مواد ڏانھن هلو

پاڪستاني عام چونڊون، 2018ع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
2018ع پاڪستاني عام چونڊون

 2013ع 25 جولاءِ 2018ع ايندڙ 
 پاڪستان جي 14ھين قومي اسيمبلي جي رڪنن جي فھرست
پاڪستان جي 15ھين قومي اسيمبلي جي رڪنن جي فھرست 
رايو پولنگ
ٽرن آئون55.8%[1] (Increase 0.8pp)
 
جماعت پي ٽي آئي پي ايم ايل (ن) پ پ پ
مقبول ووٽ 16,903,702 12,934,589 6,924,356
سيڪڙو 31.82% 24.35% 13.03%


وزيراعظم چونڊن کان اڳ

شاھد خاقان عباسي
پي ايم ايل (ن)

چونڊيل وزيراعظم

عمران خان
پي ٽي آئي

2018ع جون عام چونڊون 25 جُولاءِ 2018ع تي ٿي گذريون. [2] جون 2017ع ۾ اڪنامڪ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي پاڪستان نئين سرڪاري ڇاپي خاني جي قيام جي قرارداد منظور ڪئي، جنهن جي مطابق اُنکي جون 2018ع تائين 864 ملين روپيا بطور قرض ادا ڪيو وڃي ته جيئن نوان ووٽ ڇاپيا وڃن۔ نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي وڌيڪ هدايت ڪئي وئي ته شفاف چُونڊُن جي قيام لاءِ نئون سافٽ وئيرن ۽ جديد اوزارن جي حصول ۾ مدد ڪريو۔ وزير قانون زاهد حامد بيان ڏنو ته اُهي فردَ جيڪي 18 سال جي عمر تائين پهچي چڪا هُجن، اُنهن جي قومي شناختي ڪارڊ جي اجراءَ لاءِ اُنهن جي نالن جي فهرست تيار ڪئي ويندي ۔

دهشتگردي

[سنواريو]

چونڊ مهم دوران دهشتگرد ڪاروايون 10 جُولاءِ يعني چونڊن کان 15 ڏينهن اڳ شروع ٿيون. 10 جُولاءِ تي پشاور ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي چونڊ ۾ مهم ۾ ڌماڪي سبب، بشير بلور جي پٽ هارون بلور سميت 22 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي پيا.[3]13 جُولاءِ تي بنو ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي چونڊ مهم کي بم سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 قتل ۽ 25 زخمي ٿي پيا.[4] ان کان پوءِ مستونگ، بلوچستان ۾ چونڊ مهم دوران ڌماڪي ۾ اسلم رئيساڻي سميت 149 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 186 زخمي ٿي پيا.[5] 22 جُولاءِ تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ خودڪش بم ڌماڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار اڪرام الله گنڊاپور قتل ٿي ويو.[6] 25 جُولاءِ يعني چونڊن واري ڏينهن تي ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 31 ماڻهو قتل ٿيا.[7]

تڪرار

[سنواريو]

فارم 45

[سنواريو]

فارم 45 هڪ ڪاغذ هوندو آهي، ۾ جنهن هڪ پولينگ اسٽيشن ۾ چونڊن کان پوءِ، ڪنهن اڳواڻ ڪيترا ووٽ کنيا ان جا تفصيل لکيل هوندا آهن، ان فارم ۾ رٽرننگ آفيسر ۽ چونڊ عملي جون صحيحون موجود هونديون آهن.[8] ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فيصل سبزواري چونڊون ختم ٿيڻ جي ڪجهه وقت کان پوءِ ئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته انهن کي فارم 45 تي نتيجا ڏيڻ بجاءِ سادي ڪاغذ تي نتيجا ڏنا پيا وڃن. [9] پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف لاهور ۾ چونڊون ختم ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندن ڪيترن ئي پولنگ ايجنٽن کي فارم 45 تي سرڪاري نتيجا نه پيا ڏن وڃن.[10] ساڳي قسم جا الزام پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پڻ پريس ڪانفرنس ڪندي هنيا ته فارم 45 بجاءِ خالي پنن تي نتيجا جاري ڪيا پيا وڃن.[11] اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح الزامن کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هر پولنگ اسٽيشن تي فارم 45 موجود آهي، جن پارٽين کي شڪايتون آهن اهي اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائين.[10]

نتيجن ۾ دير

[سنواريو]

ڇونڊون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نتيجا اچڻ ۾ ڪافي دير ٿي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح مطابق نتيجن ۾ ديري جو سبب ٽيڪنيل مسئلو هو، جيڪو اليڪشن ڪميشن پاران ٺاهيل هڪ ايپ جو درست ڪم نه ڪرڻ سبب ٿيو. هن چيو چونڊ نتيجن ۾ تاخير ڪنهن جي دٻاءُ سبب ناهي، پر آر ٽي ايس جي خرابي سبب دير ٿي آهي. اليڪشن ڪميشن جي مطابق اهو ايپ پهرين دفعا پاڪستان ۾ استعمال ڪيو ويو ان کان اڳ اهو طريقار اپنايو نه ويو هو.[12]

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Voter turnout stood at 55.8 per cent, says ECP". Ecp.gov.pk. 27 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  2. Govt of Pakistan on Twitter: "Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi has said that general elections will be held in the country on 15th July next year.… https://t.co/LcndifJvFO%22
  3. "Peshawar suicide blast death toll rises to 22". جيو ٽي وي. 13 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  4. "Four killed, 25 injured in Bannu blast". ڊان. 17 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  5. "New video of Mastung election rally bombing surfaces as death toll hits 149". جيو ٽي وي. 17 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  6. "PTI's Ikramullah Khan Gandapur martyred in DI Khan suicide blast". Express Tribune. 22 July 2018. 25 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  7. "31 killed, several injured in Quetta blast". Daily Times. 25 July 2018. 26 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  8. علي, سرفراز. "فارم 45 ڇا آهي". ڊيلي پاڪستان. 26 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  9. "MQM-P expresses apprehensions on elections results in Karachi". آي آر وائي نيوز. 26 July 2018 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
  10. 1 2 "'PML-N rejects poll results,' declares Shahbaz Sharif". ڊان. 26 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  11. "PPP leaders slam ECP over election 'irregularities'". The news. 26 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  12. "Election results delayed due to technical glitch: ECP". جيو نيوز ٽي وي. 26 July 2018 تي حاصل ڪيل.