: اها مارڪسزم، ليلنزم سان وڏي ناانصافي ٿيندي، جيڪڏهن اسين چئون ته هڪ شخص ۾ سُپر مين وانگر مافوق الفطرت خوبيون ۽ خاصيتون آهن، جيڪي خدا سان مشاهبهت رکن ٿيون. خروشيف جي تقرير ۽ خاص طور 1961ع ۾ ٿيل ڪميونسٽ پارتيءَ جي ڪانگريس طرفان ان جي تصديق کانپوءِ نه رڳو سوويت يونين ۾ بلڪي بين سوشلسٽ ملڪن ۾ به اسٽالن جون هزارن جي تعداد ۾ يادگارون تباهه ڪيون ويون. مثال طور، نومبر 1961ع ۾، برلن جي يادگار اسٽاليني کي هڪ ڳُجهي آپريش ذريعي هٽائي ڇڏيو ويو هو.
پَرجز ۽ ملڪ بدريون
[سنواريو]پَرجز (صفائي) ۽ موت جون سزائون
[سنواريو]اسٽالن، ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽيءَ جي پولٽ بيورو جي سربراهه جي طور تي، 1931ع ۾، عطيم صفائي جي نالي تي، پارٽي ۾ داخل ٿيل ”موقعي پرستن“ ۽ ”رد انقلابين“ کي پارٽيءَ مان ڪڍڻ کان پوءِ مطلق طاقت حاصل ڪرڻ ۾، مڪمل طور تي ڪامياب ٿي ويو. اهي جن کي پَرج جي طرفان نشانو بڻايو ويندو هو، انهن کي گهڻو ڪري پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو ويندو هو، پر ڪجهه جي خلاف وڌيڪ سخت اُپائن طور NKVD جي ٽروئيڪا ذريعي مقدمو هلائڻ کانپوءِ سزا تي عمل ڪرائڻ لاءِ کين گُلاگ جي ليبر ڪيمپن ڏانهن اُماڻي ڇڏيو ويندو هو. ...
1930ع جي ڌاري، اشٽالن، لينن گراڊ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سربراهه سرگئي ڪيروف جي وڌندڙ مقبوليت ڏسي فڪرمند ٿي ويو. 1934ع ۾، مرڪزي ڪاميٽيءَ لاءِ پارٽيءَ جي ڪانگريس ۾ ٿيل ووٽن ۾ اسٽالن هڪ سئو ناڪاري ووٽ حاصل ڪيا ۽ ڪيروف، رڳو ٽي ناڪاري ووٽ حاصل ڪيا، جيڪي ڪنهن به اميدوار جي مقابلي ۾ سڀ کان گهٽ هئا. ڪيروف جي قتل کانپوءِ، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته اسٽالن پاڻ ڪرايو هجي کانپوءِ اسٽالن منصوبابنديءَ تحت ڪوشش ڪئي ته مخالف اَڳواڻن جن ۾ ٽراسڪي، ڪامنيف ۽ زينوئيف کي ان قتل جي ڪيس ۾ ڦاسيو وڃي. قتل جي تحقيقات ڊگهي ٿيندي وئي. اسٽالن ”دهشتگرد تنظيمن ۽ دهشتگرڊاڻين ڪارواين“ جي نالي سان هڪ نئون قانون پاس ڪيو، جنهن تحت دفاع جي وڪيل، وڪيلِ صفائي، اپيل وغيره کي تڪڙو ڏهه ڏينهن اندر اُڪلائي فيصلو ڏيڻو هو.
تنهن کان پوءِ ٻيا به مقدما هلايا ويا، جيڪي ماسڪو ٽرائلز جي نالي سان ڄاتا وڃن ٿا جن جو طريقيڪار سڄي ملڪ تي دهرايو ويو. قانون جي آرٽيڪل 58 تحت رد انقلاب ۽ سوويت يونين خلاف سرگرمين کي ڏوهه قرار ڏيندي، آرٽيڪل 58 کي وسيع انداز ۾ لاڳو ڪيو ويو هو. ”عوام جو دشمن“ جي الزام تحت جيڪڏهن ڪنهن کي موت جي سزا نه به ڏني ٿي وئي، ته به رڳو تفتيش، ايذاءَ، جانچ، ۽ ملڪ بدريءَ جو عقوبتون ۽ پيڙائون ئي ڪنهن کي به پورو ڪرڻ لاءِ ان قانون تحت ڪافي هيون. اسٽالن پنهنجي هٿ چونڊيل جلاد ويسلي بِلاخن کي ڪجهه هائي پروفائيل موت جون سزائون ڏيڻ جو ڪم سپرد ڪيو ويو هو.
