جميعت علماءِ اسلام

جميعت علماءِ اسلام پاڪستان جي ھڪ سياسي جماعت آھي. ھن جماعت جو قيام 1945ع ۾ هن وقت عمل ۾ آيو، جڏھن جميعت علماءِ ھند برطانوي ھندستان جي ورھاڱي جي حوالي سان انڊين نيشنل ڪانگريس جي موقف جي حمايت ڪئي. ھن موقف سان اختلاف تي علامہ شبير احمد عثماني جي زير قيادت جميعت علماءِ اسلام وجود ۾ آئي.
جميعت علماءِ اسلام ديوبندي مسلڪ جي نمائنده تنظيم آھي. جيڪا پاڪستان ۾ ايوب خان جي دور تائين مذھبي جماعت جي حيثيت سان ئي نمايان رھي پر ايوبي دور ۾ جديديت ۽ لادينيت جي مخالفت ۾ ھي مفتی محمود جي قيادت ۾ سياسي سرگرمين ۾ گھڙي پئي. 1960ع جي ڏھائي جي آخر ۾ ايوب خان جي حڪومت جي خاتمي کانپوء سال 1970ع جي عام چونڊن ۾ جميعت علماءِ اسلام چونڊن ۾ حصو ورتو. 1972ع کان 1973ع تائين مفتي محمود سرحد (هاڻ خيبرپختو نخواه جو وزير اعليٰ به رھيو.
نظرياتي طور تي جميعت علماءِ اسلام اسلامي قانون جي نفاذ جي حامی آھي ۽ انھيءَ ڪري جماعت افغانستان ۾ طالبان جي زبردست حمايت ڪندي رھي آھي. جميعت علماءِ اسلام سڄي پاڪستان ۾ ھزارين مدرسا قائم ڪيا جيڪي ڪنھن به ٻئي مذھبي تنظيم کان وڌيڪ تعداد ۾ آھن.
سها مذھبي جماعتن جي اتحاد، متحده مجلس عمل ۾ به شامل رھي آھي. جنھن 2002ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي 73 نشستون ۽ 11.21سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا ھئا.
2008ع جي عام چونڊن ۾ متحده مجلس عمل جي ٻين اھم جماعت، جماعت اسلامي پاڪستان جي بائيڪاٽ جي ڪارڻ، صرف جميعت علماءِ اسلام (ف) مجلس عمل جي طرف سان حصو ورتو ۽ قومي اسيمبلي جي صرف 6 نشستن تي ڪاميابي حاصل ڪري سگھي۔ عورتن لاءِ مخصوص ھڪ نشست ملائي ڪري ڪل تعداد 7 ٺھي ٿي. صوبائي اسيمبلي ۾ جمعیت علماءِ اسلام (ف) صرف 14 نشستون حاصل ڪيون، جنهن ۾ اٺ (8) نشستون بلوچستان اسيمبلي، 4 نشستون خيبر پختونخوا جي اسيمبلي ۽ 2 نشستون پنجاب اسيمبلي جي شامل هيون.
لاڳاپيل مضمون
[سنواريو]جمعیت طلباء اسلام
جمعیت علماء پاکستان
جمعیت علماء ھند