ٻيون فتنو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ٻيون فتنو يا ٻين گھرو ويڙهه (680ع کان 692ع[1]) ابتدائي خلافت اموي جي زماني ۾ اسلامي ڪميونٽي ۾ عام سياسي ۽ فوجي انتشار ۽ اختلافن جو دور هو.[1] اهو پهرين اموي خليفي معاويه اول جي موت کانپوءِ 680ع ۾ شروع ٿيو[2] ۽ تقريبن ٻارهن سالن تائين جاري رهيو. جنگ ۾ اموي خلافت کي ٻن چيلينجن جو مهاڏو هيو، پهريون حسين ابن علي ۽ سندس حامين سليمان بن سرد ۽ مختار الثقفي، جن عراق ۾ حسين جي قتل جي انتقام جي لاءِ تحريڪون هلايون، ۽ ٻيو عبدالله ابن الزبير طرفان.

ٻئين فتني جا بنيادي سبب پهرين فتني سان جڙيل آهن. ٽئين خليفي عثمان جي قتل کان پوءِ اسلامي برادري قيادت جي سوال تي پنهنجي پهرين گهرو ويڙهه جو تجربو ڪيو جنهن ۾ خلافت جا مکيه مدعي علي ۽ معاويه هئا. 661ع ۾ علي جي قتل ۽ ساڳئي سال سندس جانشين حسن جي دستبرداري بعد معاويه خلافت جو اڪيلو حاڪم ٿيو. معاويه پاران پنهنجي پٽ يزيد کي خليفو نامزد ڪرڻ جو بي مثال اقدام جي سخت مخالفت ٿي ۽ معاويه جي مرڻ کان پوءِ مخالفت ۽ چڪتاڻ وڌي ويئي. حسين بن علي کي ڪوفي جي علوي حامين طرفان دعوت ڏني وئي ته بني اميه جو تختو اونڌو ڪرڻ جي لاءِ هو سندن اڳواڻي ڪري پر هو پنهنجي ڪجهه ساٿين سان ڪوفي ويندي ڪربلا جي جنگ ۾ آڪٽوبر 680ع ۾ مارجي ويو. حجاز ۾ ابن الزبير ۽ مدني انصار طرفان يزيد جي مخالفت وڌڻ لڳي. يزيد جي فوج آگسٽ 683ع ۾ مديني ۾ حڪومت مخالف باغين کي حملو ڪري شڪست ڏني ۽ بعد ۾ مڪي جو محاصرو ڪيو جتي ابن الزبير جو هيڊڪوارٽر هيو. ان ئي سال نومبر ۾ يزيد جي فوت ٿيڻ کان پوءِ محاصرو ختم ٿي ويو ۽ اموي خلافت جو اثر رسوخ شام جي ڪجھ حصن کان سواءِ مڪمل ختم ٿي ويو؛ اڪثر صوبن ابن الزبير کي خليفي طور تسليم ڪيو. حسين جي قتل جي انتقام جو مطالبو ڪرڻ واري حامي تحريڪن جو هڪ سلسلو ڪوفي ۾ ابن سرد جي توابين تحريڪ سان شروع ٿيو. توابين کي اموين جنوري 685ع ۾ عين الواردا جي جنگ ۾ ڪچلي ڇڏيو ۽ ڪوفي تي وري مختار قبضو ڪيو. جيتوڻيڪ هن جي فوجن آگسٽ 686ع ۾ خاذر جي جنگ ۾ وڏي اموي فوج کي شڪست ڏني پر مختار ۽ سندس ساٿين اپريل 687 ۾ زبيرين جي هٿان شڪست کاڌي ۽ قتل ڪيا ويا. عبدالملڪ ابن مروان جي قيادت ۾ اموين عراق ۾ مسڪن جي جنگ ۾ زبيرين کي شڪست ڏيڻ ۽ 692ع ۾ مڪي جي محاصري ۾ ابن الزبير کي قتل ڪرڻ کان پوءِ خلافت تي پنهنجو ڪنٽرول بحال ڪري ورتو.

عبد الملڪ خلافت جي انتظامي ڍانچي ۾ اهم سڌارا ڪيا، بشمول خليفي جي اختيارن ۾ اضافو، فوج جي نئين سر انتظامي جوڙجڪ ۽ بيوروڪريسي کي عربي ۽ اسلامي رنگ ڏيڻ. ٻي فتنه جي واقعن اسلام ۾ فرقيواريت جي رجحان کي تيز ڪيو ۽ مختلف عقائد جا بنياد پيا جيڪي بعد ۾ اسلام جي سني ۽ شيعه فرقن جو بنياد بڻيا.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "The Second Fitna". World History Project. حاصل ڪيل 2021-01-05. 
  2. "Umayyad Dynasty". Ancient History Encyclopedia. حاصل ڪيل 2021-01-05.