آذربائيجاني ناٽڪ ناچ
| آذربائيجان جي موسيقي | |
|---|---|
| ونهواري موضوع | |
| * آذربائيجاني ناچ | |
| صنفون | |
| * ڪلاسيڪل | |
| خاص رسمون | |
| روايتي موسيقي | * آذربائيجياني موسيقي ڳائيندڙن جو هڪ قسم عاشيق |
| ذيلي-صنفون | * جاز مغم |
| ميڊيا ۽ ميلا ملاکڙا | |
| ميوزڪ فيسٽولز | * گبالا موسيقي ميلو |
| ميوزڪ ميڊيا | آذري ثقافت ڏيکاريندڙ سرڪاري ٽي وي |
| قومي ۽ محب وطن گيت | |
| قومي ڀڄن (تَرانو) | مارچ آف آذربائيجان |
آذربائيجاني ناٽڪ ناچ (انگريزي ٻولي: Azerbaijani ballet) (آذربائيجاني: Azərbaycan baleti ) آذربائيجان ۾ ڪلاسيڪي ناٽڪ ناچ (بيلئٽ) ۾ ڏيکاريل تربيتي طريقا ۽ جمالياتي خصوصيتون آهن.
تاريخ
[سنواريو]افسرياب بادلبيلي جي تخليق ڪيل ميڊن ٽاور (بيلئيٽ) سان آذربائيجاني ناٽڪ ناچ جي شروعات 1940 ۾ ٿي هئي.[1] ان عرصي دوران، ناٽڪ ناچ (بيليٽ) آذربائيجان جي تماشائين جي لاءِ هڪ نئون صنف هئي، پر "ميڊن ٽاور" شوقينن جي هڪ وڏي تعداد کي راغب ڪيو. ان ناٽڪ ۾ خاص طور تي پهرئين آذربائيجان بالرينا، گامار الماسزادا، ان وقت ۾ بداللبيلي جي زال شامل هيا.[2] ٻيو بيليٽ 1950 ۾ سولطان حاجيبايوف پاران لکيل گلشن ناٽڪي ناچ (بيليٽ) آذربائيجان اسٽيٽ اڪيڊمڪ اوپيرا ۽ بيليٽ ٿيٽر ۾ ڪامياب ٿيو هيو.[3] آذربائيجاني ناٽڪ ناچ (باليٽ) گارا گارايف جي ٻن ناٽڪ ناچ (باليٽ) : سيون بيوٽيز ۽ گجگوڙ جي واٽ جي ٿورن سان آذربائيجان کان ٻاهر مشهور ماڻي هئي.[4]
ناچڻيون (ڊانسرز) جهڙوڪ گمار الماسزاده، ليلا واڪيلووا، ڪانسٽنتن باتاشوف، رفاگا/رفيگا آخوندوا، ولاديمير پليانوف ۽ چنماز/چمناز بابائيفا/بيبييوفا آذربائيجان جي بيليٽ ۾ وڏيون ڀاڱيداريون ادا ڪيون.[5][6] ان سان گڏوگڏ، هدايت ڪار جهڙوڪ اسماعيل هدايت زادي، مهدي ممادوف، عادل اسگنداروف، سلطان داداشوف ۽ فردين صفاروف ۽ ڪنڊڪٽرز جهڙوڪ نيازي، اشرف حسنوف، احد اسرائفيلزاده، رئوف عبدالعيف ۽ ڪمال عبدليوف پڻ آذربائيجان جي ناٽڪ ناچ (بيليٽ) جي واڌاري ۾ اهم ڀاڱيداريون نڀايون.[6]
پنهنجي پيءُ جي اعتراضن باوجود، گمار پنهنجي بيليٽ جي تربيت تي عمل جاري رکيو ۽ آذربائيجان جي پهرين عالمي سطح جي بالرينا بڻجي وئي. 1940 ۾، 25 سال جي عمر ۾، هن آذربائيجان جي پهرين ناٽڪ ناڍ (بيليٽ) "ميڊن ٽاور" (گزي گلسيسي) جي پریمريئر ۾ مُکيا ڪردار نڀايو.[7]
1969 ۾، پيرس جي چیمپ-ايلسيس تي منعقد بين الاقوامي ناچ فيسٽيول ۾ پيرس ڊانس اڪيڊمي پاران آذربائيجان اسٽيٽ اڪيڊمڪ اوپيرا ۽ بيليٽ ٿيٽر جي ڊانسرز کي هڪ ڊپلوما سان نوازيو ويو. [8]
2010 ۾، آذربائيجان اسٽيٽ اڪيڊمڪ اوپيرا ۽ بيليٽ ٿيٽر پنهنجي 100هين ورسي ملهائي.[9]
13 آڪٽوبر 2014 تي، سان ڊياگو، ڪيليفورنيا آمريڪا ۾ سان ڊياگو سوڪ ٿيٽر تي گارايوف جي ناٽڪ ناچ (بيلٽ) "ست سُهڻيون" جو پريميئر ٿيو.[10][11]
مشهور ناٽڪي ناچ
[سنواريو]آذربائيجاني ادب جي ذخيري ۾ سڀ کان اهم ناٽڪ ناچ (بيلئٽ) هيٺئين ريت آهن:
- ميڊن ٽاور Maiden Tower افسرياب بادلبيلي