سرخ فوج ۾ گهڻ ئي فوجي اڳواڻن کي ڏوهي قرار ڏئي وڏي پئماني تي صفائي (پَرج) جي پيروي ڪئي وئي. تمام گهڻ اعليٰ سطحي انقلابين ۽ پارٽي ميمبرن تي ڏاڍ، نيٺ ليون ٽراسڪيءَ کي اها دعويٰ ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو ته هڪ وڏو ”رت جو درياءُ“ اسٽالن جي حڪومت کي لينن کان بلڪل الڳ ڪري چڪو آهي. ٽراسڪي، جيڪو جنوري 1937ع کان ميڪسيڪو ۾ جلاوطني ۾ گذاري رهيو هو کي 1940ع ۾ قتل ڪرائڻ کانپوءِ پارٽي جي ليڊرن مان اسٽالن جو آخري مخالف به ختم ٿي ويو.
جوزف اسٽالن ۽ ولايمير مِليوتن (جيڪو 1937ع ۾ جيل ۾ گذاري ويو) کان سواءِ لينن جي ڪابينا جي ميمبرن مان ڪو به قدرتي موت ڪو نه مئو هو بلڪي اصل ۾ انهن سڀني جو صفايو ڪيو ويو هو.
NKVD جي قومي دستن پنهنجي ڪاروائين ۾ (عير ملڪي قوميتن) جيئن پولش، نسلي جرمنز ۽ ڪورين وغيره جا ساڍا ٽي لک 350,000 جن (144,000 پولش) هئا کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 247,157 (110,000 پولشن) کي قتل ڪيو ويو هو. ...
سوويت آرڪائيواز جي روشنيءَ ۾، تاريخدانن جي مطابق، لڳ ڀڳ 700,000 ستَ لکَ (1937ع ۾ 353,074 ۽ 1938ع ۾ 328,612) عام سوويت شهرين، ورڪرن، هارين، رازن، استادن، پادرين، موسيقارن، فوجين، ۽ رقاصائن کي وڏي پئماني تي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو. ...
اولهه جي ڪجهه ماهرن مطابق، سوويت آرڪائيوز مان مليل ثبوتَ گهٽ، اَڻپورا ۽ اعتبار جوڳا ناهن.
اسٽالن ذاتي طور تي 1937ع ۽ 1938ع ۾ 375 فهرستن (40,000 ماڻهن) کي موت سزا ڏيڻ تي صحي ڪئي هئي جن مان 90 سيڪڙو کي گوليون هڻي ماريو ويو هو. ...
1930ع ۽ 1940ع دوران، سوويت ليڊرشپ، سوويت حڪومت جي مخالفن ۽ فرار ٿي ويلن کي قتل ڪرائڻ لاءِ NKVD جا اِسڪواڊز موڪليا هئا.
جلاوطنيون (ملڪ نيڪاليون)
[سنواريو]ٻي مهاڀاري جنگ کان ڪجهه عرصو پهرين، ان دوران ۽ ان کان يڪدم پوءِ اسٽالن وڏي پئماني تي جلاوطنين جو هڪ اهڙو سلسلو شروع ڪرايو جنهن سوويت يونين جي نسلي نقشي تي وڏا اَثر وڌا. هڪ اندازي موجب، 1941ع کان وٺي 1949ع تائين لڳ ڀڳ 3.3 ملين ماڻهن کي سائيبريا ۽ وچ ايشائي رياستن ڏانهن زبردستي اُماڻي ڇڏيو ويو. ڪجهه اندازن مطابق، لڏ پلاڻ تي مجبور ڪيل آباديءَ جو 43 سيڪڙو بُک ۽ بيمارين ۾ وڪوڙجي مري کپي ويو.
