شيخ ڀرڪيو
شيخ ڀرڪيو | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل | |
Sheikh Bhirkyo | |
جاگرافي بيهڪ: 25°15′20″N 68°39′45″E / 25.25556°N 68.66250°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ٽنڊو محمد خان |
شيخ ڀرڪيو(انگريزي: Sheikh Bhirkyo ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي ٽنڊو محمد خان جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 1 شيخ ڀرڪيو آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. شيخ ڀرڪيو ٽنڊوالهيار- ٽنڊو محمد خان روڊ تي ٽنڊوالهيار کان 25 ڪلوميٽرن[1] جي فاصلي تي ۽ ٽنڊو محمد خان کان 18 ڪلوميٽرن تي واقع آھي. ھن شھر کان ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٽنڊو غلام علي روڊ تي فاران شگر مل واقع آهي. شھر جو پوسٽل يا زپ ڪوڊ 70200 آھي.
نالو
[سنواريو]ھن شھر جو نالو سورھين صدي عيسويءَ جي سھروردي سلسلي جي صوفي بزرگ شيخ ڀرڪيو[1] جي نالي تي رکيل آھي جنھن جي درگاھ اتي موجود آهي جتي ڪيترائي مسلمان ۽ ھندو عقيدتمند زيارت لاء پري پري کان ايندا آهن. درگاھ سان لڳ ٻي مسجدون پڻ واقع آهن.