- کِلندڙ ماڻهو (سمائلنگ مين Smiling Man) افسرياب بادلبيلي پاران
- گراجا Garaja افسرياب بادلبيلي پاران
- تارلن Tarlan (ٻاراڻو بيلئٽ) افسرياب بادلبيلي
- ست سُندريون (سيون بيوٽيزSeven Beauties) گارا گرايوف پاران
- گجگوڙ جي واٽ (دي پاٿ آف ٿنڊر The Path of Thunder) گارا گارايف پاران
- ليلي مجنون Leyli and Majnun گارا گرايوف پاران
- عربي راتيون (عربئين نائٽسArabian Nights) فڪريت اميروف پاران
- نظامي Nizami فڪريت اميروف پاران
- دي ليجنڊ آف ناسيمي The Legend of Nasimi فڪريت اميروف پاران
- ڪاسپيئن فاتح (ڪيسپيئن ڪانڪرورز Caspian Conquerors) فڪريت اميروف پاران
- دي ليجنڊ آف لووThe Legend of Love عارف الملڪف پاران
- موت کان وڏيڪ سگهارو (اسٽرانگر ديئن ڊيٿ Stronger than Death) عارف الملڪف پاران
- جوڙو يا جاڙا (Twain) عارف الملڪف پاران
- ٻن دلين جو نظم (پوئيم آف ٽو هارٽس Poem of the Two Hearts) عارف الملڪف پاران
- بگا ۽ ڪارا (وائٽس ائنڊ بليڪس Whites and Blacks) خيام ميرزازاده
- پريتم ۽ موت Love and Death پولاد بلبيلوغلو پاران
نامور ناچو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Müsəlman Şərqində ilk balet", ocaz.eu (ٻولي ۾ Azerbaijani), اصل کان 8 August 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 November 2019۔
- ↑ Shahverdiyev, Karim, "Azərbaycan baletini yaradısı, səhnəmizin şahzadəsi Qəmər xanım Almaszadə", www.musigi-dunya.az (ٻولي ۾ Azerbaijani), حاصل ڪيل 30 November 2019۔
- ↑ Almaszade, Gamar, "My Life as Azerbaijan's First Ballerina", www.azer.com, آذربائيجان انٽرنيشنل, حاصل ڪيل 30 November 2019۔
- ↑ Sharifov, Azad, "Remembering Gara Garayev", www.azer.com, حاصل ڪيل 30 November 2019۔
- ↑ "Qəmər Almaszadə". adam.az. http://adam.az/index.php?option=com_sobi2&sobi2Task=sobi2Details&sobi2Id=844&Itemid=53.
- 1 2 www.ballet-enc.ru (ٻولي ۾ Russian) http://www.ballet-enc.ru/html/a/azerbaydjanskiy-balet.html
|url=عنوان غائب (مدد), حاصل ڪيل 30 November 2019۔ - ↑ "10.3 Memories - Center Stage: My Life as Azerbaijan's First Ballerina by Gamar Almaszade", www.azer.com, حاصل ڪيل 30 نومبر 2019۔
- ↑ www.belcanto.ru (ٻولي ۾ Russian) http://www.belcanto.ru/azer.html
|url=عنوان غائب (مدد), حاصل ڪيل 30 November 2019۔ - ↑ Maclachlan, Fiona, "Happy Hundredth! Azerbaijan’s State Theatre of Opera and Ballet Approaches its Centenary", www.visions.az, حاصل ڪيل 30 November 2019۔
- ↑ Gusman, Carolina, "SD Ballet premieres 'Seven Beauties'", www.utsandiego.com, حاصل ڪيل 30 November 2019۔
- ↑ "Azerbaijani Ballet 'Seven Beauties' premieres in the United States to great acclaim", www.prnewswire.com, حاصل ڪيل 30 November 2019۔