صحيح يا غلظ الزام، پر اصل ۾ علحدگي جي تحريڪ اُڀرڻ جي ڊپ، سوويت حڪمراني خلاف مزاحمت ۽ جرمنن کي علائقي تي قبضي ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي شڪ جي بنيادن تي لاڏ پلاڻ ڪرائڻ جو اهو فيصلو ٿيو. ... قفقاز تي نازي جرمنيءَ جي مختصر قبضي کانپوءِ جابلو علائقن جي پنجن ئي ننڍين آبادين ۽ ڪرائيميا جي تاتارين کي پنهنجو سامان سَڙو کڻڻ جو موقعو ڏيڻ کان سواءِ ئي، هڪ لک کان وڌيڪ آبادين کي زبردستي اُتان لڏايو ويو هو.
مخصوص نسلي گروهن، جهڙوڪر، سوويت ڪورين، وولگا جي جرمنن، ڪرائيميا جي تاتارين، ۽ چيچن ۽ گهڻن ئي پولشن نسلي گروهن جي وفاداري تي، اسٽالن جي اعتماد جي کوٽ جي نتيجي سبب کين اهم اسٽرٽيجڪ غلائقن مان جبري طور ڪڍي، مرڪزي سوويت يونين، خاص طور تي قازقستان ۽ وچ ايشيا جي علائقن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ڪجهه اندازن مطابق، درپدر ٿيلن مان هزارين شايد دڳ ۾ ئي مري کپي ويا هوندا.
سرڪاري سوويت اندازن مطابق، 14 ملين کان وڌيڪ عوام کي 1929ع کان 1953ع تائين گلاگ مان گذارڻ سان گڏ 7 کان 8 ملين عوام سميت (ڪئي علائقن جي سڄين جي سڄين قوميتن کي) زوريءَ علائقو بدر ڪري، سوويت يونين جي ڏورانهن علائقن ڏانهن اُماڻيو ويو هو.
فيبروري 1956ع ۾، نِڪيتا خروچيف، زوريءَ زبردستي ڪرايل جلاوطين کي ننديندي ان کي لينن ازم جي خلاف ورزي قرار ڏنو ۽ توڻي جو ڪجهه کي واپس به اچڻ ڏنو ويو، پر اصل ۾ گهڻي عرصي تائين ائين نه ٿي سگهيو، وڃي 1991ع ۾ تاتارين، مسخيٽينز، ۽ وولگا جرمنن کي گڏيل طور پنهنجي وطنن ڏانهن موٽي اچڻ جي اجازت ڏني وئي. پوءِ جلاطنين دوران کاڌل سخت ڏکن سور جي يادگيرين، بالٽڪ رياستن، تاتارستان ۽ چيچنيا ۾ علحدگي پسند تحريڪن جي اُڀار ۾ ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪيو.
اجتماعي پوک
[سنواريو]اسٽالن جي حڪومت زراعت کي جبري طور تي اجتماعي پوک تي منتقل ڪري ڇڏيو. جنهن جو مقصد وڏي پئماني تي، مشينن جي ذريعي فارمن جي پيداوار وڌائڻ، هارين کي سڌو سنئون سياسي ضابطي ۾ آڻڻ ۽ بهتر نموني سان ٽيڪس گڏ ڪرڻ هو. اجتماعي پوک ايڏي وڏي پئماني تي سماجي تبديليون آنديون، جو ايتريون وڏيون تبديليون، ويڳاڻپ ۽ 1861ع ۾ غلامي جي خاتمي جي دور کانپوءِ ڏسڻ ۾ آيون هيون. اجتماعي پوک تمام گهڻ هارين جي معيار زندگيءَ ۾ تمام وڏي لاٿ آندي، جنهن جي نتيجي ۾ هاري سخت ردعمل تي لهي آيا.
اجتماعي پوک جي پهرين سال صنعتي پيداوار 200 سيڪڙو، ۽ زرعي پيداوار 50 سيڪڙو وڌڻ جو اندازو لڳايل هو، پر اهي اميديون پوريون نه ٿي سگهيون. اسٽالن ان اَڻ گهربل ناڪامي جو الزام ڪلاڪس (اَمير هارين) تي هنيو جن اجتماعي پوکي راهي جي مخالفت ڪئي هئي. ... سرڪاري آرڪائيواز جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 1930ع جي دوران ڊي ڪُلاڪائيزيشن تحت 29201 هارين کي موت جون سزائون ڏنيون ويون.
