آذربائيجاني منات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آذربائيجاني منات
Azərbaycan manatı  (آذربائيجاني)
1 منات بئنڪ نوٽ (سِڪي جو سبتو پاسو)آذربائيجاني منات جا سڪا
ISO 4217
آء ايس او ڪوڊ AZN
نوٽن جا قسم
ذيلي ايڪو
 1/100 qəpik
جمع The language(s) of this currency do(es) not have a morphological plural distinction.
ڪرنسي جو نشان
بينڪ نوٽ 1, 5, 10, 20, 50, 100, 200 manat
سڪا 1, 3, 5, 10, 20, 50 qəpik
شماریاتی تعارف
سرڪاري استعمال وارا ملڪ  آذربائيجان
جاري ٿيو
مرڪزي بئنڪ سنٽرل بينڪ آف آذربائيجان
 ويب سائيٽ www.cbar.az
ڪرنسي جو ملھ
ناڻي جو ڦھلاء 3% H1 2018
 Source MENAFN
  ناڻي جي ڦھلاء جو طريقو CPI


منات ((ڪوڊ: AZN؛ نشاني: ₼) آذربائیجان جو سڪو (ڪرنسي) آهي. هي 100 ڪيوپڪ ۾ ورهايل آهي. آذربائيجاني منات جي نشاني، ₼ ()، 2013 ۾ يونيڪوڊ U+20BC تي لڳائي وئي هئي. هڪ لوئر ڪيس ايم m مينات جي نشاني لاءِ متبادل طور استعمال ڪري سگهجي ٿي.


اشتقاق[سنواريو]

لفظ منات "مونيتا" (لاطيني مونٽائي) مان نڪتل لفظ آهي جيڪو رومن ديومالا (ڏندڪٿا) ۾، ھڪڙو لقب ٻن الڳ ديوين کي ڏنو ويو هيو: يادگيري جي ديوي. آخر ۾ ذڪر ڪيل نالو انگريزي ۽ رومن ٻولين ۾ لفظن "ڏوڪڙ يا پئسا" ۽ "سڪا ٺاهڻ" سميت ڪيترن ئي لفظن جو ذريعو آهي. منات ٻنهين آذربائيجاني ۽ ترڪمين ٻولين ۾ سوويت روبيل جو نالو پڻ هيو.

پهريون منات، 1919-1923[سنواريو]

آذربائیجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ۽ ان جو جانشين آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ پنهنجي ڪرنسي کي 1919 ۽ 1923 جي وچ ۾ جاري ڪيو. ڪرنسي کي آذربائيجاني ۾ منات ۽ روسي ۾ روبل (рубль) سڏيو ويندو هو، ٻنهي ٻولين (۽ ڪڏهن ڪڏهن فرانسيسي ۾) بينڪ نوٽن تي لکيو ويندو هيو. آذربائيجان کي ٽرانسڪاڪيشين سوويت فيڊرل سوشلسٽ ريپبلڪ جو حصو بڻجڻ کانپوءِ منات پهرئين ٽرانسڪاڪيشين روبل کي برابر تي مٽايو ۽ ٻئي ٽرانسڪاڪيشين روبل جي جگهہ ورتائين. ڪوبه ذيلي ورهاست جاري نه ڪئي وئي هئي، ۽ ڪرنسي رُڳو موجوده بينڪ نوٽن موجود رهي.

بينڪ نوٽ[سنواريو]

ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ 25، 50، 100، 250 ۽ 500 منات جا نوٽ جاري ڪيا، جڏهن ته سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ 5; 100; 1,000; 5,000; 10,000; 25,000; 50,000; 100,000; 250,000; 1 ملين ۽ 5 ملين منات جا نوٽ جاري ڪيا.

ٻيو منات، 1992-2006[سنواريو]

ٻيو منات 15 آگسٽ 1992 تي سامهون آندو ويو.[1]


سڪا[سنواريو]

Qəpik coins of the second manat

بينڪ نوٽ[سنواريو]

ان ڪرنسيءَ لاءِ هيٺيان بينڪ نوٽ جاري ڪيا ويا هيا

  • 1، 5، 10، 250 منات (سڀ کان پهرين 15 آگسٽ 1992 تي جاري ڪيا ويا)
  • 50، 100، 500، 1000 منات (سڀ کان پهرين 1993 جي شروعات ۾ جاري ڪيا ويا)
  • 10،000 10،000 منات (پهريون ڀيرو آگسٽ 1994 ۾ جاري ڪيا ويا)
  • 50،000 مينات (پهرين ڀيرو 1996 ۾ جاري ڪيل)

بئنڪ نوٽ گڏ ماليت 1 کان 250 جي ماليت کان باڪو جي ميڊن ٽاور مٿي ڏيکاريل آهن.


