مواد ڏانھن هلو

ڪيهر شوڪت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪيهر شوڪت

قلمي نالو
ڪيهر شوڪت
حياتياتي معلومات
ڄمڻ
فيبروري 02 1952(1952-02-02)ء
دادو ضلعو، صوبو سنڌ، پاڪستان
وفات
اپريل 23 1999(1999-04-23)ء
ڪراچي، پاڪستان
آرامگاه
لاڙڪاڻو، پاڪستان
پيشو
افسانہ نگار، ڊراما نويس، شاعر
ٻولي
سنڌي، اردو
صنف
ڊرامو، افسانو
شهريتپاڪستانپاڪستاني
علمي ۽ ادبي زندگي
تعليمايل ايل بي
ايم اي (سنڌي)
مادرِ علمايس ايم لا ڪاليج ڪراچي
سنڌ يونيورسٽي

📖 نمايان تصنيفون

پل تي ويٺل نوجوان


ڪيهر شوڪت (پيدائش: 2 فيبروري، 1952ع - وفات: 23 اپريل، 1999ع) پاڪستان جي صوبي سنڌ سان تعلق رکندڙ سنڌي ۽ اردو زبان جو افسانہ نگار، ڊراما نويس ۽ شاعر هيو۔

حالات زندگي

[سنواريو]

ڪيهر شوڪت 2 فيبروري، 1952ع تي دادو ضلعو، صوبو سنڌ، پاڪستان ۾ پيدا ٿيو[1][2]۔ سندن آبائي ڳوٺ آگاڻي آهي، جيڪو لاڙڪاڻو ضلعو ۾ واقع آهي۔ سندن والد غلام عباس پنهنجي روزگار جي سبب کان دادو ضلعو ۾ رهندو هيو۔[3]

تعلیم

[سنواريو]

1970ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو. ايم.اي سنڌي، ايم.اي انٽرنيشنل ريليشنز ۽ ايل.ايل. بي ڪيائين.

ملازمت

[سنواريو]

شروعات ۾ سنڌي استاد طور ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين. 1990ع م کيس قانون کاتي ۾ سرڪاري وڪيل جي نوڪري ملي ۽ 1998ع ۾ ڊپٽي اٽارني جي عھدي تي ترقي ملي.

ادبي ۽ فني خدمتون

[سنواريو]

پاڻ ڪھاڻيڪارن سان گڏ ڊراما نويس به هيو، يادگار ڊرامن ۾ انتھا، سج گرهڻ ۽ اڪيلو ماڻهو وغيره شامل آهن. سندس ڇپيل ڪھاڻين جو مجموعو ”پُل تي ويٺل هڪ نوجوان“ هڪ يادگار آهي.

وفات

[سنواريو]

ڪيهر شوڪت 23 اپريل، 1999ع ڇنڇر ڏينھن 7- محرم 1419 هجري تي ڪراچي، پاڪستان ۾ وفات ڪري ويو۔ هو لاڙڪاڻو ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ مٽي حوالي ٿيو۔[1][2]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 ڊراما رائيٽر ڪيهر شوڪت جي ياد ۾، لياقت راڄپر، روزنامو ايڪسپريس، ڪراچي، 28 اپريل 2015ع
  2. 1 2 ص 836، پاڪستان ڪرونيڪل، عقيل عباس جعفري، ورثہ / فضلي سنز، ڪراچي، 2010ع
  3. ↑ Sindhipeoples (2012-08-17). "سنڌي شخصيتون: ڪيهر شوڪت - رضوان گل". سنڌي شخصيتون. 2019-11-16 تي حاصل ڪيل.