ڪراچي جا ٽائون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان جي صوبي سنڌ جو صوبائي گاديءِ جو ھنڌ ڪراچي انتظامي طور تي ھاڻي ڇھن ضلعن ۾ ورھايل آھي. 2000 کان اڳ انھن ضلعن جو تعداد پنج ھيو جن ۾ ڪراچي ڏکڻ ضلعو، ڪراچي اوڀر ضلعو، ڪراچي سينٽرل ضلعو، ڪراچي اولھ ضلعو ۽ ملير ضلعو شامل ھيا.14 آگسٽ 2000 ۾ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت مڪاني حڪومتن واري سڌارن ذريعي جيڪو ناظمن وارو نئون نظام متعارف ڪرايو ان تحت ڪراچي ۾ اھي پنج ضلعا ختم ڪري شھري حڪومت قائم ڪئي جنھن ۾ ڪراچي شھر کي نئين انتظامي يونٽن ۾ ورھايو ويو جن کي ٽائون سڏيو ويو. ڪراچي جي شھري حڪومت م 18 انتظامي ٽائون ٺاھيا ويا ۽ ڪراچي جون 6 ڇانوڻين ان کان علاوه ھيون. انھن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

ڪراچي جا اڳوڻا ٽائون
نمبر ٽائون نمبر ٽائون
1 لياري ٽائون 2 صدر ٽائون
3 جمشيد ٽائون 4 گڏاپ ٽائون
5 سائيٽ ٽائون 6 ڪياماڙي ٽائون
7 شاھ فيصل ٽائون 8 ڪورنگي ٽائون
9 لانڍي ٽائون 10 بن قاسم ٽائون
11 ملير ٽائون 12 گلشن ٽائون
13 لياقت آباد ٽائون 14 نارٿ ناظم آباد ٽائون
15 گلبرگ ٽائون 16 نيو ڪراچي ٽائون
17 اورنگي ٽائون 18 بلديہ ٽائون

تاريخ 11 جنوري 2011 تي سنڌ حڪومت مڪاني حڪومتن جو نئون قانون نافذ ڪري ناظمن واري نظام سان گڏوگڏ شھري حڪومت جي نظام کي ختم ڪري ڪراچي م پراڻن پنجن ضلعن کي بحال ڪري ڇڏيو. ڪراچي ورھاست اھڙي طرح ضلعن ۽ سب ڊويزنن يا تعلقن ۾ ڪري پراڻو نظام بحال ڪيو ويو ۽ 2013 ۾ ڪراچي ۾ ھڪ نئون ڪورنگي ضلعو پڻ قائم ڪيو ويو. تعلقن ۽ يا سب ڊويزنن کي وري يونين ڪاؤنسلن م ورھايو ويو.

ڇانوڻيون[سنواريو]

نمبر ڇانوڻي ضلعو
1 ڪراچي ڇانوڻي ڪراچي ڏکڻ
2 ڪلفٽن ڇانوڻي ڪراچي ڏکڻ
3 ڪورنگي ڪريڪ
ڇانوڻي
ڪورنگي ضلعو
4 فيصل ڇانوڻي ڪراچي اوڀر
5 ملير ڇانوڻي ملير ضلعو
6 منوڙو ڇانوڻي ڪراچي اولھ

يونين ڪائونسلون[سنواريو]

شھري حڪومت جي ناظمن واري پراڻي نظام ۾ 18 ٽائون وڌيڪ يونين ڪائونسلن ۾ ورھايل ھئا. ڪراچي ۾ ڪل 178 يونين ڪائونسلون آھن[1]۔ جن جي فھرست ھيٺ ڏنل آھي [2][3]:


ڪياماڙي ٽائون
  • گابوپٽ
  • ماڙي پور
  • شير شاھ
  • مڇر ڪالوني
  • بابا ڀٽ
  • ڪياماڙي
  • سلطان آباد
  • ڀٽہ وليج
  • اسلام نگر
  • نئين آبادي
  • سعيد آباد
  • مھاجر ڪيمپ
  • مسلم مجاھد ڪالوني
  • رشيد آباد
  • گلشن غازي
  • اتحاد ٽائون

اورنگي ٽائون

  • چشتي نگر
  • غازي آباد
  • بلال ڪالوني
  • اسلام چوڪ
  • مدينا ڪالوني
  • محمد نگر
  • گبول ڪالوني
  • حنیف آباد
  • ھریانہ کالونی
  • آزاد نگر
  • مجاہد آباد
  • دادا نگر
  • بلوچ ڳوٺ

سائيٽ ٽائونن

  • اسلاميہ ڪالوني
  • قصبہ ڪالوني
  • بنارس ڪالوني
  • باواني چالي
  • فرنٽيئر ڪالوني
  • ميٽروويل
  • جھان آباد
  • پاڪ ڪالوني
  • پراڻو گوليمار

لياري ٽائون

  • آگرا تاج ڪالوني
  • بھار ڪالوني
  • رانگيواڙا
  • سنگو لين
  • علامہ اقبال ڪالوني
  • چاڪيواڙا
  • شاھ بيگ لين
  • دريا آباد
  • نوا آباد
  • کڍا ميمڻ
  • بغدادي