ٽيون منات، 2006[سنواريو]

نشاني[سنواريو]

نوان بینڪ نوٽ ۽ آذربائيجاني منات نشاني، ₼، 2006 ۾ رابرٽ ڪالينا پاران نقشو ٺهيل هئو، ۽ 2008 ۽ 2011 جي وچ ۾ واڌرو پروپوزل ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ان نشانيءَ کي يونيڪوڊ (يو+20 بي سي U+20BC) ۾ 2013 ۾ شامل ڪيو ويو. [2]

سڪا[سنواريو]

گردش ۾ موجود سڪا 1، 3، 5، 10، 20 ۽ 50 ڪيوپيڪ آهن. ڪيترائي سڪا خاص طور تي ٻه ڌاتي (بائميٽالڪ) 50 ڪيوپڪ qəpik (سڪو €2 وانگر) ۽ 10 ڪيوپڪ (اسپيني گلن، جهڙوڪ 20 يورو سينٽ سڪا وانگر) مختلف يورو سڪن جي  ماپو ۽ شڪل سان ملندڙ جُلندڙ آهن. جنوري 2006 ع ۾ پهريون ڀيرو سڪا گردش ۾ رکيا ويا ۽ ان ۾ ٽڪسال جو سال ناهي هوندو.

تصوير قيمت ٽيڪنيڪي پيراميٽرز وضاحت
سِڪي جو سبتو پاسو سِڪي جو ابتو پاسو قطر ماپو رچنا ڪنڊ سِڪي جو سبتو پاسو ابتو
1 qəpik 16.25 mm 2.8 g Copper-plated steel Plain Map of Azerbaijan, country name, value Traditional musical instruments, denomination left
3 qəpik 18 mm 3.45 g Smooth with a groove Books and quill, denomination above
5 qəpik 19.75 mm 4.85 g Reeded The Maiden Tower, denomination below
10 qəpik 22.25 mm 5.1 g Brass-plated steel Smooth with seven indentations Ancient military helmet of the region of Nagorno-Karabakh, denomination left
20 qəpik 24.25 mm 6.6 g Segmented reeding Spiral staircase, Geometry & Geometrical symbols, denomination left
50 qəpik 25.5 mm 7.7 g Bi-Metallic Brass plated Steel center in Stainless Steel ring Reeding over lettering (AZƏRBAYCAN RESPUBLIKASI) Two oil wells, denomination left


بينڪ نوٽ[سنواريو]

گردش ۾ بينڪ نوٽ 1، 5، 10، 20، 50، 100، ۽ 200 منات شامل آهن. اهي آسٽريئين (آسٽريا جو) بينڪ نوٽ ڊزائنر رابرٽ ڪالينا پاران ڊزائن ٺهيل هئا، جيڪو يورو ۽ شام جي پائونڊ جي موجوده بئنڪ نوٽن کي پڻ ڪندو آهي.

2018 ۾، حيدر عليئيف جي 95 هين سالگرهہ ملهائڻ لاءِ 200 منات جا بينڪ نوٽ جاري ڪيا ويا.[3]

تصوير قيمت پکيڙ مُکيا رَنگُ وضاحت ورهيه
سِڪي جو سبتو پاسو سِڪي جو اونڌو پاسو سِڪي جو سبتو پاسو سِڪي جو ابتو پاسو
1 ₼ 120 × 70 mm Grey Theme: Culture

Azerbaijani folk music instruments (daf, kamancheh, tar)

Ornaments of ancient Azerbaijani carpets 2005
2009, 2017
5 ₼ 127 × 70 mm Orange Theme: Writing and literature

Ancient writers, poets, and books from Azerbaijan, with a written excerpt of the national anthem and letters from the contemporary Azerbaijani alphabet

Rock drawings of Gobustan, samples of Old Turkic script 2005
2009, 2017
10 ₼ 134 × 70 mm Teal Theme: History

Old Baku, the Palace of the Shirvanshahs and the Maiden Tower against a background of the Icheri Sheher wall

Ornaments of ancient Azerbaijani carpets 2005
2018
20 ₼ 141 × 70 mm Green Theme: Karabakh

Signs of power (a sword, a helmet and a shield)

Symbol of peace (harybulbul) 2005
50 ₼ 148 × 70 mm Yellow Theme: History and future

Youth, stairs (as a symbol of progress), the sun (as a symbol of force and light) and chemical and mathematical symbols (as signs of science)

Ornaments of ancient Azerbaijani carpets 2005
100 ₼ 155 × 70 mm Mauve Theme: Economy and development

Architectural symbols from antiquity up to today, the manat currency symbol (₼) and symbols of economic growth

Ornaments of ancient Azerbaijani carpets 2005
2013
200 ₼ 160 × 70 mm Blue Theme: Modern architecture

The Heydar Aliyev Center, Baku

Ornaments of ancient Azerbaijani carpets 2018

سڪي جي مٽا سٽا جا اگهه[سنواريو]

  • فيبروري 2015 کان اڳ: $1 = 0.8 AZN
  • فيبروري - ڊسمبر 2015: $1 = 1.05 AZN
  • ڊسمبر 2015 - اپريل 2017: آزاد روان(جاري)
  • مئي 2017 کان اڳتي: $1 = 1.7 AZN
روان AZN سڪي جي مٽا سٽا جا اگهه
گوگل فنانس وٽان: AUD CAD CHF EUR GBP HKD JPY USD RUB TRY GEL
ياهو! فنانس وٽان: AUD CAD CHF EUR GBP HKD JPY USD RUB TRY GEL
ايڪس اي وٽان: AUD CAD CHF EUR GBP HKD JPY USD RUB TRY GEL
اونڊا وٽان: AUD CAD CHF EUR GBP HKD JPY USD RUB TRY GEL
ايف ايڪس ٽاپ ڊاٽ ڪام وٽان: AUD CAD CHF EUR GBP HKD JPY USD RUB TRY GEL

حوالا[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]