اجتماعي کيتي ٻن مرحلن ۾، اسٽالن جي مشهور ايڊيٽوريلن ”ڊِزي ود سَڪسيس“ ۽ ”رپلائي تو ڪليڪٽِو فارم ڪامريڊز“ جي سبب هڪ سال لاءِ پيل خلل اصل ۾ شروعاتي حڪمت عملي ۾ ناڪامي کان پوءِ وري وڏي حڪمت عملي سان ان تان هٿ کڻي وڃڻ اصل ۾ اسٽالن جي زبردست صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿو.
ڏڪارَ
[سنواريو]ڏڪارَ يو ايس ايس آر جي يوڪرين ۽ ڏکڻ روس کي سخت متاٿر ڪيو. ان وقت سوويت يونين ۾ ڏڪار سبب مرڻ وارن جي انگ جو اندازو لڳ ڀڳ 5 کان 10 ملين ماڻهن جو آهي. ...
جنگ جي نقصانن ۽ ڪٺور سوڪڙ (خشڪ ساليءَ) جي نتيجي ۾ 1947ع ۾ يو ايس ايس آر کي وڏي ڏڪار کي منهن ڏيڻو پيو پر اقتصاديات جي ماهر مائيڪل اِلمان دليل ڏئي ٿو ته جيڪڏهن حڪومت اناج جي ذخيرن جو صحيح انتظام ڪري ها ته ان ڏڪار کان ٻچي سگهجيو پئي. ڏڪار جي سبب هڪ اندازي موجب 1 کان 1.5 ملين زندگين جي نقصان برداست ڪرڻو پيو ...
يوڪرين جو ڏڪار
[سنواريو]گهڻو ڪري هالوڊومور ڏڪار کي يوڪريني نشل ڪشيءَ جي حوالي طور ورتو وڃي ٿو چيو وڃي ٿو ته اهو سوويت يونين طرفان انجنيئرڊ هو ته جيئن يوڪريني عوام کي ناس ڪري، يوڪريني قوم کي هڪ سياسي عنصر ۽ سماجي وجود جي طور تي برباد ڪري ڇڏجي. ...
سوويت يوڪرين ۾ ڏڪار سبب موتن جو ڪُل تعداد موجوده اندازن موجب 2.2 ملين کان 4 يا 5 ملين تائين آهي.
جنوري 2010ع ۾ يوڪرين جي هڪ عدالت، 1932–1933ع ۾ يوڪرين ۾ وڏي پئماني تي ڏڪار منظم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي جورف اسٽالن، لزار، اسٽانيليف ڪوسيار ۽ ٻين کي نسل ڪشيءَ جو مجرم قرار ڏنو. ...
صنعتڪاري
[سنواريو]روسي گهرو ويڙهه ۽ وار ٽائيم ڪميونزم ملڪ جي معشيت تي ڏاڍا خراب اَٿر وڌا. ...
ٿوري بين القوامي واپار، عملي طور تي جديد ڍانچو نه هئڻ ۽ ڪميونسٽ پاليسين ڏانهن بين الاقومي ردعمل جي سبب بنيادي سرمايو نه هئڻ سبب، اسٽالن حڪومت طرفان صنعتڪاري جي قيمت عام شهرين کي ادا ڪرڻي پئي ... ۽ اسٽالن ڏاڍي بي رحمي سان ڪولاڪس مان دولت نپوڙي ڪڍي.
1933ع ۾، پورهيتن جي اصل ڪمائي 1926ع جي حد کان ون ٽينٿ سطح تي هيٺ ڪري پئي. ليبر ڪيمپن ۾ عام ۽ سياسي قيدي بنا اُجوري جي ڪم ڪرڻ تي مجبور هئا. ...
شروعاتي خلل ۽ ناڪامين جي باوجود، پهرين ٻن پج سالن وارن منصوبن، تمام ڪمزور اقتصادي بنياد هجڻ جي باوجود تيز تر صنعتڪاري حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ عام طور تي ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته سوويت يونين هڪ اهم سطح تائين اقتصادي ترقي اسٽالن تحت حاصل ڪئي، پر اها اقتصادي ترقي ڪهڙي قيمت تي حاصل ٿي ان تي اختلاف آهي. ...
