رٽرننگ آفيسر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
2008ع جي الڪيشن دوران شهري ووٽ جو حق استعمال ڪندي

رٽرننگ آفيسر (انگريز: Returning Officer مخفف آر. او. يا RO) ھڪ آفيسر، جيڪو هڪ يا هڪ کان وڌيڪ تڪن ۾ چونڊن جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي.

پاڪستان[سنواريو]

پاڪستان ۾ نئين اليڪشن قانون، اليڪشن ايڪٽ 2017، مطابق رٽرننگ آفيسر کي ذميداري ڏيڻ کان اڳ يا ان وقت کائنس قسم ورتو ويندو جنھن جو ھي پابند رھندو آھي. ھن جي ذميداري م ھيٺيان ڪم شامل آهن:

  • چونڊ جي مرحلي جي قانون مطابق سرانجامي.
  • چونڊ لاءِ عام پبلڪ کي نوٽس جاري ڪرڻ.
  • اميدوارن کان مقرر وقت اندر نامينيشن پيپر وصول ڪرڻ.
  • نامينيشن پيپرن جي جاچ پڙتال (scrutiny) قانون مطابق ڪرڻ.
  • پولنگ اسٽيشن لاء مناسب عمارت جو تعين ڪرڻ
  • پولنگ جي لاءِ غير جانبدار پولنگ اسٽاف جي پولنگ اسٽيشن تي مقرري ڪرڻ.
  • پرزائيڊنگ آفيسرن کان قسم وٺڻ.
  • اليڪشن جو حساس ۽ غير حساس سامان وقت سر پولنگ اسٽيشن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪرڻ.
  • پولنگ اسٽاف کي مناسب تربيت ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ
  • مستحق ماڻھو کي پوسٽل بيلٽ پيپر جاري ڪرڻ
  • پرزائيڊنگ آفيسر(پولنگ اسٽيشن) کان نتيجا وصول ڪرڻ
  • ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر کي ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ابتدائي نتيجا موڪلڻ
  • پرزائيڊنگ آفيسرن جي نتيجن کي ملائي گڏ ڪرڻ
  • مجموعي نتيجا اليڪشن ڪميشن کي موڪلڻ
  • ٽيمپر ايوڊنٽ يا پولنگ بيگ اليڪشن ڪميشن يا ٽريزري ۾ جمع ڪرائڻ.
  • شڪايتن جو تصفيو ڪرڻ ۽ ماجسٽريٽ جا اختيار بوقت ضرورت استعمال ڪرڻ
  • ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي عمل درآمد ڪرائڻ

آسٽريليا[سنواريو]

آسٽريليا ۾ رٽرننگ آفيسر، آسٽريليا جي چونڊن واري ڪميشن جو ميمبر هوندو آهي.

جرمني[سنواريو]

جرمني ۾ هڪ وفاقي رٽرننگ آفيسر هوندو آهي ۽ هر رياست لاءِ هڪ الڳ رٽرننگ آفيسر مقرر هوندو آهي.

هانگ ڪانگ[سنواريو]

هانگ ڪانگ ۾ رٽرننگ آفيسر، هڪ حڪومتي عملدار کي مقرر ڪيو ويندو آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. "Appointment of returning officers and assistant returning ofiicers". Electoral Affairs Commission, the Government of the Hong Kong Special Administration Region. حاصل ڪيل 7 May 2011. 
  2. "Administrative Officer Grade". Civil Service Bureau, the Government of the Hong Kong Special Administrative Region. حاصل ڪيل 7 May 2011.