جميعت علماءِ اسلام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جميعت علماء اسلام جو جھنڊو

جميعت علماءِ اسلام پاڪستان جي ھڪ سياسي جماعت آھي۔ ھن جماعت جو قيام 1945ء ۾ ان وقت عمل ۾ آيو جڏھن جميعت علماءِ ھند ھندستان جي ورھاڱي جي حوالي سان انڊين نيشنل ڪانگريس جي موقف جي حمايت ڪئي، اھڙي طرح ھن موقف سان اختلاف تي علامہ شبير احمد عثماني جي زير قيادت جميعت علماءِ اسلام وجود ۾ آئي۔

جميعت علماءِ اسلام ديوبندي مسلڪ جي نمائنده تنظيم آھي جيڪا پاڪستان ۾ ايوب خان جي دور تائين مذھبي جماعت جي حيثيت سان ئي نمايان رھي پر ايوبي عھد ۾ جديديت ۽ لادينيت جي مخالفت ۾ ھي مفتی محمود جي زير قيادت سياسي سرگرمين ۾ گھڙي پئي۔ 1960ء جي ڏھائي جي آخر ۾ ايوب خان جي حڪومت جي خاتمي کان بعد 1970ء جي عام چونڊن ۾ جميعت علماءِ اسلام چونڊن ۾ حصو ورتو۔ 1972ء کان 1973ء تائين مفتي محمود سرحد جو وزير اعليٰ به رھيو۔

نظرياتي طور تي جميعت علماءِ اسلام روايتي اسلامي قانونن جي حامی آھي ۽ انھيءَ ڪري جماعت افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي زبردست حمايت ڪندي رھي آھي۔ جميعت علماءِ اسلام سڄي پاڪستان ۾ ھزارين مدرسا قائم ڪيا جيڪي ڪنھن به ٻي مذھب تنظيم کان وڌيڪ تعداد ۾ آھن۔

مذھبي جماعتن جي اتحاد متحده مجلس عمل ۾ به ھي جماعت شامل رھي آھي. جنھن 2002ء جي عام چونڊن ۾ 73 نشستون ۽ 11.21سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا ھئا۔

2008ء جي عام چونڊن ۾ متحده مجلس عمل جي ٻين اھم جماعت جماعت اسلامي جي مقاطعي جي ڪري صرف جميعت علماءِ اسلام ف حصو ورتو ۽ قومي اسيمبلي جي صرف 6 نشستن جي حاصل ڪري سگھي۔ عورتن جي لاءِ مخصوص ھڪ نشست ملائي ڪري ڪل تعداد 7 ٺھي ٿي۔ صوبائي اسيمبلي ۾ جمعیت علماءِ اسلام ف صرف 14 نشستون حاصل ڪيون ۽ 371 رڪني پنجاب اسيمبلي ۾ صرف 2 نشستون ھن جي ھٿ لڳيون۔

لاڳاپيل مضمون[سنواريو]

جمعیت طلباء اسلام

جمعیت علماء پاکستان

جمعیت علماء ھند