رابرٽ لوئس جي مطابق، پنج ساله منصوبابندي وڏي حد تائين ماضيءَ جي پٺتي پيل سوويت معشيتَ کي جديد بنائڻ ۾ مدد ڏني. ...
سائنس
[سنواريو]سوويت يونين ۾ سائنس سان گڏ آرٽ ۽ ادب به اسٽالن ۽ ان جي حڪومت جي نظرياتي ضابطي هيٺ هو. ...
سماجي خدمتون
[سنواريو]سوويت حڪومت تحت سماجي لبرلائيزيشن مان عوام وڏا فائدا پڻ حاصل ڪيا. ڇوڪرين کي بهتر ۽ برابري جي طور تي تعليم ڏني وئي، عورتن ۽ خاندانن جو معيار زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ عورتن کي روزگار ۾ برابري جا حق ڏنا ويا هئا. اسٽالنسٽ ترقيءَ عام سوويت شهرين جي معيار زندگي، صحت جي سهولتن، صحت جي سارسنڀال ۾ بهتري ۽ عمر جي عرصي ۾ واڌارو آندو. اسٽالن جي پاليسين، سوويت عوام کي صحت ۽ تعليم جون تمام گهڻيون سهولتو عطا ڪيون، جنهن جي اَثر تحت هڪ اهڙي پهرين پيڙهي پيدا ٿي، جيڪا ٽائيفس، ڪالرا ۽ مليرا جهڙين موذي بيمارين کان آزاد هئي. انهن پيمارين جي وِچڻڻ جي عمل ۾ ريڪارڊ لاٿ اَچڻ سبب زندگي وڌڻ جو عرصو ڏهاڪن تايئن ڊگهو ٿي ويو.
اسٽالن تحت سوويت مائين جي اها پهرين پيڙهي هئي جنهن کي اسپتالن ۾ ٻار جي پيدائش کان پهرين ۽ پوءِ جي صحت جي سارسنڀال جون بهترين سهولتون حاصل ٿيون. اقتصادي ترقيءَ کان پوءَ معيار زندگيءَ ۾ واڌاري اَچڻ جو هڪ مثال سٺي تعليم پڻ هئي. اسٽالن جي حڪمرانيءَ دوران پيدا ٿيل پهرين پيڙهي هئي، جنهن وڏي پئماني تي معياري تعليم حاصل ڪئي. انجنيئرن کي صنعتي ٽيڪنالوجي سکڻ لاءِ پَرڏيهه موڪليو ويو ۽ سوين پَرڏينهي انجنيئرن کي معاهدن تي روس آنديو ويو هو. ٽرانسپورٽ جي ذريعن ۾ سڌارا آندا ويا ۽ گهڻن ئي نون هنڌن تي ريلوي جو نظام پهچايو ويو. پنهنجي ڪوٽا کان وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاريندڙ ترغيب طور ڪافي مراعتون وصول ڪندا هئا، جنهن مان اهي تيزي سان اقتصادي ترقي ڪندڙ سوويت معاشري طرفان وڏي پئماني تي پيدا ڪيل شيون خريد ڪري سگهندا هئا.
ٻي عالمي جنگ ۽ ڏاڍ جي نتيجي ۾ افرادي قوت ۾ گهٽتائي ۽ صنعڪاري جي سبب وڌندڙ گهرج، بچي ويلن لاءِ خاص طور تي عورتن لاءِ روزگار جا وڏا موقعا پيدا ڪيا.
ثقافت
[سنواريو]جيتوڻيڪ، پيدائشي طور تي جارجين هو پر سياست ۾ اَچڻ کان پوءِ هن خاص طور تي روسي تاريخ، ٻولي، 1930ع ۽ 1940ع جي روسي قومي هيروز ۽ روسي قوم پرستيءَ کي هٿي وٺرائي. ...
مذهب
[سنواريو]جارجين آرٿوڊاڪس عقيدي ۾ وڏو ٿيڻ کان پوءِ اسٽالن مذهب جو انڪاري تيڻ کان پوءِ ملحد بڻجي ويو. هن جي حڪومت اسڪولن ۾ خاص الحادي تعليم، مذهب مخالف پروپيگنڊا، سرڪاري ادارن ۾ مذهب مخالف ڪم (سوسائٽي آف دي گاڊليس)، تفريقي قانونن ۽ مذهبي معتقدن جي خلاف دهشتگرديءَ جي مهم ذريعي الحاد کي زور وٺرايو. 1930ع جي آخر ڌاري، سوويت يونين ۾ ڌرم سان کليل نموني لڳاپيل هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ ڏاڍو جوکائتو بڻجي چڪو هو. ...
