ڪيهر شوڪت
ڪيهر شوڪت | |
|---|---|
| ڄمڻ | فيبروري 02 1952ء دادو ضلعو، صوبو سنڌ، پاڪستان |
| وفات | اپريل 23 1999ء ڪراچي، پاڪستان |
| آرامگاه | لاڙڪاڻو، پاڪستان |
| قلمی نالو | ڪيهر شوڪت |
| پيشو | افسانہ نگار، ڊراما نويس، شاعر |
| ٻولي | سنڌي، اردو |
| شهريت | |
| تعليم | ايل ايل بي ايم اي (سنڌي) |
| مادرِ علم | ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي سنڌ يونيورسٽي |
| صنف | ڊرامو، افسانو |
| نمايان ڪم | پل تي ويٺل نوجوان |
ڪيهر شوڪت (پيدائش: 2 فيبروري، 1952ع - وفات: 23 اپريل، 1999ع) پاڪستان جي صوبي سنڌ سان تعلق رکندڙ سنڌي ۽ اردو زبان جو افسانہ نگار، ڊراما نويس ۽ شاعر هيو۔
حالات زندگي
[سنواريو]ڪيهر شوڪت 2 فيبروري، 1952ع تي دادو ضلعو، صوبو سنڌ، پاڪستان ۾ پيدا ٿيو[1][2]۔ سندن آبائي ڳوٺ آگاڻي آهي، جيڪو لاڙڪاڻو ضلعو ۾ واقع آهي۔ سندن والد غلام عباس پنهنجي روزگار جي سبب کان دادو ضلعو ۾ رهندو هيو۔[3]
تعلیم
[سنواريو]1970ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو. ايم.اي سنڌي، ايم.اي انٽرنيشنل ريليشنز ۽ ايل.ايل. بي ڪيائين.
ملازمت
[سنواريو]شروعات ۾ سنڌي استاد طور ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين. 1990ع م کيس قانون کاتي ۾ سرڪاري وڪيل جي نوڪري ملي ۽ 1998ع ۾ ڊپٽي اٽارني جي عھدي تي ترقي ملي.
ادبي ۽ فني خدمتون
[سنواريو]پاڻ ڪھاڻيڪارن سان گڏ ڊراما نويس به هيو، يادگار ڊرامن ۾ انتھا، سج گرهڻ ۽ اڪيلو ماڻهو وغيره شامل آهن. سندس ڇپيل ڪھاڻين جو مجموعو ”پُل تي ويٺل هڪ نوجوان“ هڪ يادگار آهي.
وفات
[سنواريو]ڪيهر شوڪت 23 اپريل، 1999ع ڇنڇر ڏينھن 7- محرم 1419 هجري تي ڪراچي، پاڪستان ۾ وفات ڪري ويو۔ هو لاڙڪاڻو ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ مٽي حوالي ٿيو۔[1][2]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 ڊراما رائيٽر ڪيهر شوڪت جي ياد ۾، لياقت راڄپر، روزنامو ايڪسپريس، ڪراچي، 28 اپريل 2015ع
- 1 2 ص 836، پاڪستان ڪرونيڪل، عقيل عباس جعفري، ورثہ / فضلي سنز، ڪراچي، 2010ع
- ↑ Sindhipeoples (2012-08-17). "سنڌي شخصيتون: ڪيهر شوڪت - رضوان گل". سنڌي شخصيتون. 2019-11-16 تي حاصل ڪيل.