صدر ٽائون

  • گارڊن
  • ملت نگر
  • گزدر آباد
  • پراڻو حاجي ڪيمپ
  • نانڪ واڙو
  • کارادر
  • سٽي ريلوي ڪالوني
  • صدر
  • سول لائنز
  • ڪلفٽن
  • ڪھڪشان

اتر ناظم آباد ٽائون

  • بفر زون 1
  • بفر زون 2
  • پاپوش نگر
  • پھاڙ گنج
  • حيدري
  • سخي حسن
  • شادمان ٽائون
  • فاروق اعظم
  • کنڊو ڳوٺ
  • نصرت ڀٽو ڪالوني

گلبرگ ٽائون

  • انچولي
  • شفيق مل ڪالوني
  • عائشہ منزل
  • عزيز آباد
  • ڪريم آباد
  • نصير آباد
  • واٽر پمپ
  • ياسين آباد

لياقت آباد ٽائون

  • عباسي شھيد
  • ناظم آباد (نمبر ھڪ، ٻہ، ٽي، چار ۽ پنج)
  • رضويہ سوسائٽي
  • فردوس ڪالوني
  • مجاھد ڪالوني
  • ڪمرشل ايريا
  • سپر مارڪيٽ
  • ڈاڪ خانہ
  • قاسم آباد
  • بنڌاڻي ڪالوني
  • شريف آباد

نئين ڪراچي ٽائون

  • شاھ نواز ڀٽو ڪالوني
  • گلشن سعيد
  • خواجہ اجمير نگري
  • ڪليانہ
  • سر سيد ڪالوني
  • فاطمہ جناح ڪالوني
  • ابو ظفر غفاري
  • حڪيم احسن
  • فيصل ڪالوني
  • مصطفيٰ ڪالوني
  • ڪليانہ خميسو ڳوٺ
  • مدينہ ڪالوني
  • گوڌرا ڪالوني

جمشيد ٽائون

  • اختر ڪالوني
  • اعظم بستي
  • پاڪستان ڪواٽررز
  • پي اي سي ايڇ ايس 1
  • پي اي سي ايڇ ايس 2
  • جمشيد ڪوارٽرز
  • جٽ لائنز
  • جيڪب لائنز
  • چنيسر ڳوٺ
  • سولجر بازار
  • گارڊن ايسٽ
  • محمود آباد
  • منظور ڪالونی

گلشن اقبال ٽائون

  • صفورا ڳوٺ
  • گلزار ہجري
  • ميٽروويل ڪالوني
  • پھلوان ڳوٺ
  • گلشن اقبال 2
  • جمالي ڪالوني
  • شانتي نگر
  • گيلاني ريلوي اسٽيشن
  • دھلي مرڪنٽائل سوسائٽي
  • سوڪ سينٽر
  • عيسيٰ نگري
  • پي آءِ بي ڪالوني
  • گلشن اقبال 1

ڪورنگي ٽائون

  • بلال ڪالوني
  • چڪرا ڳوٺ
  • سلور ٽائون
  • سو ڪوارٽرز
  • ڪورنگي سيڪٽر 33
  • گلزار ڪالوني
  • حسرت موھاني ڪالوني

شاھ فيصل ٽائون

  • ناٿا خان ڳوٺ
  • پاڪ سادات ڪالوني
  • ڊرگ ڪالوني
  • موريا خان ڳوٺ
  • ريتہ پلاٽ
  • رفاھ عام
  • الفلاح سوسائٽي

لانڍي ٽائون

  • شرافي ڳوٺ
  • عوامي ڪالوني
  • برمي ڪالوني
  • شير پائو ڪالوني
  • ڪورنگي
  • اجمير نگر
  • ڀٽو نگر
  • معين آباد
  • دائود چورنگي
  • مسلم آباد
  • مظفر آباد

ملير ٽائون

  • ماڊل ڪالوني
  • ڪالا بورڊ
  • سعود آباد
  • کوکراپار
  • جعفر طيار
  • غريب آباد
  • غازي بروھي

گڏاپ ٽائون

  • گڏاپ
  • درسانڻو ڇنو
  • مراد ميمڻ
  • گجرو
  • گلشن معمار
  • يوسف ڳوٺ
  • منگھو پير

بن قاسم ٽائون

  • گھگرڦاٽڪ
  • گلشن حديد
  • لانڍي
  • قائد آباد
  • ڀينس ڪالوني
  • ريڙھي ڳوٺ

حوالا[سنواريو]

  1. شہری ضلعی حکومت کی تاریخ آرڪائيو ڪيا ويا 2008-09-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. - شہری ضلعی حکومت کراچی کی باضابطہ ویب سائٹ
  2. کراچی شہری ضلعی حکومت آرڪائيو ڪيا ويا 2002-03-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. - قصبہ جات کے نقشے
  3. کراچی پلس ڈاٹ کام آرڪائيو ڪيا ويا 2010-01-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. - شہر کراچی کے نقشے