نظرئي ساز
[سنواريو]اسٽالن ۽ ان جي حامين ان خيال کي اُڀاريو ته 1920ع جهڙي پٺتي پيل روس ۾ (”سوشلزم هڪ ملڪ ۾“) تحت سوشلزم آڻڻ کانپوءِ ان کي مضبوط بنيادن بيهاري قائم رکي سگهجي ٿو. ....
متاثرن جو حساب لڳائڻ
[سنواريو]محققن جن سوويت يونين جي خاتمي کان پهرين 1991ع ۾ اسٽالن حڪومت تحت قتل ٿيلن کي ڳڻڻ جي ڪوشش ڪئي ان مطابق انهن جو تعداد 3 کان 60 ملين آهي. ....
ٻي عالمي جنگ، 1939 کان 1945
[سنواريو]هٽلر سان ميثاق
[سنواريو]23 آکسٽ 1939ع ۾ فرانس ۽ برطانيا سان جرمني مخالف اتحاد ٺاهڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ، سوويت يونين، نازي جرمنيءَ سان اڳرائي نه ڪرڻ جي هڪ معاهدي ۾ داخل ٿيو، جنهن لاءِ سوويت پرڏيهي وزير وياچيسلاف مولوٽوف ۽ جرمني جي پرڏيهي وزير Joachim von Ribbentrop جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون هيون. ....
هٽلر ميثاق جي ڀڇڪڙي ڪئي
[سنواريو]22 جون 1941ع جو صبح سويري، ايڊولف هٽلر ميثاق جي خلاف ورزي ڪندي، آپريشن بارباروسا جي ذريعي اوڀر جي محاذ تي سوويت يونين خلاف جنگ شروع ڪري معاهدي کي ٽوڙي ڇڏيو. ان حوالي سان، 1940ع جي سرءُ جي موسم ۾، اسٽالن کي اڳواٽ ئي ڊچ ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل ريڊ آرڪيسٽرا طرفان چِتاءُ موڪليو ويو هو ته هٽلر سوويت يونين تي حملي ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ اسٽالن کي جاسوسن ۽ جرنلن کان به ان حوالي سان چتاءَ مليا، پر اسٽالن جو خيال هو ته جيستائين جرمني برطانيا کي شڪست نٿي ڏئي وٺي، تيستائين جرمني، سوويت تي حملو نه ڪندي. 1941ع جي آخر تائين، سوويت فوج جو 4.3 ملين تائين جاني نقصان ٿي چڪو هو ۽ جرمني جون فوجون 1,050 ميل (1,690 ڪلوميٽر) اندر تائين گهِڙي آيون هيون. ...
سوويت يونين جرمنن کي روڪيو
[سنواريو]جڏهن جرمن دٻاءُ وڌائيندي اڳيان وڌيا پئي، تڏهن به اسٽالن کي جرمنيءَ تي اتحادي فوجن جي فتح جو يقين هو. سيپٽمبر 1941ع ۾، اسٽالن برطانوي سفارتڪارن کي ٻڌاايو ته اهو ٻه معاهدا چاهي ٿو: (1) گڏيل تعاون / امداد جو معاهدو (2) ٻيو ته هٽلر سان اوڀر يورپ جي ورهاڱي لاءِ ٿيل Molotov–Ribbentrop ميثاق تحت روس جيڪي علائقا سوويت يونين جي اَثر هيٺ آهن اهي روس کي ملندا. ...
Soviet push to Germany
[سنواريو]سوويت يونين طرفان، جرمني جي اهم اسٽريٽيجڪ اوڀر مهم کي پري ڌڪڻ کانپوءِ توڻي جو سوويت يونين جو 2.5 ملين جو جاني نقصان ٿي چڪو هو، پر ان جي باوجود به سوويت يونين اوڀر محاذ جي جنگ ۾ تيزيءَ سان اڳڀرائي ڪندي اڳيان وڌندو ويو.
نومبر 1943ع ۾ اسٽالن تهران ۾ چرچل ۽ روز ويلٽ سان ملاقات ڪئي. پارٽيون پوءِ ان ڳالهه تي متفق ٿيون ته برطانيا ۽ آمريڪا مئي 1944ع ۾ ڏکڻ فرانس تي هڪ الڳ حملي سان گڏ فرانس جي ڪراس چينل تي حملي جي شروعات ڪنديون. ...
آخري فتح
[سنواريو]1945ع ڌاري، نازي جرمنيءَ جي آخري ڏينهن ۾، اوڀر ۾ 1،9 ملين جرمن فوجي، 6.4 ملين ريڊ آرمي جي فوجين، جڏهن ته اولهه جي محاذ تي 1 ملين جرمن فوجي 4 ملين اولهه جي اتحادي فوجن سان وڙهي رهيا هئا. ...
نوبل پيس پرائيز نامزدگيون
[سنواريو]1945 ۽ 1948ع ۾ اسٽالن کي نوبل امن انعام لاءِ نامزد (ٿوڦيو) ويو هو.
انساني حقن جون خلاف ورزيون
[سنواريو]برلن تي قبضي کان پوءِ، اطلاعن مطابق، سوويت فوجين سووين هزارن کان وٺي ٻن ملين مائين تايئن ۽ 50،000 هزار ماين سان ٻداپسٽ تي قبضي دوران ڏاڍائي (بلادڪار) ڪئي. ...
جنگ کان پوءِ يورپ تي اتحادين جون ڪانفرنسون
[سنواريو]ڪڙو سچ
[سنواريو]اسٽالن، هڪ ڀيري پاڻ سان گڏ پولٽ بيورو ۾ هڪ ڪُڪڙَ کڻي آيو ۽ سڀني جي آڏو ان جو هڪ هڪ ڪري پَر پَٽڻ لڳو، ڪڪڙ سور منجهان رَڙندو رهيو، پر اسٽالن هڪ هڪ ڪري ان جا سڀئي پَرَ پٽي اڇلائي ڇڏيا. پوءِ ڪُڪڙَ کي فرش تي اڇلائي ڇڏيو ۽ کيسي مان ڪجهه داڻا ڪڍي ڪڪڙ ڏانهن اڇلائي هلڻ لڳو، ڪڪڙ به داڻا چڳندو اسٽالن جي پٺيان هلڻ لڳو، اسٽالن، لاڳيتو داڻا اُڇلائيندو ويو ۽ ڪڪڙ داڻا چُڳندو سندس پٺيان هلڻ لڳو ۽ نيٺ اسٽالن جي پيرن ۾ اچي بيهي رهيو. اسٽالن، پنهنجي ڪامريڊز ڏانهن نهاريو ۽ چيو، سرمائيندار رياستن جو عوام به هن ڪُڪڙَ وانگر آهن. سندن حڪمران، پهريائين کانئن سڀ ڪجهه ڦري کين جڏو ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ ٿوري خوراڪ يا سهولتون ڏئي سندن مسيحا بڻجي وڃن ٿا ۽ پوءِ ڪجهه سڪن ۽ ڪجهه گراهن جي عيوض معاشي غلامي جي ور چڙهيل ۽ اجتماعي شعور کان وانجهيل عوام اها ڳالهه وساري ويهي ٿو ته انساني روپ ۾ انهن بگهڙن ئي ته کين چوپائي جي درجي تي پهچايو آهي.[24]
Works
[سنواريو]- "Anarchism or Socialism?," 1907
- "Marxism and the National Question," 1913
- "The Principles of Leninism," 1924
- "Trotskyism or Leninism?," 1924
- "On Lenin and Leninism," May 1924
- "The new Russian policy", John Day (1931)
- "Dialectical and Historical Materialism," 1938
- "The History of the Communist Party of the Soviet Union," 1938
- "The Questions of Leninism," 1946
- "Marxism and Problems of Linguistics," 1950
- "Economic Problems of Socialism in the U.S.S.R.," 1952
- Works. Volume 1–13: Foreign Languages Publishing House, Moscow, 1950s/"Volume 14": Red Star Press, London 1978
پنهنجي جوانيءَ ۾ اسٽالن سٺن شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو. هن جا ڪجهه نظمَ Ilia Chavchavadze's journal Iveria ۾ ڇپيا ۽ پوءِ مرَتب ڪيا ويا.
Decorations and awards
[سنواريو]- Hero of the Soviet Union
- Hero of Socialist Labour
- Order of Victory, twice
- Order of the Red Banner, three times
- Jubilee Medal "XX Years of the Workers' and Peasants' Red Army"
- Order of Lenin, three times (1939, 1945 and 1949)
- Order of Suvorov, 1st class
- Medal "For the Defence of Moscow"
- Medal "For the Victory over Germany in the Great Patriotic War 1941–1945"
- Medal "For the Victory over Japan"
- Medal "In Commemoration of the 800th Anniversary of Moscow"
- Order of Sukhbaatar, twice (Mongolia)
- Medal "For the Victory over Japan" (Mongolia)
- Medal "25 years of the Mongolian People's Revolution" (Mongolia)
- Hero of the Mongolian People's Republic (Mongolia)
- Order of the Red Star, three times
- Czechoslovak War Cross 1939-1945, three times
- Order of the White Lion, 5th class and 1st class (Czechoslovakia)
Notes
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/stalin-jossif — subject named as: Jossif Stalin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 2.0 2.1 Gran Enciclopèdia Catalana ID (former scheme): https://www.enciclopedia.cat/ec-gec-0064015.xml — subject named as: Josif Stalin — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia
- ↑ 3.0 3.1 Roglo person ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=7929&url_prefix=https://roglo.eu/roglo?&id=p=iossif;n=djougachvili — subject named as: Iossif Djougachvili
- ↑ 4.0 4.1 4.2 BeWeb person ID: https://www.beweb.chiesacattolica.it/persone/persona/1990/ — اخذ شدہ بتاریخ: 14 فيبروري 2021
- ↑ 5.0 5.1 5.2 https://cs.isabart.org/person/15742 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 اپريل 2021
- ↑ 6.0 6.1 Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000000067 — subject named as: Josef W. Stalin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ مدیر: Alexander Prokhorov — عنوان : Большая советская энциклопедия — اشاعتسوم — باب: Сталин Иосиф Виссарионович — ناشر: The Great Russian Encyclopedia
- ↑ http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11925406n — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Joseph-Stalin — subject named as: Joseph Stalin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
- ↑ Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/970 — subject named as: Josef Stalin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ subject named as: Josef Stalin — Filmportal ID: https://www.filmportal.de/26e5a4e4a9ff4338b47335c33c6d16fa — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ full work available at URL: http://bsk.nios.ru/enciklopediya — مدیر: Vladimir Lamin — عنوان : Историческая энциклопедия Сибири — ISBN 5-8402-0230-4
- ↑ http://www.infoplease.com/encyclopedia/science/agrarian-reform-history.html
- ↑ http://www.nytimes.com/2005/12/13/books/13kaku.html
- ↑ Guardian topic ID: https://www.theguardian.com/world/2013/dec/19/russia-leader-vladimir-putin-cromwell-stalin
- ↑ http://www.independent.co.uk/arts-entertainment/films/soviet-film-classics-find-new-life-on-youtube-2277645.html
- ↑ Encyclopædia Britannica — مصنف: Andrew Bell — ناشر: Encyclopædia Britannica Inc.
- ↑ http://www.comicvine.com/josef-stalin/4005-28624/images/
- ↑ http://www.comicvine.com/josef-stalin/4005-28624/videos/
- ↑ http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11925406n — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=jn19990210582 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 مارچ 2022
- ↑ CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/6689379
- ↑ اسٽالن | Indus Asia Online Blog, وقت 2022-01-24 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-01-03
- مضمون جن ۾ ڪاتالان ٻولي جو متن شامل آھي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- مضمون جن ۾ روسي ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ لاطيني ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ انگريزي ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ جارجيائي ٻولي جو متن شامل آھي
- 1878ع جون پيدائشون
- 18 ڊسمبر جون پیدائشون
- صفحات مع وڪي ڊيٽا حوالو
- 1953ع جون وفاتون
- 5 مارچ جون پیدائشون
- رهائش وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- دلچسپي وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- مؤثر شخصيتون وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- صفحا ساڻ خاصيت P945
- Imdb ڳنڍڻو وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- شخصيتون
- روس
- سياست
- 1953ع جون فوتگيون
- جارجيا (ملڪ) جا سياستدان